bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Zechariah 6
Zechariah 6
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 5
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 7 →
1
مون وري رويا ڏٺي، جنهن ۾ پتل جي ٻن جبلن منجھان چار جنگي گھوڙي گاڏيون نڪرندي ڏٺم.
2
پهرين گاڏيءَ جا گھوڙا ڳاڙهي رنگ جا هئا ۽ ٻيءَ جا گھوڙا ڪاري رنگ جا هئا.
3
ٽين گاڏيءَ جا گھوڙا اڇي رنگ جا هئا ۽ چوٿين گاڏيءَ جا گھوڙا ابلق هئا. اهي سڀ طاقتور هئا.
4
مون رويا سمجھائڻ واري انهيءَ ملائڪ کان پڇيو تہ ”اي منهنجا سائين! هن مان ڇا مراد آهي؟“
5
ان ملائڪ مون کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”اهي چار آسماني هوائون آهن، جيڪي رب العالمين جي حضوريءَ مان نڪتيون ٿيون اچن.
6
جنهن گاڏيءَ ۾ ڪارا گھوڙا آهن سا اتر طرف بابل ملڪ ڏانهن ٿي وڃي، اڇن گھوڙن واري گاڏي اولاهين ملڪ ڏانهن ۽ ابلق گھوڙن واري گاڏي ڏاکڻي ملڪ ڏانهن ٿي وڃي.
7
انهن سڀني طاقتور گھوڙن وارين گاڏين تي سوار ٿيل پرجوش نموني سان دنيا جي حالات کي جاچڻ لاءِ نڪتا آهن.“ تڏهن انهيءَ ملائڪ انهن گھوڙي سوارن کي حڪم ڏنو تہ ”وڃو، سڄي دنيا جي حالات کي جاچي اچو.“ سو هو انهيءَ مقصد لاءِ روانا ٿي ويا.
8
تڏهن ملائڪ مون کي وڏي واڪي چيو تہ ”ڏس، اهي جيڪي اتر طرف بابل ملڪ ڏانهن وڃن ٿا، سي انهيءَ ملڪ ۾ پهچي اهڙا تہ ڪم ڏيکاريندا جو خداوند جي ڪاوڙ ڍري ٿي ويندي.“
9
پوءِ خداوند مون کي فرمايو تہ
10
”اي زڪرياہ! تون اڄ ئي يوسياہ ولد صفنياہ جي گھر وڃ، جتي بابل جي جلاوطنيءَ کان تازو موٽي آيلن مان خلدي، طوبياہ ۽ يدعياہ تو کي سون ۽ چاندي ڏيندا.
11
اهو سون ۽ چاندي کڻي وڃي تون انهن مان هڪڙو تاج ٺهراءِ ۽ اهو تاج سردار ڪاهن يشوع ولد يهوصدق جي مٿي تي وڃي رک.
12
پوءِ مون قادرمطلق خداوند جو هي فرمان کيس ٻڌاءِ تہ ’هڪڙو شخص، جنهن کي مون ”نئون ڦٽندڙ سلو“ جو نالو ڏنو آهي، سو وڌي ڦلدار ٿيندو ۽ مون خداوند جي هيڪل کي نئين سر تعمير ڪندو.
13
هائو، اهو ئي مون خداوند جي هيڪل تعمير ڪندو. سندس شان وَ شوڪت وڌي ويندو ۽ اهو پنهنجي تخت تي ويهي حڪمراني ڪندو. درٻار ۾ هو پنهنجي ساڄي هٿ تي ڪاهن کي ويهاريندو ۽ اهي ٻيئي پاڻ ۾ اتفاق سان صلاح مصلحت ڪندا.‘
14
اهو تاج خلدي، طوبياہ، يدعياہ ۽ يوسياہ ولد صفنياہ جي يادگار طور خداوند جي هيڪل ۾ رهندو.“
15
اي يهوداہ وارؤ! ڏسو، پري پري رهڻ وارا بہ اچي خداوند جي هيڪل ٺاهڻ ۾ مدد ڪندا، تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ قادرمطلق خداوند ئي مون کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي. جيڪڏهن اوهين دل سان خداوند پنهنجي خدا جا فرمانبردار رهندا تہ پوءِ اهي ڳالهيون پوريون ٿينديون.
← Chapter 5
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 7 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14