bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Zechariah 9
Zechariah 9
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 8
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 10 →
1
هي خداوند جو پيغام آهي. خداوند ، جيڪو نہ رڳو بني اسرائيل کي، بلڪ پوري بني آدم کي نظر ۾ رکي ٿو، سو حدراڪ ملڪ توڙي دمشق شهر کي سزا ٻڌائي ٿو.
2
هو حمات علائقي کي بہ نظر ۾ رکي ٿو، جنهن جي سرحد حدراڪ سان ملي ٿي. صور ۽ صيدا شهر بہ سندس نظر کان بچيل نہ آهن، توڙي جو سندن رهاڪو ٻين جي ڀيٽ ۾ ڏاڍا هنرمند آهن.
3
صور وارن پنهنجي حفاظت لاءِ مضبوط قلعو ٺاهيو آهي، ۽ رستن جي ڌوڙ وانگر سون ۽ چانديءَ جا ڍير لڳايا اٿائون.
4
پر رب العالمين هنن جو سڄو مال ملڪيت اڏائي ڇڏيندو. هائو، هو سندن طاقت سمنڊ ۾ اڇلائي وجھندو، ۽ سندن شهر کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندو.
5
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي فلستيؤ! اوهان جي شهر اسقلون جا رهاڪو اهو سڀ ڏسي ڊڄي ويندا، غزہ توڙي عقرون شهر وارن کي اهو ڏسي دهشت وٺي ويندي، اهڙيءَ طرح سندن اميد خاڪ ۾ ملي ويندي. غزہ شهر جي بادشاهيءَ جو خاتمو ٿيندو، جڏهن تہ اسقلون شهر ويران ٿي ويندو،
6
۽ اشدود شهر تي حرامي اولاد قبضو ڪري وٺندو. ياد رکو، آءٌ اوهان فلستين جو غرور ٽوڙي ڇڏيندس.
7
آءٌ اوهان کي اهڙي سيکت ڏيندس، جو اڳتي اوهين ڪو حرام کاڌو نہ کائيندا، هائو، نہ رت لڳل گوشت ۽ نہ وري ڪو منع ڪيل کاڌو. منهنجي ڏنل سيکت کان پوءِ جيڪي بچي ويندا، سي مون خداوند جا هوندا، ۽ انهن کي بہ يهوداہ وارن جهڙا حق حاصل هوندا. هائو، عقرون شهر وارا بہ يبوسين وانگر منهنجي قوم جا سمجھيا ويندا.
8
آءٌ پنهنجي ملڪ تي نظرداري ڪري رهيو آهيان، سو اڳتي ڪوبہ ڦورو ٽولو ان کي نقصان پهچائي نہ سگھندو، نڪي وري ڪو ظالم منهنجي قوم کي لتاڙي سگھندو.“
9
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي صيئون جا رهاڪؤ! ڏاڍا سرها ٿيو، هائو، اي يروشلم جا رهاڪؤ! خوشيءَ وچان نعرا هڻو. ڏسو، توهان جو بادشاهہ توهان وٽ اچي ٿو، جيڪو سچار ۽ فاتح آهي. انهيءَ هوندي بہ هو ايترو تہ حليم آهي، جو گڏهہ تي سوار آهي، هائو، گڏهِہ جي ٻچي تي.
10
آءٌ اسرائيل ۽ يهوداہ مان جنگ ختم ڪري ڇڏيندس. هائو، اتان آءٌ جنگي گھوڙا ۽ گھوڙي گاڏيون هٽائي ڇڏيندس، ۽ جنگي هٿيار ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندس. اوهان جو اهو بادشاهہ قومن منجھہ امن وَ سلامتي آڻيندو. اولهہ کان اوڀر تائين توڙي اتر کان ڏکڻ تائين، هن جي ئي حڪومت پيئي هلندي.
11
اوهان ۽ منهنجي وچ ۾ رت سان قائم عهد اقرار سبب، آءٌ اوهان جي جلاوطن ٿيلن کي ڄڻ انڌي کوهہ مان ٻاهر ڪڍي آڻيندس.“
12
سو خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي جلاوطنؤ! اوهين، جيڪي مون تي آسرو ڪيو ويٺا آهيو، هاڻي پنهنجي قلعي واري شهر يروشلم ۾ موٽي اچو. هاڻي ئي ٻڌي ڇڏيو تہ آءٌ اوهان کي ٻيڻو اجورو عطا ڪندس.
13
انهيءَ لاءِ آءٌ اوهان يهوداہ وارن توڙي اسرائيل وارن کي پنهنجي تيرڪمان جيان جنگ ۾ استعمال ڪندس. هائو، اي صيئون وارؤ! آءٌ اوهان جي جنگي جوڌن کي اٿاري کڙو ڪندس، ۽ يونان جي لشڪر خلاف پنهنجي تلوار جيان استعمال ڪندس.
14
آءٌ خداوند جڏهن جنگ جي نفيل وڄائيندس، تڏهن ڏکڻ جي طوفان جيان اچي ڪڙڪندس، ۽ پنهنجا تير کِنوڻ جي صورت ۾ دشمنن تي ڪيرائيندس. اهڙيءَ طرح آءٌ خداوند پنهنجي قوم تي پاڻ کي ظاهر ڪندس.
15
آءٌ قادرمطلق خداوند پنهنجي قوم جي حفاظت ڪندس. پوءِ هو پنهنجي دشمنن ۾ تباهي مچائي مٿن غالب ايندا. هائو، هو مئي پيئندڙن وانگر مست ٿي جنگ ۾ گجندا وتندا. جيئن قربانگاهہ تي قربانيءَ جي جانور جي وهندڙ رت مان ٿانءُ ڀرجي ٽمٽار ٿي ويندو آهي، تيئن هو دشمنن جو رت وهائيندا.
16
انهيءَ ڏينهن آءٌ خداوند خدا پنهنجي قوم کي ائين بچائي وٺندس، جيئن ڪو ريڍار پنهنجي ڌڻ کي خطري مان بچائي ٿو وٺي. اهي منهنجي ملڪ ۾ ائين چمڪندا، جيئن هيرا جواهر تاج ۾ چمڪندا آهن.
17
هنن جا نوجوان ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون جھجھي اناج ۽ مئي سان پلي وڏا ٿيندا. هائو، اهي ڪيڏا نہ خوشحال ۽ صحتمند هوندا!“
← Chapter 8
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 10 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14