bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Zechariah 2
Zechariah 2
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 3 →
1
مون وري هڪڙي ٻي رويا ڏٺي، جنهن ۾ مون هڪڙي شخص کي پنهنجي اڳيان لنگھندي ڏٺو. سندس هٿ ۾ ماپ واري ڏوري هئي.
2
مون کانئس پڇيو تہ ”تون ڪيڏانهن ٿو وڃين؟“ هن مون کي وراڻيو تہ ” يروشلم کي ماپڻ ٿو وڃان، ڏسان تہ ان جي ڊيگھہ ۽ ويڪر ڪيتري آهي.“
3
تڏهن رويا سمجھائڻ وارو ملائڪ مون کان اڳتي وڌيو تہ هڪڙو ٻيو ملائڪ ساڻس اچي مليو.
4
هن اچي کيس چيو تہ ”ڊوڙ ۽ انهيءَ شخص کي وڃي ٻڌاءِ تہ يروشلم شهر ۾ انسان توڙي جانور ايترا تہ گھڻا ٿي ويندا جو ڪوٽ جي حد ۾ نہ ماپندا، بلڪ ان کان ٻاهر بہ سندن آبادي وڌي ويندي.
5
انهيءَ سبب جو خداوند ٿو فرمائي تہ ’آءٌ پاڻ انهيءَ جي حفاظت لاءِ ان جي چوڌاري باهہ جي ڀت وانگر ٿيندس ۽ آءٌ ئي منجھس رهي ان جو شان وَ شوڪت وڌائيندس.‘“
6
خداوند يهوداہ وارن کي فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم! مون ئي اوهان کي دنيا جي چئني طرفن ڏانهن ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيو هو. پر هاڻي اوهين صيئون ڏانهن موٽي اچو، اتر وارن ملڪن مان ڀڄي اچو. هائو، اوهين بابل جي بادشاهتن مان ڀڄي نڪرو.“
8
اي يهوداہ وارؤ! قادرمطلق خداوند پنهنجي جلال کي ظاهر ڪرڻ بعد مون زڪرياہ کي پيغام ڏيئي انهن قومن ۾ موڪليو، جن اوهان کي ڦري لٽي ڇڏيو آهي. هو اوهان بابت کين فرمائي ٿو تہ ”جيڪو منهنجي قوم تي هٿ کڻي ٿو، سو ڄڻ تہ منهنجي اک جي ماڻڪيءَ کي ٿو ڇهي.
9
سو آءٌ ضرور اوهان جي خلاف پنهنجو هٿ کڻندس تہ جيئن بدلي ۾ اوهان جا ئي غلام اوهان کي لٽين ڦرين.“ اهو سڀ ٿيڻ تي اوهين ڄاڻي وٺندا تہ قادرمطلق خداوند ئي مون کي موڪليو آهي.
10
خداوند ٿو فرمائي تہ ”اي صيئون وارؤ! گيت ڳايو ۽ خوشيون ملهايو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ايندس ۽ اوهان منجھہ اچي رهندس.“
11
انهيءَ ڏينهن گھڻيون ئي قومون خداوند آڏو توبهہتائب ٿينديون ۽ سندس قوم بڻبيون. سو جڏهن خداوند اوهان يهوداہ وارن جي وچ ۾ اچي رهندو، تڏهن اوهان کي خبر پوندي تہ انهيءَ قادرمطلق خداوند ئي مون کي موڪليو آهي.
12
انهيءَ ڏينهن خداوند پنهنجي پاڪ ملڪ مان وري بني يهوداہ واري حصي کي پنهنجي ميراث قرار ڏيندو ۽ يروشلم کي وري پنهنجو شهر ڪري قبول فرمائيندو.
13
اي بني آدم! خداوند اسان وٽ اچڻ لاءِ پنهنجي عرش عظيم تان اٿيو آهي. سو اوهين سندس حضور ۾ ماٺ رهو.
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 3 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14