bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Zechariah 3
Zechariah 3
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 4 →
1
رويا ۾ خداوند مون کي سردار ڪاهن يشوع ڏيکاريو، جيڪو خداوند جي ملائڪ جي اڳيان بيٺو هو ۽ شيطان يشوع جي ساڄي پاسي کان بيٺو هو انهيءَ لاءِ تہ مٿس الزام مڙهي.
2
تڏهن خداوند جي ملائڪ شيطان کي چيو تہ ”اي شيطان! شل خداوند جي تو تي ملامت هجي! هائو، اهو خداوند جنهن يروشلم کي پنهنجو شهر ڪري چونڊيو، سو شل هميشہ تو تي ملامت ڪندو رهي! ڏس، هن شخص کي خداوند انهيءَ ڪاٺيءَ جيان بچايو آهي، جيڪا باهہ مان ڇڪي ڪڍي ويئي هجي.“
3
انهيءَ وقت ملائڪ جي اڳيان بيٺل يشوع کي ميرا ڪپڙا پهريل هئا.
4
سو ملائڪ پنهنجي سامهون بيٺلن کي چيو تہ ”هن جا ميرا ڪپڙا لاهيو.“ پوءِ هن يشوع کي چيو تہ ”ڏس، انهيءَ مان مراد آهي تہ تو تان تنهنجا گناهہ لاٿا ويا آهن ۽ هاڻ آءٌ تو کي عمدا ڪپڙا ڍڪائيندس.“
5
ملائڪ سامهون بيٺلن کي چيو تہ ”هن جي مٿي تي ڌوتل پڳ ٻڌو.“ سو هنن کيس ڌوتل پڳ مٿي تي ٻڌي ۽ ڪپڙا پهرايائونس، جڏهن تہ خداوند جو ملائڪ ڀرسان بيٺو رهيو.
6
خداوند جي ملائڪ يشوع کي تاڪيد ڪندي چيو تہ
7
”قادرمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ’جيڪڏهن تون منهنجي واٽن تي هلندين ۽ وفاداريءَ سان منهنجي هيڪل جي قاعدن قانونن تي هلي خدمت ڪندين تہ پوءِ تون منهنجي انهيءَ هيڪل ۽ منهنجي بارگاهن جو نگران ٿيندين ۽ منهنجي حضور ۾ هنن بيٺلن وانگر تنهنجي بہ دعا ٻڌي ويندي.
8
هاڻي اي سردار ڪاهن يشوع! تون ۽ تنهنجا ماتحت ڪاهن ، جيڪي تنهنجي نگرانيءَ ۾ خدمت ڪندا آهن سي ٻڌو. اوهان جي ڪاهن طور بحالي اچڻ وارين برڪتن جي نشاني آهي تہ آءٌ پنهنجي چونڊيل هڪڙي ٻانهي کي بادشاهہ بڻائڻ وارو آهيان جنهن کي نئون ڦٽندڙ سلو سڏيو ويندو.
9
اي يشوع! ڏس، مون تنهنجي اڳيان جيڪو پٿر لڳايو آهي، تنهن کي ست ڪنڊون آهن ۽ انهيءَ تي آءٌ هيءَ ڳالهہ نقش ڪري ڇڏيندس تہ آءٌ هڪڙي ئي ڏينهن ۾ هن ملڪ جا گناهہ مِٽائي ڇڏيندس.
10
انهيءَ ڏينهن اوهان يهوداہ وارن مان هر ڪو هڪٻئي کي دعوت ڏيئي پنهنجي پنهنجي انگورن ۽ انجيرن جي باغن ۾ امن ۽ سلامتيءَ سان آڻي ويهاريندو.‘ اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 4 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
Recommended Reading
Commentary
Zechariah Commentaries
→
Devotional
Zechariah Devotional Guide
→
Get This Bible
Muslim Study Bible
→