bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Zechariah 14
Zechariah 14
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 13
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
1
اي يروشلم وارؤ! ڏسو، خداوند جو فيصلي وارو ڏينهن اچي ٿو. انهيءَ ڏينهن ڇا ٿيندو جو اوهان جا دشمن اوهان مان مال لٽي ڦري اوهان جي روبرو پاڻ ۾ ورهائيندا.
2
ياد رکو، انهيءَ ڏينهن خداوند سڀني قومن کي يروشلم وٽ گڏ ڪندو، تانتہ اهي اوهان سان جنگ جوٽين. اوهان جي شهر تي قبضو ڪيو ويندو، گھر لٽيا ويندا ۽ عورتن جي بيحرمتي ڪئي ويندي. شهر جا اڌ ماڻهو جلاوطن ڪيا ويندا، باقي جيڪي بچيل هوندا سي شهر ۾ ئي رهندا.
3
پر پوءِ خداوند نڪري اوهان جي دشمن قومن سان وڙهندو، جيئن هو اڳ اوهان جي طرفان وڙهندو رهيو آهي.
4
انهيءَ ڏينهن يروشلم جي سامهون اوڀر ۾ هو زيتون جي ٽڪر تي اچي بيهندو ۽ انهيءَ ٽڪر کي اولهہ کان اوڀر تائين ٻن حصن ۾ چيري ڇڏيندو. اهڙيءَ طرح هڪڙي وڏي ماٿري ٺهي پوندي، ڇوجو اڌ ٽڪر اتر ڏانهن ۽ اڌ ڏکڻ ڏانهن هٽي ويندو.
5
تڏهن اوهان انهيءَ پوري ماٿريءَ منجھان لنگھي ٻاهر ڀڄي ويندا، جيڪا آضل ڳوٺ تائين وڃي نڪرندي. اوهين اتان ائين ڀڄي نڪرندا، جيئن يهوداہ جي بادشاهہ عُزياہ جي زماني ۾ اوهان جا ابا ڏاڏا زلزلي کان ڀڄي نڪتا هئا. تڏهن خداوند منهنجو خدا ايندو ۽ سندس سڀ پاڪ هستيون بہ ساڻس گڏ هونديون.
6
انهيءَ وقت پاري جهڙي ٿڌ نہ هوندي، بلڪ نہ گرمي هوندي، نڪي ٿڌ هوندي.
7
اُنهيءَ وقت لڳاتار روشني هوندي ۽ رات ڏينهن جو چڪر ختم ٿي ويندو، ڇاڪاڻ تہ رات جي وقت بہ اها روشني ختم نہ ٿيندي. ان وقت بابت خدا ئي ڄاڻي ٿو.
8
انهيءَ ڏينهن يروشلم مان آبِحيات جو چشمو وهي نڪرندو، جنهن جو اڌ اوڀر طرف کاري سمنڊ ڏانهن وهندو ۽ اڌ اولهہ طرف ڀونوچ سمنڊ ڏانهن. اهو چشمو اونهاري توڙي سياري وهندو رهندو.
9
سڄيءَ دنيا تي خداوند جي ئي بادشاهي هوندي. ان ڏينهن رڳو خداوند کي ئي معبود مڃيو ويندو ۽ رڳو سندس ئي عبادت ڪئي ويندي.
10
اتر ۾ جِبع کان وٺي ويندي ڏکڻ ۾ رمون تائين سڄو ملڪ سنئون سڌو ميدان ٿي پوندو، جڏهن تہ يروشلم شهر بلنديءَ تي هوندو. هي شهر بنيامين دروازي کان ڪنڊ نالي پراڻي دروازي تائين ۽ حننايل ٺُلهہ کان انگورن جي شاهي چيچڙن تائين پکڙجي ويندو.
11
يروشلم تي وري ڪڏهن بہ تباهي نہ ايندي، بلڪ اهو هميشہ آباد ۽ سلامت رهندو.
12
جيڪي بہ قومون يروشلم تي حملا ٿيون ڪن تن تي خداوند هي آفتون آڻيندو، جو بيٺي بيٺي سندن ماڻهن جو ماس ڳري ويندو، سندن اکيون سندن کانچن ۾ ڳري وينديون ۽ سندن زبانون سندن واتن ۾ ڳري سڙي وينديون.
13
انهيءَ ڏينهن خداوند ماڻهن ۾ ايڏي تہ افراتفري وجھي ڇڏيندو، جو هر ماڻهوءَ کي جيڪو بہ ٻيو ماڻهو هٿ ايندو تنهن تي هو حملو ڪري ڏيندو.
14
يهوداہ وارا بہ يروشلم جي طرفان وڙهندا ۽ آسپاس وارن ملڪن جي دولت يعني سون، چاندي ۽ ڪپڙا وڏي مقدار ۾ گڏ ڪندا.
15
جيڪا آفت يروشلم تي حملو ڪندڙ ماڻهن تي آئي هئي، اها ساڳي ئي آفت گھوڙن، خچرن، اٺن ۽ گڏهن توڙي دشمنن جي لشڪرگاهن ۾ موجود سڀني جانورن تي نازل ٿيندي.
16
جيڪي قومون يروشلم سان وڙهڻ لاءِ آيون هونديون، تن سڀني مان جيڪي بچي ويا هوندا، سي بعد ۾ قادرمطلق خداوند کي بادشاهہ مڃيندي سندس عبادت ڪرڻ ۽ تنبن واري عيد ملهائڻ لاءِ هر سال يروشلم ۾ ايندا رهندا.
17
دنيا جي قومن مان جيڪڏهن ڪابہ قوم قادرمطلق خداوند کي بادشاهہ مڃيندي سندس عبادت ڪرڻ لاءِ يروشلم ۾ نہ ايندي تہ پوءِ اها مِينهن کان محروم رهندي.
18
جيڪڏهن مصري قوم بہ عبادت لاءِ نہ ايندي تہ اها بہ مِينهن کان محروم رهندي. هائو، انهن تي بہ اها مصيبت نازل ٿيندي، جيڪا تنبن واري عيد ملهائڻ لاءِ نہ ايندڙ قومن تي خداوند نازل ڪندو.
19
مصر بلڪ انهن سڀني قومن لاءِ اها ئي سزا هوندي، جيڪي تنبن واري عيد ملهائڻ نہ ايندا.
20
انهيءَ ڏينهن گھوڙن جي گھُنگھرن تي لکيل هوندو تہ ” خداوند جي لاءِ مخصوص.“ خداوند جي گھر جا سمورا ٿانوَ قربانگاهہ جي پيالن وانگر رڳو خداوند لاءِ مخصوص هوندا.
21
يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جو هر هڪ ٿانءُ قادرمطلق خداوند جي لاءِ مخصوص ٿيندو ۽ جيڪي ماڻهو قربانيون ڪرڻ لاءِ ايندا سي سڀ اُهي ٿانوَ کڻي انهن ۾ قربانيءَ وارو گوشت رڌيندا پچائيندا. سو انهيءَ ڏينهن قادرمطلق خداوند جي گھر ۾ ڪوبہ انهن مخصوص ٿانون جو واپار نہ ڪندو.
← Chapter 13
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14