bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Zechariah 5
Zechariah 5
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 6 →
1
مون وري رويا ڏٺي، جنهن ۾ چمڙي جو هڪڙو ويڙهوٽو اڏامندي ڏٺم.
2
رويا سمجھائڻ واري ملائڪ مون کان پڇيو تہ ”تون ڇا ٿو ڏسين؟“ مون وراڻيو تہ ”آءٌ چمڙي جو هڪڙو ويڙهوٽو اڏامندي ڏسان ٿو، جنهن جي ڊيگھہ نَوَ ميٽر ۽ ويڪر ساڍا چار ميٽر آهي.“
3
تڏهن هن مون کي سمجھايو تہ ”انهيءَ ويڙهوٽي ۾ لعنت لکيل آهي، جيڪا بني اسرائيل جي سڄي ملڪ ۾ پکڙجڻ واري آهي. ان ويڙهوٽي جي هڪ پاسي تي لکيل آهي تہ هر چور کي تڙي ڪڍيو ويندو، جڏهن تہ ان جي ٻئي پاسي تي لکيل آهي تہ ڪوڙ تي قسم کڻڻ وارو هر هڪ ماڻهو تڙيو ويندو.
4
قادرمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ’آءٌ اهو ويڙهوٽو انهيءَ لاءِ ٿو موڪليان تہ اها لعنت چور توڙي منهنجي نالي تي ڪوڙو قسم کڻندڙ جي گھرن ۾ گھڙي. اها انهن جي گھرن ۾ رهندي ۽ سندن گھرن کي اهڙيءَ طرح تہ ناس ڪري ڇڏيندي جو انهن ۾ ڪاٺيون توڙي پٿر بہ سلامت نہ رهندا.‘“
5
تڏهن رويا سمجھائڻ واري انهيءَ ملائڪ اڳتي وڌي اچي مون کي چيو تہ ”نهاري ڏس تہ هي جيڪا شيءِ اچي رهي آهي سا ڇا آهي.“
6
مون پڇيو تہ ”اهو ڇا آهي؟“ هن وراڻيو تہ ”اهو گُندڙو آهي، جنهن ۾ سڄي ملڪ جي ماڻهن جي ڪيل بڇڙائي پيل آهي.“
7
پوءِ جڏهن انهيءَ گُندڙي جو شيهي وارو ڍڪ مٿي کنيو ويو تہ ڇا ڏسان تہ انهيءَ ۾ هڪڙي عورت ويٺي آهي.
8
ملائڪ چيو تہ ”اها ئي بڇڙائي آهي.“ پوءِ هن انهيءَ عورت کي گُندڙي ۾ هيٺ ڌڪي شيهي جو ڍڪ مٿان ڏيئي ڇڏيو.
9
وري جو نهاريان تہ ڇا ڏسان تہ ٻہ عورتون آهن، جن کي لقلق پکيءَ جهڙا پر آهن. اهي هوا ۾ اڏامنديون اچي رهيون هيون. پوءِ مون ڏٺو تہ اهي انهيءَ گُندڙي کي کڻي هوا ۾ اڏامي هليون ويون.
10
تڏهن مون انهيءَ ملائڪ کان پڇيو تہ ”انهيءَ گُندڙي کي هو ڪيڏانهن کڻي ٿيون وڃن؟“
11
هن وراڻيو تہ ”هو انهيءَ گُندڙي کي بابل ملڪ ڏانهن کڻي ٿيون وڃن، جتي هڪڙو پوڄا گھر ٺاهي انهيءَ ۾ هڪڙي دِڪيءَ تي اهو گُندڙو رکيو ويندو، انهيءَ لاءِ تہ ان جي پوڄا ڪئي وڃي.“
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 6 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
Recommended Reading
Commentary
Zechariah Commentaries
→
Devotional
Zechariah Devotional Guide
→
Get This Bible
Muslim Study Bible
→