bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
1 Samuel 11
1 Samuel 11
Sindhi Bible
← Chapter 10
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 12 →
1
تنهن کان پوءِ ناحس عموني آيو، ۽ يبيس جلعاد جي سامهون اچي منزل ڪيائين: ۽ يبيس جي سڀني ماڻهن ناحس کي چيو، تہ اسان سان عهد ڪر تہ پوءِ اسين تنهنجي خدمت چاڪري ڪريون.
2
۽ ناحس عمونيءَ هنن کي چيو، تہ انهي شرط تي آءٌ اوهان سان عهد ڪندس، تہ اوهانجون ساڄون اکيون ڪڍائي ڇڏيان؛ ۽ اهو خواريءَ جو عيب ساري اسرائيل تي رکان.
3
تڏهن يبيس جي بزرگن هن کي چيو تہ اسان کي ستن ڏينهن جي مهلت ڏي، تہ اسين اسرائيل جي سڀني سرحدن ۾ قاصد موڪليون: ۽ پوءِ جي ڪوبہ اسان کي بچائڻ وارو ڪونہ ٿيو، تہ اسين تو وٽ اينداسين.
4
تڏهن قاصد سائول جي جبعہ ۾ آيا، ۽ ماڻهن جي ڪنن تي هي ڳالهيون وڌائون: ۽ سڀيئي ماڻهو رڙيون ڪري روئڻ لڳا.
5
۽ ڏس، سائول ٻنيءَ مان ڏاندن جي پٺيان پئي آيو: ۽ سائول چيو تہ ماڻهن سان ڪهڙي ويڌن آهي جو هو روئن ٿا؟ ۽ هنن اُنهي کي يبيس جي ماڻهن جون ڳالهيون ٻڌايون.
6
۽ جڏهن سائول اِهي ڳالهيون ٻڌيون تڏهن خداوند جو روح ڏاڍي زور سان هن تي آيو، ۽ هن جي ڪاوڙ تمام گهڻو ڀڙڪي.
7
۽ هن ڏاندن جو هڪڙو جوڙو کڻي انهن کي وڍي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيو، ۽ اُهي قاصدن جي هٿان اسرائيل جي سڀني سرحدن ۾ موڪلي ڏنائين، ۽ چوائي موڪليائين تہ جيڪو سائول ۽ سموئيل جي پٺيان نڪري نہ ايندو تنهن جي ڏاندن جو بہ ساڳيو حال ڪيو ويندو، ۽ خداوند جو خوف ماڻهن تي پيو، ۽ اُهي سڀيئي گڏجي نڪري آيا.
8
۽ هن بزق ۾ انهن جو شمار ڪيو؛ ۽ بني اسرائيل ٽي لک ٿيا، ۽ يهوداہ جا ماڻهو ٽيهہ هزار ٿيا.
9
۽ جيڪي قاصد آيا هئا تن کي هنن چيو تہ اوهين يبيس جلعاد جي ماڻهن کي هيئن چئجو، تہ سڀاڻي جڏهن سج تپندو تڏهن اوهان جو ڇوٽڪارو ٿيندو، ۽ قاصدن اچي يبيس جي ماڻهن کي ائين ئي چيو؛ ۽ هو خوش ٿيا.
10
تنهنڪري يبيس جي ماڻهن هنن کي چيو تہ سڀاڻي اسين نڪري اوهان وٽ اينداسين، پوءِ جيئن اوهان کي چڱو لڳي تيئن اسان سان ڪجو.
11
۽ ٻئي ڏينهن صبح جو هيئن ٿيو تہ سائول ماڻهن جون ٽي ٽوليون ڪيون؛ ۽ اُهي رات جي پوئين پهر ۾ لشڪرگاهہ جي وچ ۾ اچي پيون، ۽ جيسين ڏينهن گرم ٿيو تيسين عمونين کي پئي ماريائون: ۽ هيئن ٿيو تہ جيڪي باقي بچيا سي ٽڙي پکڙي ويا، ايتري قدر جو انهن مان ٻہ بہ گڏ رهجي نہ ويا.
12
۽ ماڻهن سموئيل کي چيو تہ اُهو ڪير آهي جنهن چيو تہ سائول اسان تي حڪومت ڪندو ڇا؟ اُهي ماڻهو وٺي اچ تہ اسين انهن کي قتل ڪريون.
13
۽ سائول چيو تہ اڄ ڪوبہ ماڻهو قتل نہ ڪيو ويندو: ڇالاءِ جو اڄ خداوند اسرائيل کي ڇوٽڪارو ڏنو آهي.
14
تڏهن سموئيل ماڻهن کي چيو تہ اچو تہ جلجال ڏي هلون، ۽ اُتي نئين سر بادشاهي قائم ڪريون.
15
۽ سڀ ماڻهو جلجال ڏي ويا؛ ۽ اُتي هنن سائول کي جلجال ۾ خداوند جي اڳيان بادشاهہ ڪيو؛ ۽ اُتي هنن خداوند جي حضور ۾ سلامتيءَ جي نذرانن جون قربانيون ذبح ڪيون؛ ۽ اُتي سائول ۽ اسرائيل جي سڀني ماڻهن ڏاڍيون خوشيون ڪيون.
← Chapter 10
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 12 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31