bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
1 Samuel 28
1 Samuel 28
Sindhi Bible
← Chapter 27
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 29 →
1
۽ انهن ڏينهن ۾ هيئن ٿيو تہ فلستين اسرائيل سان وڙهڻ جي لاءِ پنهنجا لشڪر گڏ ڪيا. ۽ اڪيس دائود کي چيو تہ توکي ۽ تنهنجن ماڻهن کي ضرور مون سان گڏجي لشڪر ۾ هلڻو پوندو.
2
۽ دائود اڪيس کي چيو تہ پوءِ توکي معلوم ٿيندو تہ تنهنجو ٻانهو ڇا ڪندو. ۽ اڪيس دائود کي چيو تہ انهي ڪري آءٌ توکي هميشہ جي لاءِ پنهنجي جان جو سنڀاليندڙ ڪندس.
3
هاڻي سموئيل مري ويو هو، ۽ سڀني اسرائيلين سندس لاءِ ماتم ڪري کيس سندس شهر رامہ ۾ دفن ڪيو هو. ۽ سائول انهن سڀني ڀوپن، ۽ جادوگرن کي ملڪ مان ڪڍي ڇڏيو هو.
4
۽ فلستي گڏ ٿيا ۽ شونيم ۾ تنبو هنيائون: ۽ سائول سڀ اسرائيلي گڏ ڪيا، ۽ اُنهن جلبوعہ ۾ تنبو هنيا.
5
۽ جڏهن سائول فلستين جو لشڪر ڏٺو تڏهن ڊنو، ۽ سندس دل تمام گهڻو ڏڪڻ لڳي.
6
۽ جڏهن سائول خداوند کي سوال ڪيو تڏهن خداوند هن کي ڪوبہ جواب ڪونہ ڏنو، نہ خوابن جي رستي، نہ اوريم سان، نہ نبين جي وسيلي.
7
تڏهن سائول پنهنجن نوڪرن کي چيو تہ مون کي ڪا اهڙي ڀوپڻ ڳولي ڏيو، تہ آءٌ وٽس وڃي سوال ڪريان. ۽ هن جي نوڪر چيو تہ ڏس، عين دور ۾ هڪڙي ڀوپڻ آهي.
8
پوءِ سائول ويس بدلائي ٻيا ڪپڙا ڍڪيا، ۽ ٻہ ماڻهو پاڻ سان وٺي رات جو انهي زال وٽ آيو: ۽ چيائينس تہ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ تون جنات جي وسيلي مون کي غيب جي خبر ڏي، ۽ جنهن جو نالو آءٌ وٺان تنهن کي مون وٽ مٿي آڻ.
9
تڏهن انهي زال چيس تہ ڏس، توکي خبر آهي تہ سائول ڇا ڪيو آهي جو ڀوپن ۽ جادوگرن کي هن ملڪ مان وڍي ڪڍي ڇڏيو آهي: تڏهن ڇو منهنجي مارڻ لاءِ تون هيءَ ڦاهي ٿو وجهين؟
10
۽ سائول خداوند جو قسم کڻي هن کي چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي تہ انهي ڪم جي ڪري توکي ڪابہ سزا نہ ملندي.
11
تڏهن انهي زال چيو تہ ڪنهن کي تو وٽ مٿي آڻيان؟ ۽ هن چيو تہ سموئيل کي مون وٽ آڻ.
12
۽ جڏهن انهي زال سموئيل کي ڏٺو تڏهن وڏي آواز سان رڙ ڪيائين: ۽ انهي زال سائول کي چيو تہ تو مون سان ڇو ٺڳي ڪئي آهي؟ ڇالاءِ جو تون سائول آهين.
13
۽ بادشاهہ هن کي چيو تہ ڊڄ نہ: پر ٻڌاءِ تہ تون ڇا ٿي ڏسين؟ تڏهن زال سائول کي چيو تہ آءٌ هڪڙي معبود کي زمين مان نڪري ايندو ٿي ڏسان.
14
۽ هن چيس تہ اُهو ڪهڙي شڪل جو آهي؟ زال چيو تہ هڪڙو ٻڍو ماڻهو چڙهندو ٿو اچي؛ ۽ ان کي هڪڙو چوغو پيل آهي. ۽ سائول سهي ڪيو تہ اهو سموئيل آهي، تڏهن هن پنهنجو منهن جهڪائي زمين تي رکيو، ۽ تعظيم ڏنائينس.
15
۽ سموئيل سائول کي چيو تہ تو ڇو منهنجو آرام ڦٽايو آهي، جو مون کي مٿي آندو اٿيئي؟ ۽ سائول ورندي ڏني تہ آءٌ ڏاڍو تنگ آيو آهيان؛ ڇالاءِ جو فلستي مون سان جنگ ٿا ڪن، ۽ خدا مون کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ مون کي ڪابہ ورندي نٿو ڏئي، نہ نبين جي وسيلي، ۽ نہ خوابن جي رستي: تنهنڪري مون توکي سڏيو آهي تہ مون کي ٻڌاءِ تہ آءٌ ڇا ڪريان.
16
۽ سموئيل چيو تہ تڏهن ڇالاءِ تون مون کان پڇين ٿو، جڏهن ڄاڻين ٿو تہ خداوند توکي ڇڏي ڏنو آهي، تنهنجو دشمن ٿيو آهي؟
17
۽ خداوند پنهنجي طرفان ائين ئي ڪيو آهي جيئن هن منهنجي معرفت چيو: ۽ خداوند تنهنجي هٿان بادشاهي کسي تنهنجي پاڙيسريءَ کي، يعني دائود کي ڏئي ڇڏي آهي.
18
ڇالاءِ جو تو خداوند جو حڪم نہ مڃيو، ۽ عماليقين سان هن جي سخت ڪاوڙ موافق تو هلت نہ ڪئي، تنهنڪري خداوند اڄ تو سان ائين ئي ڪيو آهي.
19
تنهن کان سواءِ، خداوند توکي ۽ اسرائيل کي فلستين جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندو: ۽ سڀاڻي تون ۽ تنهنجا پٽ مون سان هوندا: خداوند اسرائيل جو لشڪر بہ فلستين جي هٿن ۾ ڏيندو.
20
تڏهن سائول هڪدم زمين تي ڊگهو ٿي ڪري پيو، ۽ سموئيل جي ڳالهين کان ڏاڍو ڊنو: ۽ منجهس ڪابہ طاقت ڪانہ رهي؛ ڇالاءِ جو هن سڄو ڏينهن ۽ سڄي رات ماني اصل نہ کاڌي.
21
پوءِ اُها زال سائول وٽ آئي، ۽ هن کي ڏاڍو پريشان ڏسي چيائينس تہ ڏس، تنهنجي ٻانهيءَ تنهنجي ڳالهہ مڃي آهي، ۽ مون پنهنجو ساهہ تريءَ تي رکي جيڪي تو مون کي چيو سو مون مڃيو آهي.
22
تنهنڪري هاڻي آءٌ عرض ٿي ڪريان تہ تون بہ پنهنجي ٻانهيءَ جي ڳالهہ مڃ، ۽ موڪل ڏي تہ مانيءَ جو هڪڙو گرهہ تنهنجي اڳيان رکان؛ ۽ ڪجهہ کاءُ، تہ واٽ جي لاءِ توکي ڪا طاقت ملي.
23
پر هن انڪار ڪري چيو تہ آءٌ ڪين کائيندس. پر هن جي نوڪرن انهي زال سان گڏجي کيس گهڻو زور ڪيو؛ تڏهن هن انهن جي ڳالهہ مڃي ۽ هو زمين تان اُٿي کٽ تي ويٺو.
24
۽ انهي زال وٽ هڪڙو ٿلهو گابو گهر ۾ موجود هو؛ جنهن کي هن جهٽ ۾ ڪُهي وڌو؛ ۽ اٽو ڳوهي انهي مان بي خميري مانيون پچايائين:
25
پوءِ اُهي هن کڻي آڻي سائول ۽ سندس نوڪرن جي اڳيان رکيون؛ ۽ هنن کاڌو. پوءِ هو اُٿيا، ۽ اُنهي رات پنهنجو رستو وٺي هليا ويا.
← Chapter 27
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 29 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31