bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
1 Samuel 4
1 Samuel 4
Sindhi Bible
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 5 →
1
۽ سموئيل جي ڳالهہ سڄي اسرائيل ۾ پهتي. هاڻي اسرائيلي فلستين سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري ويا، ۽ ابن عزر جي ويجهو وڃي تنبو هنيائون: ۽ فلستين پنهنجا تنبو افيق ۾ هنيا.
2
۽ فلستين اسرائيلين جي سامهون صفون ٻڌيون: ۽ جڏهن هو وڙهڻ لاءِ ڳنڍجي پيا تڏهن اسرائيلين کي فلستين شڪست ڏني: ۽ جيڪو لشڪر ميدان ۾ هو تنهن مان هنن اٽڪل چار هزار ماڻهو ماريا.
3
۽ جڏهن هو لشڪرگاهہ ۾ آيا تڏهن اسرائيل جي بزرگن چيو تہ ڇالاءِ خداوند اڄ اسان کي فلستين جي اڳيان شڪست ڏني آهي؟ اچو تہ خداوند جي عهدنامي جي صندوق سيلا ۾ کڻي اچون تہ اُها اسان منجهہ اچي، ۽ اسان کي اسانجن دشمنن جي هٿان ڇڏائي.
4
تڏهن انهن سيلا ڏي ماڻهو موڪليا، ۽ اُنهن اُتان لشڪرن جي خداوند جي عهدنامي جي صندوق آندي، جا ڪروبين تي رکيل آهي. ۽ عيليءَ جا ٻئي پٽ حفني ۽ فينحاس اُتي خدا جي عهدنامي جي صندوق سان هئا.
5
۽ جڏهن خداوند جي عهدنامي جي صندوق لشڪرگاهہ ۾ آئي، تڏهن سڀني اسرائيلين اهڙي وڏي آواز سان رڙيون ڪيون جو زمين مان پڙلاءُ نڪرڻ لڳو.
6
۽ جڏهن فلستين انهن رڙين جو آواز ٻڌو تڏهن چوڻ لڳا تہ عبرانين جي لشڪرگاهہ ۾ هيڏين وڏين رڙين جو مطلب ڇا آهي؟ ۽ ڄاتائون تہ خداوند جي صندوق لشڪرگاهہ ۾ آئي آهي.
7
۽ فلستي ڊڄي ويا، ڇالاءِ جو هنن چيو تہ خدا لشڪرگاهہ ۾ آيو آهي. ۽ هنن چيو تہ اسان سان ويل ٿيو! ڇالاءِ جو هيستائين اهڙو حال ڪڏهن ڪونہ ٿيو.
8
اسان سان ويل ٿيو! هنن طاقت وارن معبودن جي هٿان اسان کي ڪير ڇڏائيندو؟ هي اُهي معبود آهن جن مصرين کي بيابان ۾ هر قسم جي آفتن سان شڪست ڏني.
9
اي فلستيو، مضبوط ٿيو، ۽ همت جهلي مردن وانگي هلت ڪريو، تہ عبرانين جا غلام نہ ٿيو، جيئن هو اوهان جا ٿيا آهن: مردن وانگي همت سان وڙهو.
10
۽ فلستي اُٿي وڙهيا ۽ اسرائيلين شڪست کاڌي، ۽ اُهي سڀ ڀڄي پنهنجن تنبن ۾ آيا: ۽ ڏاڍو ڪوس ٿيو: ڇالاءِ جو اسرائيلين جا ٽيهہ هزار پيادا مارجي ويا.
11
۽ خدا جي صندوق جهلجي ويئي، ۽ عيلي جا ٻئي پٽ حفني ۽ فينحاس مارجي ويا.
12
۽ لشڪرن مان هڪڙو بنيمين جو ماڻهو اُنهي ڏينهن ڊوڙي سيلا ۾ آيو، جنهن جا ڪپڙا ڦاٽا پيا هئا، ۽ مٽي مٿي تي پيئي هيس.
13
۽ جڏهن هو آيو، تڏهن ڏسو، عيلي رستي جي ڀر ۾ پنهنجي ڪرسيءَ تي منتظر ويٺو هو: ڇالاءِ جو هن جي دل خدا جي صندوق لاءِ پئي ڏڪي، ۽ جڏهن اُهو ماڻهو شهر ۾ آيو، ۽ اها خبر ٻڌايائين تڏهن سڄو شهر رڙيون ڪري روئڻ لڳو.
14
۽ جڏهن عيلي روئڻ جو آواز ٻڌو تڏهن چوڻ لڳو تہ هن هل حشر جو مطلب ڇا آهي؟ ۽ انهيءَ ماڻهوءَ تڪڙو ٿي عيليءَ کي خبر ٻڌائي.
15
هاڻي عيلي اٺانوي ورهين جو هو؛ ۽ هن جي اکين ۾ اهڙو ڌنڌ هو جو هو ڏسي نٿي سگهيو.
16
۽ اُنهي ماڻهوءَ عيلي کي چيو تہ آءٌ اُهو ماڻهو آهيان جو لشڪر مان ٿو اچان، ۽ اڄ ئي لشڪر مان ڀڳو آهيان. ۽ هن چيس تہ اي منهنجا پٽ، جنگ جو ڪهڙو حال آهي؟
17
۽ جنهن خبر آندي هئي تنهن ورندي ڏيئي چيس، تہ اسرائيلي فلستين جي اڳيان ڀڄي ويا، ۽ ماڻهن ۾ وڏو ڪوس ٿيو آهي، ۽ تنهنجا ٻئي پٽ، حفني ۽ فينحاس بہ مري ويا آهن، ۽ خدا جي صندوق بہ جهلجي ويئي آهي.
18
۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هن خدا جي صندوق جو نالو ورتو تڏهن هو پٺيرو پنهنجي ڪرسيءَ تان دروازي جي پاسي ڪري پيو، ۽ سندس ڪنڌ ڀڄي پيو ۽ مري ويو: ڇالاءِ جو هو ڪراڙو هو ۽ ڳرو هو؛ ۽ هو چاليهہ ورهيہ اسرائيل جو قاضي ٿي رهيو هو.
19
۽ هن جي ننهن، فينحاس جي زال، پيٽ سان هئي ۽ ٻار ڄڻڻ تي هئي: ۽ جڏهن هن اها خبر ٻڌي تہ خدا جي صندوق جهلجي ويئي آهي، ۽ سندس سهرو ۽ سندس مڙس مري ويا آهن، تڏهن ڪنڌ جهڪايائين ۽ ٻار ڄڻي وڌائين؛ ڇالاءِ جو اچي سور لڳس.
20
۽ مرڻ وقت جيڪي زالون وٽس بيٺيون هيون تن چيس تہ ڊڄ نہ، ڇالاءِ جو تو پٽ ڄڻيو آهي، پر هن ورندي ڪانہ ڏني، نڪو انهي پاسي ڌيان ڏنائين.
21
۽ هن ٻار جو نالو يڪبود رکيو، جو چيائين تہ اسرائيل مان جلال ويندو رهيو: ڇالاءِ جو خدا جي صندوق جهلجي ويئي ۽ سندس سهرو ۽ سندس مڙس مري ويا.
22
۽ چوڻ لڳي تہ اسرائيل مان جلال ويندو رهيو؛ ڇالاءِ جو خدا جي صندوق جهلجي ويئي.
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 5 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31