bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
1 Samuel 21
1 Samuel 21
Sindhi Bible
← Chapter 20
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 22 →
1
پوءِ دائود نوب ۾ اخيملڪ ڪاهن وٽ آيو: ۽ اخيملڪ ڏڪندو دائود کي گڏجڻ آيو، ۽ انهي کي چوڻ لڳو تہ ڇو تون اڪيلو آهين ۽ ٻيو ڪو ماڻهو تو وٽ ڪونهي؟
2
تڏهن دائود اخيملڪ ڪاهن کي چيو تہ بادشاهہ مون تي هڪڙو ڪم رکيو آهي ۽ مون کي چيو اٿس تہ جنهن ڪم جي پٺيان آءٌ توکي موڪليان ٿو، ۽ جيڪو حڪم مون توکي ڏنو آهي، سو ٻئي ڪنهن کي متان ٻڌائين: ۽ جوان ماڻهن کي مون ٻئي پاسي مقرر ڪري ويهاريو آهي.
3
تنهنڪري هاڻي تنهنجي هٿ ۾ ڇا آهي؟ پنج مانيون يا ٻيو جيڪي تو وٽ حاضر هجي سو منهنجي هٿ ۾ ڏي.
4
تڏهن ڪاهن دائود کي ورندي ڏيئي چيو تہ ٻي رواجي ماني مون وٽ ڪانهي، رڳو پاڪ ماني حاضر آهي؛ بشرطيڪ انهن جوان ماڻهن پاڻ کي زالن کان پري رکيو هجي.
5
۽ دائود ڪاهن کي ورندي ڏيئي چيو تہ آءٌ سچ ٿو چوان تہ هي گذريا ٽي ڏينهن زالون اسان کان پري رهيون آهن؛ جڏهن آءٌ ٻاهر آيس تڏهن انهن جوان ماڻهن جا باسڻ پاڪ هئا، جيتوڻيڪ اهو فقط رواجي پنڌ هو؛ تڏهن اڄ هنن جا ٿانوَ ڪيترو نہ وڌيڪ پاڪ هوندا؟
6
تنهنڪري ڪاهن هن کي اُها پاڪ ماني ڏني: ڇالاءِ جو اُنهي نذر جي مانيءَ کان سواءِ ٻي ڪابہ ماني ڪانہ هئي، ۽ اُها خداوند جي حضور مان کنئي ويئي هئي، انهي لاءِ تہ گرم ماني رکي وڃي.
7
هاڻي انهي ڏينهن سائول جي نوڪرن مان هڪڙو خداوند جي اڳيان رهجي ويو هو؛ ۽ سندس نالو دوئيگ ادومي هو، جو سائول جي ڌنارن مان مکيہ ماڻهو هو.
8
۽ دائود اخيملڪ کي چيو تہ هتي تو وٽ ڪو ڀالو يا ڪا ترار آهي؟ ڇالاءِ جو مون پاڻ سان پنهنجي ترار يا ڪي ٻيا هٿيار نہ آندا آهن، ڇو جو بادشاهہ جي ڪم جي تڪڙ هئي.
9
۽ ڪاهن چيو تہ جالوت فلستي، جنهن کي تو ايلاہ جي واديءَ ۾ قتل ڪيو هو، تنهن جي ترار هتي آهي، اِجهو اُها افود جي پٺيان ڪپڙي ۾ ويڙهي رکي آهي: جيڪڏهن تون اُها وٺڻ گهرين تہ وٺ: ڇالاءِ جو انهي کان سواءِ ٻي ترار هتي ڪانهي؛ تڏهن دائود چيو تہ انهي جهڙي ٻي ڪابہ ڪانهي، اُها مون کي ڏي.
10
پوءِ دائود اُٿيو ۽ انهي ڏينهن سائول جي ڊپ کان ڀڄي جات جي بادشاهہ اڪيس وٽ ويو.
11
۽ اڪيس جي نوڪرن هن کي چيو تہ هي ملڪ جو بادشاهہ دائود ناهي ڇا؟ جنهن جي بابت نچندي هنن هڪٻئي کي ٿي چيو تہ سائول هزارن کي ماريو آهي ۽ دائود لکن کي؟
12
۽ دائود کي اهي لفظ دل سان لڳا، ۽ جات جي بادشاهہ اڪيس کان ڏاڍو ڊنو.
13
تڏهن هن اُنهن جي اڳيان پنهنجي هلت چلت ڦيرائي ڇڏي، ۽ اُنهن جي هٿن ۾ ڪوڙ ڪري ديوانو ٿيو، ۽ دروازي جي طاقن تي ليڪا ڪڍڻ لڳو، ۽ پنهنجي ڏاڙهيءَ تي ڦيڻ واهڻ لڳو.
14
تڏهن اڪيس پنهنجن نوڪرن کي چيو تہ اوهين ڏسو ٿا تہ هي ماڻهو چريو آهي: پوءِ ڇالاءِ اوهان هن کي مون وٽ آندو آهي؟
15
مون وٽ ڪي چريا ماڻهو گهٽ آهن ڇا جو اوهان هن ماڻهو کي منهنجي اڳيان آندو آهي، تہ چريائيءَ جا ڪم ڏيکاري؟ هيءُ ڪو منهنجي گهر ۾ اچي رهندو ڇا؟
← Chapter 20
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 22 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31