bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
1 Samuel 13
1 Samuel 13
Sindhi Bible
← Chapter 12
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 14 →
1
سائول جڏهن بادشاهي ڪرڻ لڳو تڏهن ٽيهن ورهين جو هو: ۽ هن اسرائيل تي ٻہ ورهيہ بادشاهي ڪئي.
2
۽ سائول پنهنجي لاءِ ٽي هزار ماڻهو اسرائيل مان چونڊي ڪڍيا؛ انهن مان ٻہ هزار سائول سان مڪماس ۾، ۽ بيت ايل جي جبل ۾ هئا، ۽ هڪ هزار يونتن سان بنيمين جي جبعہ ۾ هئا: ۽ ٻين سڀني ماڻهن کي هن موڪليو تہ هرڪو پنهنجي پنهنجي تنبوءَ ۾ وڃي.
3
۽ فلستين جي قلعي جي فوج، جا جبعہ ۾ هئي، تنهن کي يونتن ماريو، ۽ فلستين اها ڳالهہ ٻڌي، ۽ سائول قرناءِ وڄارائي سڄي ملڪ ۾ پڌرائي ڪرائي، ۽ چوايو تہ ڀلي عبراني ٻڌن.
4
۽ سڀني اسرائيلين اها خبر ٻڌي تہ سائول فلستين جي قلعي واري فوج کي ماريو آهي، ۽ اسرائيل ڏانهن فلستين کي نفرت آهي، ۽ ماڻهو سائول جي پٺيان جلجال ۾ اچي گڏ ٿيا.
5
۽ فلستي بہ اسرائيل سان وڙهڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا، ٽيهہ هزار جنگي گاڏيون، ۽ ڇهہ هزار گهوڙي سوار، ۽ ايترا بيشمار ماڻهو، جهڙي واري جا سمنڊ جي ڪناري تي آهي: ۽ هو ڪاهي آيا، ۽ اچي مڪماس ۾، بيت آون جي اُڀرندي ڏانهن تنبو هنيائون.
6
جڏهن اسرائيل جي ماڻهن ڏٺو تہ ڏاڍا تنگ اچي ٿيا آهيون (ڇالاءِ جو اُهي ماڻهو ڏاڍي تڪليف ۾ هئا) تڏهن هنن پاڻ کي غارن، ۽ گهاٽن جهنگن، ۽ ٽڪرن، ۽ ڏرن، ۽ کڏن ۾ لڪايو.
7
هاڻي عبرانين مان ڪي يردن جي هن ڀر لنگهي جد ۽ جلعاد جي ملڪ ڏي ويا؛ پر سائول اڃا بہ جلجال ۾ هو، ۽ سڀيئي ماڻهو ڏڪندا هن جي پٺيان ويا.
8
۽ جيڪو وقت سموئيل مقرر ڪيو هو، اُن موجب سائول ست ڏينهن ترسيو. پر سموئيل جلجال ۾ نہ آيو؛ ۽ ماڻهو هن کان ٽڙي پکڙي ويا.
9
تڏهن سائول چيو تہ سوختني قرباني ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون مون وٽ کڻي اچو. ۽ هن سوختني قرباني چاڙهي.
10
۽ جڏهن هو اُها سوختني قرباني چاڙهي رهيو، تہ اوچتو سموئيل اچي نڪتو؛ ۽ سائول هن جي استقبال لاءِ ٻاهر نڪري ويو، تہ هن کي سلام ڪري.
11
۽ سموئيل چيو تہ تو هي ڇا ڪيو آهي؟ تڏهن سائول چيو تہ مون ڏٺو تہ ماڻهو مون کان ٽڙي پکڙي ويا آهن، ۽ ٺهرايل ڏينهن جي اندر تون بہ ڪين آئين، ۽ فلستي بہ مڪماس ۾ اچي گڏ ٿيا؛
12
تنهنڪري مون چيو تہ هاڻي فلستي جلجال ۾ مون تي ڪاهي ايندا، ۽ مون خداوند جي فضل لاءِ کيس منٿ نہ ڪئي آهي: تنهنڪري مون مجبور ٿي سوختني قرباني چاڙهي.
13
۽ سموئيل سائول کي چيو تہ تو بي عقليءَ جو ڪم ڪيو آهي: تو خداوند پنهنجي خدا جي ڏنل حڪم تي پوري تعميل نہ ڪئي آهي: ڇالاءِ جو هاڻي خداوند تنهنجي بادشاهي اسرائيل تي هميشہ لاءِ قائم ڪرڻ وارو هو.
14
پر هاڻي تنهنجي بادشاهي قائم نہ رهندي: خداوند پنهنجي لاءِ پنهنجي دل جي پسنديءَ موجب هڪڙو ماڻهو ڳولي ڪڍيو آهي، ۽ خداوند انهي کي پنهنجي قوم تي سردار مقرر ڪيو آهي، ڇالاءِ جو جيڪو حڪم توکي خداوند ڏنو تنهن جي تو سنڀال نہ ڪئي.
15
۽ سموئيل اُٿيو ۽ جلجال مان نڪري بنيمين جي جبعہ ۾ آيو، ۽ جيڪي ماڻهو سائول وٽ حاضر هئا تن جو هن شمار ڪيو تہ اٽڪل ڇهہ سؤ ماڻهو ٿيا.
16
۽ سائول ۽ سندس پٽ يونتن، ۽ جيڪي ماڻهو وٽن حاضر هئا سي بنيمين جي جبعہ ۾ رهي پيا: پر فلستي مڪماس ۾ منزل ڪيو رهيا پيا هئا،
17
۽ ڦرلٽ ڪرڻ وارا فلستين جي لشڪرگاهہ مان ٽي ٽوليون ڪري نڪتا: هڪڙي ٽوليءَ اُنهي رستي ڏي رُخ رکيو جو عفراہ ڏي سعال جي زمين تائين ٿو وڃي:
18
۽ ٻي ٽوليءَ ڦري بيت حورون جو رستو ورتو: ۽ ٽين ٽولي اُنهي سرحد واري رستي وڃڻ لڳي، جتان هيٺ ضبوعيم جي وادي، بيابان واري طرف، ڏسڻ ۾ پئي اچي.
19
هاڻي اسرائيل جي سڄي ملڪ ۾ ڪو لوهار هٿ نٿي آيو: ڇالاءِ جو فلستين چيو تہ متان عبراني پنهنجي لاءِ تراريون يا ڀالا جوڙائين:
20
پر سڀ اسرائيلي پنهنجا هر، ڦار، ڪهاڙا ۽ پنهنجون ڪوڏاريون فلستين وٽ وڃي تکا ڪرائيندا هئا؛
21
تڏهن بہ کين ڪوڏارين، ڦارن، ۽ ڏاندارين، ۽ ڪهاڙين ۽ پڻياٺين کي تکي ڪرڻ لاءِ ٽڪوري هوندي هئي.
22
تنهنڪري سائول ۽ سندس پٽ يونتن کان سواءِ جنگ جي ڏينهن جيڪي ماڻهو سائول ۽ يونتن سان هئا، تن مان ڪنهن جي بہ هٿ ۾ ترار يا ڀالو نہ هو.
23
۽ فلستين جي قلعي واري فوج نڪري مڪماس جي لڪ تي ويٺي.
← Chapter 12
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 14 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31