bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
1 Samuel 8
1 Samuel 8
Sindhi Bible
← Chapter 7
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 9 →
1
۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن سموئيل عمر رسيدہ ٿيو تڏهن هن پنهنجن پٽن کي اسرائيل جا قاضي مقرر ڪيو.
2
هاڻي هن جي پهرئين ڄاول پٽ جو نالو يوئيل هو؛ ۽ هن جي ٻئي پٽ جو نالو ابياہ هو: اُهي بيرسبع ۾ قاضي هئا.
3
۽ هن جا پٽ هن جي نموني تي نہ هليا، پر جوفي جي پٺيان لڳي گمراهہ ٿي ويا، ۽ رشوتون وٺڻ لڳا، ۽ بي انصافي ڪرڻ لڳا.
4
تڏهن اسرائيل جا سڀ بزرگ گڏ ٿي رامہ ۾ سموئيل وٽ آيا:
5
۽ هن کي چيائون تہ ڏس، تون عمر رسيدہ آهين، ۽ تنهنجا پٽ تنهنجي نموني تي نٿا هلن: هاڻي تون اسان کي ڪو بادشاهہ مقرر ڪري ڏي تہ اهو اسان تي حڪم هلائي، جيئن ٻين قومن لاءِ آهي.
6
پر انهي ڳالهہ سموئيل کي رنج ڪيو، جو هنن چيو تہ اسان کي ڪو بادشاهہ مقرر ڪري ڏي تہ اسان تي حڪم هلائي. ۽ سموئيل خداوند کان دعا گهري.
7
۽ خداوند سموئيل کي چيو تہ جيڪي بہ اهي ماڻهو توکي چون سو تون ڪر: ڇالاءِ جو هنن توکي رد نہ ڪيو آهي، پر هنن مون کي رد ڪيو آهي، انهي لاءِ تہ آءٌ هنن جو بادشاهہ نہ ٿيان.
8
جنهن ڏينهن مون هنن کي مصر مان ڪڍي آندو تنهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين هنن جيڪي ڪم ڪيا آهن، جو مون کي ڇڏي ڏنو اٿن، ۽ ٻين معبودن جي عبادت پئي ڪئي اٿن، سي توسان بہ ٿا ڪن.
9
تنهنڪري هاڻي انهن جي ڳالهہ مڃ: پر هنن کي سخت تاڪيد ڪر، ۽ ڏيکارين تہ ڪهڙي قسم جو بادشاهہ هنن تي حڪومت هلائيندو.
10
۽ سموئيل خداوند جون اهي سڀ ڳالهيون اُنهن ماڻهن کي ٻڌايون جن بادشاهہ ٿي گهريو.
11
۽ چيائين تہ جيڪو بادشاهہ اوهان تي حڪم هلائيندو سو هن قسم جو هوندو: اُهو اوهانجن پٽن کي وٺي پنهنجين گاڏين جي لاءِ پاڻ وٽ مقرر ڪندو، ۽ پنهنجن گهوڙن جي خدمت ڪرائيندو؛ ۽ ڪي سندس گاڏين جي اڳيان ڊوڙندا:
12
۽ هو انهن کي پنهنجي لاءِ هزارن جو عملدار، ۽ پنجاهن جو عملدار مقرر ڪندو: ۽ ڪن کي هو پنهنجي زمين کيڙڻ لاءِ، ۽ پنهنجي فصل لڻڻ لاءِ، ۽ جنگ جي هٿيارن جوڙڻ لاءِ، ۽ پنهنجين گاڏين جي اوزارن جوڙڻ لاءِ رکندو.
13
۽ هو اوهانجين ڌيئرن کي مٺاين جوڙڻ، ۽ طعام رڌڻ، ۽ مانين پچائڻ جي ڪم ۾ لڳائيندو.
14
۽ هو اوهان جون ٻنيون، ۽ اوهان جا ڊاک جا منهہ، ۽ اوهان جا زيتونن جا باغ، جي تمام چڱا هوندا، سي وٺي پنهنجن ٻانهن کي ڏيئي ڇڏيندو.
15
هو اوهان جي اَن، ۽ اوهان جي ڊاک جي منهہ جو ڏهون حصو وٺي پنهنجن عملدارن کي ۽ پنهنجن ٻانهن کي ڏيندو.
16
۽ هو اوهان جا ٻانها، ۽ اوهان جون ٻانهيون، ۽ اوهان جا خوبصورت جوان ماڻهو، ۽ اوهان جا گڏهہ وٺي پنهنجي ڪم آڻيندو.
17
هو اوهانجن گلن جو ڏهون حصو وٺندو: ۽ اوهين هن جا غلام ٿيندا.
18
۽ اوهين جيڪو بادشاهہ پنهنجي لاءِ پسند ڪندا تنهن جي ڪري انهي ڏينهن اوهين دانهون ڪندا؛ ۽ خداوند اُنهي ڏينهن اوهان جو عرض قبول نہ ڪندو.
19
پر ماڻهن سموئيل جي ڳالهہ مڃڻ کان انڪار ڪيو؛ ۽ چوڻ لڳا تہ نہ؛ پر اسان کي ضرور پنهنجي مٿان بادشاهہ گهرجي؛
20
تہ اسين بہ ٻين قومن جهڙا ٿيون؛ ۽ اسان جو بادشاهہ اسان تي حڪم هلائي، ۽ اسان جي اڳيان نڪري هلي، ۽ اسانجين جنگين ۾ وڙهي.
21
۽ سموئيل انهن ماڻهن جون سڀ ڳالهيون ٻڌي وري بہ خداوند جي ڪنن تي وڌيون.
22
۽ خداوند سموئيل کي چيو تہ هنن جي ڳالهہ مڃ، ۽ هنن کي هڪڙو بادشاهہ مقرر ڪري ڏي: تڏهن سموئيل اسرائيل جي ماڻهن کي چيو تہ اوهين سڀيئي پنهنجي پنهنجي شهر ڏي هليا وڃو.
← Chapter 7
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 9 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31