bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
1 Samuel 31
1 Samuel 31
Sindhi Bible
← Chapter 30
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
1
هاڻي فلستي اسرائيل سان وڙهيا: ۽ اسرائيل جا ماڻهو فلستين جي اڳيان ڀڄي ويا ۽ جلبوعہ جبل تي قتل ٿي ڪري پيا.
2
۽ فلستي سائول ۽ سندس پٽن جي پٺيان پيا، ۽ کين تنگ ڪيائون: ۽ فلستين يونتن ۽ ابينداب، ۽ ملڪيشوع، جي سائول جا پٽ هئا تن کي قتل ڪيو.
3
۽ جنگ تمام سختيءَ سان سائول جي برخلاف ويئي ۽ تيرانداز وڃي هن کي پهتا؛ ۽ انهن تيراندازن جي ڪري هن کي نهايت گهڻي تڪليف پهتي.
4
تڏهن سائول پنهنجي زرهہ بردار کي چيو، تہ پنهنجي ترار ڪڍ، ۽ منهنجي آرپار لنگهائي ڏي؛ تہ متان هي اڻطهريل اچن، ۽ مون کي ونڌي ڇڏين، ۽ مون کي بي عزت ڪن. پر هن جي زرهہ بردار ائين ڪرڻ نہ گهريو؛ ڇالاءِ جو هو ڏاڍو ڊنو، تنهنڪري سائول پاڻ پنهنجي ترار کنئي ۽ انهي تي ڪري پيو.
5
۽ جڏهن هن جي زرهہ بردار ڏٺو تہ سائول مري ويو آهي، تڏهن هو پاڻ بہ پنهنجي ترار تي ڪري پيو، ۽ انهي سان گڏ مئو.
6
انهي طرح سائول ۽ سندس ٽيئي پٽ، ۽ سندس زرهہ بردار، ۽ سندس سڀ ماڻهو ساڳئي ڏينهن گڏ مئا.
7
۽ اسرائيل جا ماڻهو جي واديءَ جي هن پاسي هئا، ۽ اُهي جي يردن جي هن ڀر هئا، تن جڏهن ڏٺو تہ اسرائيل جا ماڻهو ڀڄي ويا آهن، ۽ سائول ۽ سندس پٽ بہ مري ويا آهن، تڏهن هو شهر ڇڏي اُٿي ڀڳا؛ ۽ فلستي اچي انهن ۾ رهڻ لڳا.
8
۽ ٻئي ڏينهن صبح جو هيئن ٿيو تہ جڏهن فلستي قتل ٿيل ماڻهن جي لٽڻ لاءِ آيا، تڏهن ڏسن تہ سائول ۽ سندس ٽيئي پٽ جلبوعہ جبل تي مئا پيا آهن.
9
تڏهن هنن انهي جي سسي وڍي ڌار ڪئي، ۽ سندس بت تان زرهہ بہ لاٿائون، ۽ اُهي هنن فلستين جي ملڪ ۾ موڪلي ڏنا، تہ ڀلي سندن بُت خاني، ۽ ماڻهن کي اها خبر ملي.
10
۽ هنن سندس زرهہ عستارات جي گهر ۾ رکي: ۽ سندس لاش بيت شان جي ديوار تي ٺوڪي قابو ڪيو.
11
۽ جڏهن يبيس جلعاد جي رهاڪن ٻڌو تہ فلستين سائول سان ڇا ڪيو آهي،
12
تڏهن سڀ بهادر مرد اُٿيا، ۽ ساري رات پنڌ ڪري وڃي سائول جي لاش، ۽ سندس پٽن جا لاشا بيت شان جي ديوار تان لاٿائون؛ ۽ يبيس ۾ اچي انهن کي ساڙي ڇڏيائون.
13
۽ انهن جون هڏيون کڻي يبيس واري لئيءَ جي وڻ هيٺ دفن ڪيائون، ۽ ست ڏينهن روزو رکيائون.
← Chapter 30
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31