bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
1 Samuel 19
1 Samuel 19
Sindhi Bible
← Chapter 18
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 20 →
1
۽ سائول پنهنجي پٽ يونتن، ۽ پنهنجن سڀني نوڪرن کي چيو تہ دائود کي ماري وجهو.
2
پر سائول جي پٽ يونتن کي دائود گهڻو وڻندو هو. ۽ يونتن دائود کي وڃي ٻڌايو تہ منهنجو پيءُ توکي مارائڻ ٿو گهري: تنهنڪري هاڻي آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ صبح جو پنهنجي سنڀال رکج، ۽ ڪنهن ڳجهيءَ جاءِ ۾ وڃي رهج ۽ پاڻ کي لڪائج:
3
۽ جنهن ٻنيءَ ۾ تون آهين تنهن ۾ آءٌ وڃي پنهنجي پيءُ جي پاسي ۾ بيهندس، ۽ تنهنجي بابت پنهنجي پيءُ سان ذڪر ڪندس؛ ۽ جيڪڏهن مون کي ڪي ڏسڻ ۾ آيو تہ توکي ٻڌائيندس.
4
۽ يونتن پنهنجي پيءُ سائول وٽ وڃي دائود جي تعريف ڪئي، ۽ چيائينس تہ بادشاهہ پنهنجي ٻانهي، يعني دائود جي حق ۾ گناهہ نہ ڪري؛ ڇالاءِ جو هن تنهنجي حق ۾ ڪوبہ گناهہ ڪونہ ڪيو آهي، ۽ هن تنهنجي لاءِ تمام چڱا ڪم پئي ڪيا آهن:
5
ڇالاءِ جو هن پنهنجو ساهہ تري تي رکي هن فلستيءَ کي ماريو، ۽ خداوند ساري اسرائيل کي هڪڙي وڏي فتح حاصل ڪرائي: تو پاڻ اها ڏٺي ۽ خوشي ظاهر ڪئي: تڏهن ڇو هن بيگناهہ جو رت هارڻ ٿو گهرين ۽ بي سبب هن کي مارائڻ ٿو گهرين؟
6
۽ سائول يونتن جي ڳالهہ ٻڌي: ۽ سائول خداوند جيئري جو قسم کڻي چيو تہ هو قتل ڪونہ ڪيو ويندو.
7
تڏهن يونتن دائود کي سڏايو، ۽ اُهي سڀ ڳالهيون هن کي بيان ڪري ٻڌايائين. پوءِ يونتن دائود کي سائول وٽ وٺي آيو، ۽ اڳي وانگر هو سندس حاضريءَ ۾ رهڻ لڳو.
8
۽ وري جنگ لڳي: ۽ دائود نڪري وڃي فلستين سان وڙهيو، ۽ انهن ۾ وڏو ڪوس وڌائين؛ ۽ هو سندس اڳيان اُٿي ڀڳا.
9
پر هڪڙو بدروح خداوند وٽان سائول تي آيو ۽ انهي مهل هو پنهنجي گهر ۾ نيزو هٿ ۾ کنيو ويٺو هو؛ ۽ دائود پنهنجي هٿ سان ساز ويٺي وڄايو.
10
۽ سائول جي مرضي هئي تہ دائود کي ڀت آڏو نيزي سان ونڌي؛ پر هو سائول جي اڳيان کسڪي نڪري ويو، ۽ نيزو وڃي ڀت ۾ لڳو: ۽ دائود انهي رات ڀڄي ويو، ۽ بچي نڪتو.
11
۽ سائول دائود جي گهر قاصد موڪليا تہ انهي جي جاچ ڪن، ۽ صبح جو انهي کي ماري وجهن: ۽ دائود جي زال ميڪل کيس چيو تہ جي اڄ رات تون پنهنجي جان نہ بچائيندين، تہ سڀاڻي تون قتل ٿيندين.
12
پوءِ ميڪل دائود کي دريءَ مان هيٺ لاهي ڇڏيو، ۽ هو هليو ويو، ۽ ڀڄي جند ڇڏايائين.
13
۽ ميڪل خانگي بت کڻي هنڌ ۾ رکيو، ۽ ٻڪرين جي ڏاس جو وهاڻو انهي جي مٿي وٽ رکيائين ۽ انهي کي وري ڪپڙن سان ڍڪي ڇڏيائين.
14
۽ جڏهن سائول دائود جي پڪڙڻ لاءِ قاصد موڪليا تڏهن ميڪل چيو تہ هو بيمار آهي.
15
۽ سائول دائود جي ڏسڻ لاءِ قاصد موڪليا، ۽ انهن کي چيائين تہ هن کي هنڌ ۾ پيل ئي کڻي اچو تہ آءٌ هن کي قتل ڪريان.
16
۽ جڏهن قاصد اندر لنگهي آيا تڏهن ڏسو تہ بت هنڌ ۾ پيو هو، ۽ ٻڪرين جي ڏاس جو وهاڻو انهي جي سيرانديءَ تي هو.
17
۽ سائول ميڪل کي چيو تہ ڇو تو مون کي هن طرح ٺڳيو آهي، ۽ منهنجي دشمن کي ڀڄائي ڇڏيو اٿيئي، جنهنڪري هو بچي ويو آهي؟ ۽ ميڪل سائول کي ورندي ڏني تہ هن مون کي چيو تہ مون کي وڃڻ ڏي: ڇو آءٌ توکي ماري وجهان؟
18
هاڻي دائود جان بچائي اُٿي ڀڳو ۽ رامہ ۾ سموئيل وٽ آيو، ۽ جيڪي سائول ساڻس ڪيو هو سو هن کي بيان ڪري ٻڌايائين. پوءِ هو ۽ سموئيل وڃي نيوت ۾ رهڻ لڳا.
19
۽ سائول کي خبر ملي تہ دائود رامہ منجهہ نيوت ۾ آهي.
20
۽ سائول دائود جي پڪڙڻ لاءِ قاصد موڪليا، ۽ جڏهن اُنهن نبين جي جماعت کي نبوت ڪندو ڏٺو ۽ سموئيل کي انهن جو سردار ٿي بيٺل ڏٺو، تڏهن خدا جو روح سائول جي قاصدن تي بہ نازل ٿيو، ۽ اُهي بہ نبوت ڪرڻ لڳا.
21
۽ جڏهن انهي ڳالهہ جي سائول کي خبر پئي، تڏهن هن ٻيا قاصد موڪليا، ۽ اُهي بہ نبوت ڪرڻ لڳا تڏهن وري ٽيون ڀيرو سائول قاصد موڪليا ۽ اُهي نبوت ڪرڻ لڳا.
22
تڏهن هو بہ رامہ ڏي ويو، ۽ جيڪو وڏو کوهہ سيڪو ۾ آهي انهي تي آيو: ۽ هو پڇڻ لڳو تہ سموئيل ۽ دائود ڪٿي آهن؟ ۽ هڪڙي چيس تہ ڏس هو رامہ منجهہ نيوت ۾ آهن.
23
۽ هو اوڏي رامہ منجهہ نيوت ڏي ويو، ۽ خدا جو روح هن تي بہ آيو، ۽ هو بہ نبوت ڪندو ويو، جيسين هو رامہ منجهہ نيوت ۾ پهتو.
24
۽ هن بہ پنهنجا ڪپڙا لاهي اُڇلائي ڇڏيا، ۽ سموئيل جي اڳيان نبوت ڪرڻ لڳو، ۽ اُهو سارو ڏينهن، ۽ اُها ساري رات اُگهاڙو پيو هو. تنهنڪري چوڻي ٿي وئي، تہ سائول بہ نبين ۾ آهي ڇا؟
← Chapter 18
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 20 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31