bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Hosea 1
Hosea 1
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 2 →
1
انهن ڏينهن ۾ جڏهن اسرائيل تي يربعام ثاني ولد يهوآس جي بادشاهي هئي ۽ يهوداہ تي عُزياہ، يوتام، آخز ۽ حزقياہ جون بادشاهتون هيون، تن ڏينهن ۾ هوسيع ولد بيريءَ جي معرفت خداوند جو اهو پيغام ڏنو ويو.
2
خداوند شروع ۾ هوسيع کي فرمايو تہ ”اي هوسيع! جيئن تہ اسرائيل وارا هڪ بيوفا زال وانگر مون خداوند کان ڦري ويا آهن. سو تون وڃي هڪڙي بيوفا عورت سان شادي ڪر ۽ سندس ئي جهڙا ٻار پيدا ڪر.“
3
سو هوسيع وڃي ڊبلائم جي ڌيءَ جُمر سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس هڪ پٽ ڄائو.
4
تڏهن خداوند هوسيع کي فرمايو تہ ”انهيءَ ٻار جو نالو يزرعيل رک، ڇاڪاڻ تہ ٿوري ئي عرصي ۾ آءٌ ييهوءَ جي شاهي گھراڻي ۾ اهڙو قتلام وجھندس، جهڙو هن يزرعيل شهر ۾ وڌو هو. اهڙيءَ طرح آءٌ اسرائيل تان سندس گھراڻي جي بادشاهي ختم ڪري ڇڏيندس.
5
انهيءَ ڏينهن آءٌ يزرعيل جي ماٿريءَ ۾ اسرائيل جي لشڪر جو زور بہ ٽوڙي ڇڏيندس.“
6
جُمر وري پيٽ سان ٿي ۽ کيس هڪ ڌيءَ ڄائي. تڏهن خداوند هوسيع کي فرمايو تہ ”انهيءَ جو نالو لورحامہ رک، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اسرائيل وارن تي اڳتي وري رحم نہ ڪندس، نڪي کين ڪنهن طرح معافي ڏيندس.
7
پر يهوداہ وارن تي آءٌ رحم ڪري کين بچائيندس. اهي نڪي تيرڪمان، تلوار، گھوڙن يا گھوڙي سوارن جي وسيلي، نہ وري ڪنهن ٻئي جنگي هٿيار جي وسيلي بچي نڪرندا، بلڪ آءٌ خداوند سندن خدا پنهنجي قدرت جي ئي وسيلي کين بچائيندس.“
8
هاڻي جڏهن لورحامہ جو ٿڃ ڇڏايو ويو، تڏهن جُمر وري پيٽ سان ٿي ۽ کيس پٽ ڄائو.
9
تڏهن خداوند وري هوسيع کي فرمايو تہ ”انهيءَ جو نالو لوعمي رک، ڇاڪاڻ تہ هاڻي اسرائيل وارا منهنجي قوم نہ آهن، نڪي آءٌ هنن جو خدا آهيان.“
10
انهيءَ هوندي بہ اسرائيل وارن جو تعداد سمنڊ جي واريءَ جي ذرڙن جيترو گھڻو هوندو، جيڪا نہ ماپي ٿي سگھجي ۽ نہ ڳڻي ٿي سگھجي. پوءِ جنهن هنڌ کين ائين چيو ويندو هو تہ ” اوهين خداوند جي قوم نہ آهيو،“ انهيءَ هنڌ کين هيئن چيو ويندو تہ ”اوهين زندہ خدا جا ٻار آهيو.“
11
تڏهن اسرائيل وارا ۽ يهوداہ وارا وري گڏ ٿي ويندا ۽ پنهنجي لاءِ هڪڙو ئي سردار چونڊيندا. پوءِ هو پنهنجي ملڪ ۾ وڌندا ويجھندا ۽ خوشحال ٿيندا ۽ اهو هڪ عظيم وقت ٿيندو جڏهن يزرعيل جو نالو سچو ثابت ٿي ويندو.
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 2 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
Recommended Reading
Commentary
Hosea Commentaries
→
Devotional
Hosea Devotional Guide
→
Get This Bible
Muslim Study Bible
→