bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Hosea 7
Hosea 7
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 8 →
1
جڏهن بہ آءٌ خداوند چاهيان ٿو تہ پنهنجي قوم کي ٻيهر بحال ڪري خوشحال ڪريان، تڏهن سامريہ بلڪ سڄي اسرائيل وارن جي بدڪرداري ۽ بڇڙائي سامهون ٿي اچي. اهي هڪٻئي سان ٺڳي ٿا ڪن، انهن مان ڪي گھرن ۾ کاٽ هڻي چوري ٿا ڪن، تہ ڪي وري ڦورن جو ٽولو بڻجي ٻاهر رستن تي لٽين ڦرين ٿا.
2
هو اهو نہ ٿا سوچين تہ آءٌ سندن سڀ بڇڙايون ڏسي رهيو آهيان، بلڪ اهي ايترو تہ بڇڙاين ۾ وڌي ويا آهن، جو انهن کي ڏسڻ سان مون کي رڳو گناهہ ئي گناهہ نظر اچن ٿا.
3
هو پنهنجن ڪُوڙن ۽ بڇڙاين سان پنهنجن اميرن بلڪ بادشاهہ کي بہ ٺڳي ٿا وٺن.
4
اهي سڀ جو سڀ بيوفا آهن. اهي نانوائيءَ جي اهڙي تنور جيان آهن، جيڪو هميشہ تپيل رهي ٿو، ۽ جنهن ۾ اٽي ڳوهڻ کان وٺي ماني پچائڻ تائين، باهہ کي چورڻ پورڻ جي ڪابہ ضرورت ڪين ٿي رهي.
5
اهي پنهنجن اميرن بلڪ بادشاهہ کي جشن واري ڏينهن مئي پيئاري مدهوش ٿا ڪن، ايتري قدر جو امير ۽ بادشاهہ مئي جي نشي ۾ هجڻ ڪري پنهنجي خلاف سازشون ڪندڙن سان رلي ملي ويا آهن.
6
انهن ٺڳن جي دلين ۾ ٺڳيءَ جي باهہ سڄي رات دکندي رهي ٿي، ۽ صبح جو ڀڙڪي اُٿي ٿي.
7
انهن سڀني جي دلين ۾ سازش تنور جي باهہ جيان ڀڙڪي ٿي، ۽ پنهنجي سازشن وسيلي حاڪمن کي ساڙيو ٿا ڇڏين. وقتاً فوقتاً هنن جا سڀ حاڪم ۽ بادشاهہ سازشن وسيلي ماريا ويا آهن، ۽ ملڪ ۾ اهڙو ڪوبہ ماڻهو ڪونہ رهيو آهي جيڪو مون خداوند کي مدد لاءِ پڪاري.“
8
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اسرائيل وارا غير قومن جي پٺيان لڳا آهن، جنهن ڪري هو اهڙي مانيءَ جيان بيڪار ٿي ويا آهن، جيڪا نہ اٿلائڻ جي ڪري هڪ پاسي ڪچي ۽ ٻئي پاسي سڙيل هجي.
9
هنن کي ڪو ڌيان ڪونهي، جو سندن دولت ڌاريا ڦٻائي ويا آهن، هو سندن مٿي ۾ اڇا وار هئڻ مثل، ڪمزور ٿيندا پيا وڃن، پر کين اها خبر ئي ڪانهي.
10
اسرائيل وارا مغروريءَ جي ڪري بدڪار ٿي ويا آهن، ۽ اها مغروري سندن منهن مان پئي ظاهر ٿئي. تنهن هوندي بہ هو مون خداوند پنهنجي خدا آڏو توبهہتائب ڪين ٿا ٿين، ۽ ڪنهن بہ صورت ۾ هو منهنجا طالبو نہ ٿا ٿين.
11
اسرائيل وارا بيعقل ۽ بيسمجھہ ڪبوتر جيان هيڏانهن هوڏانهن ٿا اُڏرن. اهي مدد لاءِ مصرين کي ٿا ٻاڏائين، ۽ اشور ملڪ ڏانهن پڻ وڃڻ ٿا چاهين.
12
پر جڏهن هو اوڏانهن ويندا تہ آءٌ مٿن ڄار اڇلائيندس، آءٌ انهن کي پکين جيان هيٺ لاهي ڦاسائيندس، ۽ کين بار بار سزا ڏيندو رهندس.
13
ويل آهي انهن جي لاءِ! جن مون کي ڇڏي ڏنو آهي، موت آهي انهن جي لاءِ! جيڪي مون کان باغي ٿي ويا آهن، توڙي جو مون کين بچائڻ ٿي گھريو، تہ بہ هنن مون سان بيوفائي ڪئي آهي.
14
هو مون کي دل سان نہ ٿا پڪارين، بلڪ بتن آڏو بہ روئن رڙن ٿا، اناج ۽ مئي جي لاءِ بتن کان دعا گھرندي هو پنهنجي بدن کي زخم بہ رسائين ٿا. هائو، اهي مون کان صفا باغي ٿي ويا آهن.
15
توڙي جو مون ئي انهن جي صحيح تربيت ڪئي آهي، انهيءَ لاءِ تہ هو جوان ۽ مضبوط ٿين، تڏهن بہ هو منهنجي خلاف برا منصوبا ٿا رٿين.
16
مون کي ڇڏي هو انهن ڏانهن ٿا وڃن، جيڪي سندن ڪابہ مدد ڪري نہ ٿا سگھن. اهي غير معبود اهڙي تيرڪمان مثل آهن، جيڪو مهل تي دوکو ڏيو وجھي. سندن مغرور اڳواڻن جي بڪواس ئي کين جنگ ۾ مارائيندي، انهيءَ سبب سڀني اسرائيل وارن تي مصر ملڪ ۾ کل ٺٺولي ٿيندي.“
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 8 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14