bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Hosea 14
Hosea 14
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 13
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
1
اي اسرائيل وارؤ! اوهان جي بدڪاريءَ ئي اوهان کي ٿاٻو ڏيئي ڪيرايو آهي، تنهنڪري اوهين خداوند پنهنجي خدا آڏو توبهہتائب ٿيو.
2
هائو، اوهين خداوند آڏو توبهہ ڪندي کيس هيئن چئو تہ ”اي خداوند! اسان جون سڀ خطائون معاف ڪر، ۽ اڳتي هلي اسين جيڪي نيڪيون ڪريون سي تون قبول ڪر. هاڻ اسين رڳو تنهنجي ئي واکاڻ ڪنداسون.
3
اشور جو لشڪر اسان کي بچائي نہ سگھندو، نڪي جنگي گھوڙا اسان کي بچائي سگھندا. هاڻي اسين پنهنجي هٿن سان ٺاهيل بتن کي وري نہ چونداسين تہ ’اوهين اسان جا خدا آهيو،‘ بيشڪ اي خداوند! تون ئي آهين، جيڪو اسان يتيمن تي رحم ڪري سگھين ٿو.“
4
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اسرائيل وارن جيڪا سرڪشي ڪئي آهي، سا آءٌ کين معاف ڪري ڇڏيندس. آءٌ کُليءَ دل سان ساڻن پيار ڪندس، ڇاڪاڻ تہ هاڻي هنن مٿان منهنجو غصو ٽري ويو آهي.
5
سو جيئن ڪنهن ويران زمين تي برسات وسي، تيئن ئي آءٌ اسرائيل وارن تي رحم ڪندس. پوءِ هو سوسن جي ٻوٽي جيان گھڻا گل جھليندا، اهي اهڙيون مضبوط پاڙون هڻندا، جيئن لبنان جو ديال پاڙون هڻي ٿو.
6
هنن جون ٽاريون اهڙيون پکڙبيون، جو منجھائن زيتون جي وڻن جهڙي سونهن نظر ايندي، ۽ لبنان جي وڻن جهڙي خوشبوءَ ايندي.
7
ڪڻڪ جي سلي جيان هو تازا توانا رهندا. اهي انگورن جي ول جيان جھجھو ڦر ڏيندا، ۽ لبنان جي مئي وانگر مشهور ٿيندا. هائو، اهي وري منهنجي ڇانوَ هيٺ رهندا.
8
تڏهن اسرائيل وارا هيئن چوندا تہ ’هاڻي اسان جو بتن سان ڪهڙو واسطو؟‘ آءٌ خداوند انهن جون دعائون ٻڌندس، ۽ سندن حفاظت ڪندس. آءٌ هنن لاءِ هميشہ سرسبز وڻ جهڙو ٿيندس، ۽ هو مون مان هر وقت جھجھو ڦل حاصل ڪندا.“
9
ڏاها ماڻهو انهن ڳالهين کي سمجھي ٿا سگھن، هائو، سمجھہ وارا انهن ڳالهين کي چڱيءَ طرح ڄاڻين ٿا. خداوند جون راهون سنئيون سڌيون آهن، سو سچار ماڻهو انهن تي ئي هلندا رهندا، پر گنهگار ماڻهو انهن راهن تي نہ هلي سگھندا، ۽ ٿاٻڙجي ڪري پوندا.
← Chapter 13
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14