bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Hosea 4
Hosea 4
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 5 →
1
اي اسرائيل وارؤ! خداوند کي اوهان جي خلاف شڪايت آهي، سو ٻڌو، خداوند اوهان جي باري ۾ هيئن ٿو فرمائي تہ ”هن ملڪ ۾ نڪي سچائي آهي، ۽ نہ وري ڪو ڪنهن جي ڀلائي چاهي ٿو، نڪي وري هتي مون خدا جي ڪا سڃاڻ ئي آهي.
2
اٽلندو هتي ڦٽ لعنت آهي، ۽ ڪو ڪنهن سان سچو نہ آهي. هائو، هتي خونريزي، چوري ۽ زناڪاريءَ جو راڄ آهي. ڏوهہ ايترا تہ وڌي ويا آهن جو خونن مٿان خون پيا ٿين.
3
تنهنڪري هي سڄو ملڪ خشڪ بيابان بڻجي ويندو، ۽ ان ۾ رهندڙ هر ساهوارو، پوءِ اهو ماڻهو هجي توڙي پکي، جانور هجي توڙي کڻي سمنڊ جون مڇيون، سڀ مري کپي ويندا.“
4
خداوند فرمائي ٿو تہ ”تنهن هوندي بہ حقيقت ۾ منهنجي شڪايت اسرائيل وارن سان نہ، بلڪ اتان جي ڪاهنن سان ئي آهي.
5
سو اي ڪاهنؤ! اوهين ۽ اوهان سان گڏ نبي سڏائيندڙ پڻ رات ڏينهن ٿاٻا پيا کائيندا. آءٌ اوهان کي دهشت ۾ وجھي ناس ڪري ڇڏيندس،
6
۽ منهنجي قوم مون بابت ڄاڻ نہ رکڻ ڪري تباهہ وَ برباد ٿي ويندي. جيئن تہ اوهان ڪاهنن مون بابت ڄاڻ ڏيڻ کي ڄاڻيواڻي وساري ڇڏيو آهي، تنهنڪري آءٌ بہ اوهان کي وساري ڇڏيندس، هاڻي اوهين منهنجا ڪاهن نہ رهندا. هائو، جيئن تہ اوهان مون پنهنجي خدا جي شريعت کي وساري ڇڏيو آهي، سو آءٌ بہ اوهان جي اولاد کي بلڪل ئي وساري ڇڏيندس.
7
اوهين ڪاهن تعداد ۾ جيئن جيئن وڌندا ويا، تيئن تيئن منهنجي خلاف وڌيڪ گناهہ ٿيندا ويا. اوهان کي جنهن مرتبي جي ڪري عزت ڏني ٿي وڃي، سو خواريءَ ۾ تبديل ٿي ويندو.
8
اوهين منهنجي قوم جي گناهن تي گذران ڪريو ٿا، تنهنڪري ئي اوهين سندن بدڪاريءَ جا آرزومند ٿا رهو.
9
سو اوهين بہ اها ئي سزا ڀوڳيندا جيڪا ٻيا ماڻهو ڀوڳيندا، جهڙا اوهان جا افعال آهن، تهڙي ئي آءٌ اوهان کي سزا ڏيندس. هائو، آءٌ اوهان کي اوهان جي ڪيل ڪمن جو بدلو ڏيندس.
10
اوهين قربانين وارو پنهنجو حصو کائڻ کان پوءِ بہ بکايل ئي رهندا، اوهين پنهنجي اولاد ۾ واڌاري لاءِ بتن جي پوڄا تہ ڪندا، پر ٻارن ۾ واڌارو ڪين ٿيندو. اوهان بتن جي پٺيان لڳي مون خداوند کان منهن موڙي ڇڏيو آهي.“
11
خداوند فرمائي ٿو تہ ”ائين لڳي ٿو تہ منهنجي قوم نئين توڙي پراڻي مئي پئي پئي پنهنجو هوش وڃائي ويٺي آهي،
12
ڇاڪاڻ تہ منهنجي قوم پنهنجي هٿن سان ٺاهيل ڪاٺيءَ جي پتلي کي کوڙي ان کان ئي سوال ٿي ڪري. هائو، ڪاٺيءَ مان ٺهيل ڪن ٻين شين کان پڻ اهي صلاح مشورو گھرن ٿا. جيئن ڪا عورت پنهنجي مڙس کي ڇڏي ڪسبياڻي بڻجي ٻين وٽ وڃي ٿي، تيئن ئي اهي مون پنهنجي خدا کي ڇڏي بتن جي پٺيان لڳا آهن.
13
اهي جبلن جي چوٽين تي رکيل بتن جي آڏو وڃي نذرانا ٿا پيش ڪن. ٽڪرين تي جيڪي شاهہبلوط، ديال ۽ تارپين جا ڇانويري وارا وڻ آهن، تن جي هيٺان وڃي اهي قربانيون ٿا ڪن. اي اسرائيل وارؤ! اوهان جون نوجوان ڌيئرون، ۽ ننهرون پوڄا ڪندي زنا ٿيون ڪرائين.
14
پر آءٌ انهن کي سندن زناڪاريءَ جي سزا ڪين ڏيندس، ڇوجو انهيءَ بدڪاريءَ لاءِ اوهين خود مرد ڏوهدار آهيو. اوهين پاڻ پوڄا ڪندي انهن عورتن سان زنا ٿا ڪريو، ۽ انهن عورتن سان گڏ بتن آڏو قربانيون ٿا ڪريو. جيئن چوڻي آهي تہ ’جيڪا قوم بيسمجھہ آهي، سا تباهہ ٿي ويندي.‘
15
اي يهوداہ وارؤ! اسرائيل وارا مون خدا سان بيوفائي ٿا ڪن، پر ائين نہ ٿئي جو انهن جي بيوفائيءَ جي ڪري اوهين يهوداہ وارا بہ گنهگار ٿيو. اوهين پوڄا لاءِ اسرائيل جي شهرن جِلجال توڙي بيتايل ڏانهن نہ وڃو، ۽ نہ وري اتي ڪڏهن مون جيئري خدا جو قسم کڻو.
16
جيئن تہ اسرائيل وارن سرڪش ڏاند وانگر سرڪشي ڪئي آهي، سو آءٌ خداوند ڪيئن انهن کي رڍن وانگر کُليل چراگاهہ ۾ چاريان؟
17
اسرائيل وارا بتن جي پوڄا گھرن ۾ ڦاسي ويا آهن، کين ڇڏي ڏيو تہ ڀلي هو پنهنجي رستي سان هلن.
18
اهي مئي خوريءَ ۾ مست ٿي زناڪاريءَ ۾ مشغول ٿي ويا آهن، اهي پنهنجي عزت بدران خواريءَ کي پسند ٿا ڪن.
19
پر جيئن طوفان ڪنهن کي ويڙهي سيڙهي پنهنجي وڪڙ ۾ کڻي ويندو آهي، تيئن اهي بہ ويڙهجي سيڙهجي کڄي ويندا، ۽ بتپرستيءَ جي ڪري اهي ذليل وَ خوار ٿيندا.“
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 5 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14