bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Hosea 10
Hosea 10
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 9
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 11 →
1
اسرائيل وارا اهڙي سرسبز انگوري ول جيان هئا، جنهن ۾ جھجھو ڦر لڳندو هو. پر جيئن جيئن سندن جھجھو ميوو پچندو ويو، تيئن تيئن هو گھڻي کان گھڻيون غير معبودن جون قربانگاهون اڏيندا ويا. جيتري سندن زمين ڦلدار هئي، اوترا ئي هنن سهڻا سهڻا ٿنڀن وارا بت جوڙيا.
2
جيئن تہ هو دغاباز ۽ بيوفا ٿي ويا آهن، تنهنڪري هو انهيءَ جي سزا ڀوڳيندا، خدا سندن اهي قربانگاهون ڊاهي ڇڏيندو، ۽ سندن بتن جا ٿنڀا ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندو.
3
بيشڪ ٿوري وقت کان پوءِ هو ائين چوندا تہ ”اسان جو ڪوبہ بادشاهہ ڪونهي رهيو، ڇاڪاڻ تہ اسين خداوند کان نہ ڊناسون. پر جيڪڏهن بادشاهہ هجي بہ ها تہ بہ هو اسان جي لاءِ ڇا ڪري ها؟
4
اسان جا اهي بادشاهہ اجايون ڳالهيون ڪندا هئا، عهد اقرار ڪرڻ وقت ڪوڙا قسم کڻندا هئا، ۽ سندن عدالتون غلط فيصلا ڏينديون هيون. اهي فيصلا اسان لاءِ ائين ٿيندا رهيا، جيئن زمين مان نڪرندڙ زهريلا ٻوٽا.“
5
اسرائيل جي گاديءَ واري شهر سامريہ جا سمورا رهاڪو ڏڪي ويندا، بيتايل جي سوني گابي جي وڃائجڻ ڪري هو ماتم پيا ڪندا، انهن پوڄارين جا اڳواڻ گابي جي اڳئين شان وَ شوڪت تي روئندا رڙندا.
6
اشور جي عظيم شهنشاهہ وٽ نذراني طور اهو گابي وارو بت پيش ڪيو ويندو. اسرائيل وارا پنهنجي نافرمانيءَ جي ڪري خوار خراب ٿيندا.
7
باقي رهيو سامريہ جو بادشاهہ، تنهن کي ائين قيد ڪري نيو ويندو، جيئن ڪنهن وڻ جا ڇوڏا پاڻيءَ ۾ لڙهندا آهن.
8
بيتايل جي ٽڪرين تي ٺهيل غير معبودن جا پوڄا گھر، جتي اسرائيل وارا گناهہ ڪندا آهن، سي بلڪل ناس ڪيا ويندا. هائو، سندن قربانگاهون ويران ٿي وينديون، ۽ اتي ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا اڀري ايندا. تڏهن اسرائيل وارا جبلن کي چوندا تہ ”اسان جي مٿان ڪري پئو،“ ۽ ٽڪرن کي چوندا تہ ”اسان کي پوري ڇڏيو.“
9
خداوند فرمائي ٿو تہ ” جِبعت جي واقعي واري ڏينهن کان وٺي اسرائيل وارا گناهہ ڪندا آيا آهن. هو اڃا تائين انهن گناهن کان باز نہ آيا آهن، تنهنڪري جِبعت ۾ ئي انهن سان جنگ ڪئي ويندي.
10
آءٌ ڪاهي ايندس ۽ اچي انهن بدڪارن کي سيکت ڏيندس، هائو، آءٌ ٻين قومن کي سندن خلاف گڏ ڪندس، ۽ کين گھڻن ئي گناهن جي سزا ڏني ويندي.
11
اسرائيل وارا هڪ سيکاريل وهڙي مثل هئا، جيڪو وهڙو اَن ڳاهڻ لاءِ بلڪل تيار هو، سو مون ان جي مضبوط ڳچيءَ ۾ هڪڙي پاڃاري وڌي، تہ جيئن اسرائيل وارا هر هلائين، ۽ يهوداہ وارا ساهر گھمائي ڀتر ڀڃن.
12
مون کين چيو تہ ’اوهان جي سوچ جيڪا غير آباد ٻنيءَ مثل آهي، تنهن کي اوهين هر ڏيئي کيڙيو، اوهين انهيءَ ۾ پنهنجي لاءِ سچائي پوکيو ۽ وفاداري لڻو. اهڙيءَ طرح اوهين مون خدا جا طالبو ٿيو، تہ پوءِ آءٌ اچي اوهان تي حق سچ جي برسات وسائيندس.‘
13
پر اوهان بدڪاري پوکي ۽ ناانصافي لڻي اٿوَ، اوهان ڪوڙ جي ميوي سان پنهنجو پيٽ ڀريو آهي. اوهان پنهنجي گھوڙي گاڏين، ۽ بهادرن جي گھڻائيءَ تي ڀروسو رکيو.
14
سو هاڻي اوهان جي قوم تي جنگ اچي ڪڙڪندي، ۽ اوهان جا سڀ قلعا ڊاهي ناس ڪيا ويندا، جهڙيءَ طرح بادشاهہ شلمن جي ڏينهن ۾ بيتاربيل کي جنگ ۾ برباد ڪيو ويو هو. انهيءَ جنگ ۾ مائرن کي ٻارن سميت اڇلائي ماريو ويو هو.
15
ساڳيءَ طرح اي اسرائيل جي بيتايل شهر جا رهاڪؤ! اوهان جي گھڻي بڇڙائيءَ سبب اوهان سان بہ ائين ئي ٿيندو. اي اسرائيل وارؤ! اوهان جو بادشاهہ جنگ جي شروع ۾ ئي ماريو ويندو.“
← Chapter 9
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 11 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14