bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Hosea 6
Hosea 6
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 5
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 7 →
1
اچو تہ خداوند آڏو توبهہتائب ٿيون، ڇاڪاڻ تہ هن ئي چيريو ڦاڙيو آهي، ۽ هو ئي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندو، هائو، هن ئي ڌڪ رسايا آهن ۽ هو ئي مرهم پٽي ڪندو.
2
ٻن ڏينهن کان پوءِ هو اسان کي چڱو ڀلو ڪندو، ۽ ٽئين ڏينهن هو اسان کي وري اٿاري کڙو ڪندو، تانتہ اسين سندس آڏو زندہ رهون.
3
اچو تہ خداوند سان رابطو رکي سندس وڌ کان وڌ طالبو ٿيون، هائو، هو يقيناً اسان وٽ ايندو، جيئن روزانو صبح جو سج نڪري ٿو. هو برسات وانگر اسان وٽ اچي ڪڙڪندو، هائو، بهار جي برسات وانگر، جيڪا زمين کي ريج ڏيو ڇڏي.
4
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي اسرائيل وارؤ! آءٌ اوهان سان ڇا ڪريان؟ ۽ اي يهوداہ وارؤ! آءٌ اوهان سان ڪيئن هلان؟ اوهان جي وفاداري صبح جي ڪڪر جيان گم ٿيو وڃي هائو، جيئن صبح ٿيڻ سان ماڪ گم ٿي ويندي آهي.
5
انهيءَ سبب مون اوهان ڏانهن پنهنجا نبي موڪليا، جن اوهان کي منهنجي فرمان مطابق سزا ۽ برباديءَ بابت ٻڌايو، ڇاڪاڻ تہ منهنجو عدل سدائين نور جيان پيو چمڪندو رهندو.
6
آءٌ رسمي قربانيون نہ ٿو چاهيان، بلڪ اوهين مون سان دلي طرح وفادار هجو. هائو، مون کي رسمي ساڙڻ واريون قربانيون پسند نہ آهن، بلڪ مون کي سچيءَ دل سان سڃاڻو.
7
پر اي اسرائيل وارؤ! اوهان منهنجي قوم هوندي آدم واري هنڌ پهچڻ کان وٺي مون سان ڪيل عهد اقرار ٽوڙيندا رهيا آهيو. هائو، انهيءَ وقت کان وٺي اوهين مون سان بيوفائي ڪندا رهيا آهيو.
8
هاڻي بہ جِلعاد بدڪارن جو شهر آهي، جتي مظلومن جو رت وهايو وڃي ٿو.
9
اوهان جي ڪاهنن جي جماعت لٽيرن جي انهن ٽولن وانگر آهي، جيڪي ماڻهن جي تاڙ ۾ رستن تي لڪي ٿا ويهن. بلڪ اهي مقدس شهر سڪم ڏانهن ويندڙن کي بہ رستي ۾ قتل ٿا ڪن. بيشڪ هنن جا ڪم تمام بڇڙا آهن.
10
مون اوهان اسرائيل وارن ۾ هڪڙي ڪراهت جهڙي ڳالهہ ڏٺي آهي، يعني اوهان ڏاڍي بتپرستي ڪندي پنهنجو پاڻ کي پليت ڪيو آهي.
11
اهڙيءَ طرح اي يهوداہ وارؤ! مون اوهان جي لاءِ بہ سزا جو وقت مقرر ڪيو آهي.
← Chapter 5
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 7 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14