bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Hosea 5
Hosea 5
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 6 →
1
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي ڪاهنؤ! ٻڌو، اي اسرائيل جا اڳواڻؤ! اوهين ڌيان ڏيو. اي شاهي گھراڻي وارؤ! اوهين ڪن ڏيو، اوهين جيڪي ٻين جي خلاف فتويٰ جاري ڪريو ٿا، هاڻي اوهان جي خلاف فتويٰ جاري ٿي چڪي آهي. اوهين مصفاہ ۾ ڦندو وجھي، تبور جبل تي ڄار پکيڙي،
2
۽ شطيم شهر واري اونهي کوٽيل کڏ بڻجي منهنجي قوم کي گمراهہ ٿا ڪريو. سو آءٌ اوهان سڀني کي سيکت ڏيندس.
3
آءٌ اسرائيل وارن کي ڄاڻان ٿو، اهي مون کان ڳجھا ناهن. انهن مون سان بيوفائي ڪئي آهي، ۽ بتپرستي ڪندي پاڻ کي پليت ڪيو اٿائون.“
4
اسرائيل وارا بڇڙاين ۾ اهڙا تہ ڦاسي ويا آهن، جو پنهنجي خدا آڏو توبهہتائب ٿيڻ لاءِ هو سوچي ئي نہ ٿا سگھن، ڇاڪاڻ تہ خداوند سان بيوفائي سندن وجود ۾ گھر ڪري ويئي آهي، تڏهن تہ کيس ڪين سڃاتو اٿائون.
5
اسرائيل وارا مغروريءَ جي ڪري بدڪار ٿي ويا آهن، ۽ اها مغروري سندن منهن مان پئي ظاهر ٿئي. پر هاڻي افرائيم قبيلي بلڪ سڄي اسرائيل وارا انهيءَ بدڪاريءَ جي ڪري منهن ڀر ڪرندا. هائو، انهن سان گڏ يهوداہ وارا پڻ ٿاٻڙجي وڃي هيٺ ڪرندا.
6
هو پنهنجي رڍن ٻڪرين ۽ ڍورن ڍڳن جون قربانيون ڪري، مون خداوند کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا، پر آءٌ ساڻن راضي نہ ٿيندس، ڇاڪاڻ تہ مون کانئن منهن موڙي ڇڏيو آهي.
7
هنن مون خداوند سان بيوفائي ڪئي آهي، جنهن جي ڪري هنن جو اولاد منهنجو نہ آهي، ۽ اهي ناجائز اولاد آهن. هاڻ اهي ۽ سندن اولاد هڪڙي مهيني جي اندر سندن ملڪيت سميت نيست وَ نابود ٿي ويندا.
8
جِبعت ۾ جنگ جون نفيلون وڄايو، ۽ رامہ ۾ پڻ توتارا وڄايو، بيتايل ۾ هيئن اعلان ڪريو تہ ”اي بنيامين وارؤ! اوهين خبردار ٿيو.“
9
خداوند جي غضب جو ڏينهن ويجھو آهي، جنهن جي ڪري اسرائيل ويران ٿي ويندو. جيڪو ڪجھہ بہ يقيناً ٿيڻو آهي، سو اسرائيل وارن آڏو اڳ ۾ ئي پڌرو ٿي چڪو آهي.
10
خداوند فرمائي ٿو تہ ”يهوداہ جي اڳواڻن اسرائيل جي علائقي تي ائين قبضو ڪيو آهي، جيئن ڪو پنهنجي پاڙيسريءَ جي حد جي نشان کان اڳتي وڌي وڃي. سو آءٌ انهن جي مٿان پنهنجو قهر ٻوڏ وانگر چاڙهي آڻيندس.
11
اسرائيل وارن تي جيڪو ظلم ٿيو آهي، سو سندن لاءِ هڪ سزا آهي، ڇاڪاڻ تہ انهن سرڪشي ڪري مون خداوند جي بجاءِ ٻين کان مدد گھُري، جيڪي سندن مدد ڪري نہ ٿا سگھن.
12
سو آءٌ اسرائيل وارن تي بربادي آڻيندس، اها بربادي اهڙي هوندي، جيئن ڪينئان ماس کائي ڪنهن کي چٽ ڪري ڇڏيندا آهن. ساڳيءَ طرح آءٌ يهوداہ وارن کي بہ ڳاري ساڙي ڇڏيندس.
13
يهوداہ وارن پنهنجو زخم ڏٺو، ۽ اسرائيل وارن جي جڏهن پنهنجي مرض تي نظر پئي، تڏهن هو اشور ملڪ ڏانهن ويا، تانتہ اتان جي عظيم شهنشاهہ کان علاج ڪرائين. پر هو انهن کي شفا ڏيئي نہ سگھيو، نڪي هو يهوداہ وارن جو زخم ڇٽائي سگھندو.
14
آءٌ خداوند اسرائيل ۽ يهوداہ وارن مٿان شينهن وانگر اچي ڪڙڪندس. آءٌ کين چيري ڦاڙي ڇڏيندس ۽ ڪنهن کي ڪين بخشيندس. جڏهن آءٌ کين چيرڻ ڦاڙڻ لاءِ کڻي ويندس، تڏهن کين ڪوبہ ڇڏائڻ وارو نہ هوندو.
15
پوءِ آءٌ انهن کي ڇڏي پنهنجي جاءِ ڏانهن روانو ٿي ويندس، ايستائين جو هو پنهنجا ڏوهہ نہ قبولين ۽ منهنجا طالبو نہ ٿين، ۽ مصيبت واري انهيءَ وقت ۾ دل وَ جان سان مون کان ئي مدد طلب نہ ڪن.“
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 6 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14