bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Hosea 2
Hosea 2
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 3 →
1
سو اهي پنهنجي همقوم ڀائرن کي عمي سڏين ۽ پنهنجي همقوم ڀينرن کي رحامہ سڏين.
2
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجا ٻارؤ! اوهين پنهنجي ماءُ سان حجت ڪريو، توڙي جو هن سان هاڻي منهنجا زال مڙس وارا تعلقات نہ آهن، تہ بہ اوهين ساڻس حجت ڪريو، تانتہ هوءَ زنا ۽ بدڪاري ڇڏي ڏئي.
3
ائين نہ ٿئي جو سندس ڄمڻ جي وقت وانگر آءٌ کيس بلڪل اگھاڙو ڪري ڇڏيان، يا ائين نہ ٿئي جو آءٌ کيس بيابان جهڙو ويران ڪري ڇڏيان. هائو، آءٌ کيس ٺوٺ زمين جهڙو ڪري ڇڏيانس، ۽ پياسو ڪري ماريانس.
4
تڏهن آءٌ سندس اولاد تي ڪو رحم نہ ڪندس، ڇوجو اهي زناڪاريءَ مان پيدا ٿيا آهن.
5
سندن زناڪار ماءُ جنهن مان اهي ٻار پيدا ٿيا، تنهن هڪ تہ زناڪاري ڪري بيحيائيءَ جو ڪم ڪيو، ٻيو وري چوي ٿي تہ ’آءٌ پنهنجي انهن زناڪار يارن جي پٺيان لڳي وينديس، جيڪي مون کي کاڌو توڙي پاڻي، بلڪ اُن، سڻي، زيتون جو تيل ۽ مئي پڻ ڏين ٿا.‘
6
تنهنڪري هاڻي آءٌ لوڙهو ڏيئي سندس رستو بند ڪندس، هائو، هن جي آڏو ڀت ڪڍندس، تانتہ کيس ڪو رستو نہ ملي.
7
هوءَ پنهنجي عاشقن جي پٺيان لڳندي، پر کين پهچي ڪين سگھندي. هائو، هوءَ انهن کي ڳوليندي رهندي پر لهي نہ سگھندن. تڏهن هوءَ چوندي تہ ’آءٌ پنهنجي پهرئين مڙس ڏانهن موٽي وينديس، ڇو تہ هاڻي جي ڀيٽ ۾ منهنجي ان وقت واري حالت بهتر هئي.‘
8
هن اهو بلڪل نہ ٿي مڃيو تہ آءٌ ئي اهو خدا آهيان، جنهن کيس اناج، مئي ۽ زيتون جو تيل ڏنو، ۽ مون ئي کيس اهو جھجھو سون ۽ چاندي عطا ڪيو، جيڪو هن بعل ديوتا جي پوڄا تي خرچ ڪيو.
9
سو هاڻ فصل لهڻ تي آءٌ کانئس پنهنجو اناج ۽ مئي موٽائي وٺندس. آءٌ کانئس اها اُن ۽ سڻي بہ کسي وٺندس، جنهن مان ٺهيل ڪپڙي سان هوءَ پنهنجي اوگھڙ ٿي ڍڪي.
10
هاڻي آءٌ هن جي يارن آڏو کيس اگھاڙو ڪري خوار خراب ڪندس، ۽ ڪوبہ کيس منهنجي هٿان ڇڏائي نہ سگھندو.
11
آءٌ هن جون سموريون خوشيون ختم ڪري ڇڏيندس. هائو، نئين چنڊ، سبت ۽ سندس عيدن جا ڏينهن، مطلب تہ سندس سڀ پاڪ گڏجاڻين جا ڏينهن آءٌ کيس ملهائڻ نہ ڏيندس.
12
آءٌ سندس اهي انگورن جا باغ، ۽ انجير جا وڻ برباد ڪري ڇڏيندس، جن بابت هن چيو آهي تہ ’هي منهنجي يارن جو ڏنل عيوضو آهن.‘ آءٌ انهن باغن کي جھنگ بڻائي ڇڏيندس، جن کي جھنگلي جانور برباد ڪري ڇڏيندا.
13
آءٌ انهيءَ کي سندس انهن ڏينهن جي سزا ڏيندس، جڏهن هوءَ مون کي وساري بعل ديوتائن جي پوڄا ڪندي هئي، ۽ انهن جي آڏو لوبان ساڙيندي هئي. هائو، آءٌ انهيءَ کي سندس انهن ڏينهن جي سزا ضرور ڏيندس، جڏهن هوءَ زيور پائي سينگار ڪري پنهنجي يارن جي پٺيان ويندي هئي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
14
خداوند وڌيڪ فرمائي ٿو تہ ”پر هاڻي ڏسو، آءٌ هن کي سمجھائيندس، ۽ ڌتاري بيابان ڏانهن وٺي وڃي ساڻس پيار سان ڳالهائيندس.
15
پوءِ آءٌ سندس انگورن جا باغ کيس موٽائي ڏيندس، ۽ ڏک جي ماٿريءَ کي پڻ هن لاءِ اميد جو گذرگاهہ بڻائيندس. تڏهن هوءَ اتي جوانيءَ جي ڏينهن وانگر مون کي موٽ ڏيندي، جيئن مصر جي ملڪ منجھان نڪرڻ وقت هن مون سان پيار ڪيو هو.
16
پوءِ انهيءَ ڏينهن هوءَ مون کي وري پنهنجو مڙس سڏيندي، ۽ اڳتي مون کي پنهنجو بعل نہ سڏيندي،
17
جيئن تہ آءٌ سندس ذهن مان بعل ديوتائن جا نالا ڪڍي ڇڏيندس، تنهنڪري هوءَ وري ڪڏهن بہ انهن جو نالو ڪين وٺندي.
18
انهيءَ ڏينهن آءٌ جھنگلي جانورن، پکين ۽ سرندڙ جيتن کي حڪم ڪندس تہ اهي منهنجي قوم کي ڪوبہ نقصان نہ پهچائين. آءٌ سڄي اسرائيل ملڪ مان جنگ جا هٿيار نيست وَ نابود ڪري ڇڏيندس. هائو، تيرڪمان توڙي تلوارون سڀيئي ناس ڪري ڇڏيندس. اهڙيءَ طرح آءٌ پنهنجي قوم کي سندن ملڪ ۾ امن وَ امان سان رهڻ ڏيندس.
19
اي بني اسرائيل قوم! آءٌ تو سان هميشہ زال مڙس وارو اهڙو لاڳاپو جوڙيندس، جيڪو سچائيءَ، عدل، رحمت ۽ دائمي شفقت وارو هوندو.
20
بيشڪ آءٌ تو سان اهو لاڳاپو هميشہ لاءِ جوڙيندس، تڏهن تون ڄاڻي وٺندينءَ تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.
21
انهيءَ ڏينهن آءٌ تو يزرعيل جون گھريل دعائون ٻڌندس، هائو، آءٌ آسمان کي حڪم ڪندس، تہ اهو زمين تي برسات جو وسڪارو ڪري. تڏهن زمين اناج، انگورن ۽ زيتونن جو جھجھو فصل اُپائيندي.
23
تون جيڪا منهنجي قوم آهين، تنهن کي آءٌ تنهنجي ملڪ ۾ قائم ڪري خوشحالي عطا ڪندس. آءٌ تو تي رحم ڪندس، جنهن کي ’رحم جوڳي نہ آهي‘ سڏيو وڃي ٿو، آءٌ تو کي پنهنجي قوم پڻ سڏيندس، جنهن کي ’منهنجي قوم نہ آهي‘ سڏيو وڃي ٿو. تڏهن تون مون کي وراڻي ڏيندينءَ تہ ’تون ئي منهنجو خدا آهين.‘“
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 3 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14