bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Hosea 12
Hosea 12
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 11
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 13 →
1
اسرائيل وارا چرين جيان هوا کي جھلڻ جي ڪوشش ٿا ڪن. هائو، اهي جھولي جي پٺيان ڊوڙندا ٿا وتن. اهي هڪٻئي سان ڪوڙن مٿان ڪوڙ ٿا ڳالهائين، ۽ ظلم ڪندا ٿا رهن. اهي اشور وارن سان عهد اقرار ڪن ٿا، ۽ مصر وارن سان ڏيتي ليتي ٿا ڪن.
2
بيشڪ يهوداہ وارا پڻ مون خداوند جا ڏوهاري آهن. سو آءٌ يعقوب جي سڄي اولاد کي سندن چال چلت موجب سزا ڏيندس. هائو، آءٌ کين سندن عملن مطابق بدلو ڏيندس.
3
يعقوب ماءُ جي پيٽ ۾ ئي پنهنجي ڀاءُ عيسوءَ کي کُڙيءَ کان ورتو هو، ۽ پنهنجي جوانيءَ جي ڏينهن ۾ مون خدا سان ملهہ وڙهيو هو.
4
هائو، هو منهنجي ملائڪ سان ملهہ وڙهيو هو، ۽ ڏاڍيءَ مشڪل کان پوءِ هو انهيءَ ملائڪ کان کٽي ويو هو. پوءِ هن روئندي روئندي مون خداوند کان برڪت گھري هئي. تنهن هوندي بہ مون خداوند بيتايل ۾ اچي يعقوب سان ڳالهايو هو.
5
آءٌ اهو ئي خدا آهيان، جنهن جو نالو خداوند آهي. هائو، آءٌ اهو ئي قادرِمطلق خدا آهيان، جنهن کي خداوند جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو.
6
سو اي يعقوب جو اولاد! اوهين پنهنجي خداوند آڏو توبهہتائب ٿيو، وفاداريءَ ۽ سچائيءَ تي قائم رهو، ۽ پنهنجي خدا تي هميشہ ڀروسو رکو.
7
اسرائيل وارا هڪ اهڙي واپاريءَ جيان آهن، جنهن جي هٿ ۾ ٺڳيءَ واري تارازي هجي، هائو، اهي سدائين ڪنهن جو حق کسڻ کي پسند ٿا ڪن.
8
اسرائيل وارا چون ٿا تہ ’اسين دولتمند آهيون ۽ جھجھو مال گڏ ڪيو اٿئون. انهيءَ ڳالهہ ۾ اسان ڪنهن جو بہ حق نہ کسيو آهي، جنهن کي اسان جو گناهہ ليکيو وڃي.‘
9
پر ياد رکو، آءٌ مصر ملڪ کان وٺي خداوند اوهان جو خدا آهيان، هاڻي بہ آءٌ ئي وري اوهان کي خيمن ۾ رهڻ تي مجبور ڪندس، جيئن اوهين اڳ بيابان ۾ رهندا هئا.
10
آءٌ نبين سان ڳالهائيندو رهيس، ۽ کين رويا مٿان رويا ڏيکاريندو رهيس، ۽ انهن نبين جي ئي وسيلي مثال ڏيئي اوهان کي سمجھائيندو رهيس.
11
پر جِلعاد جي علائقي ۾ اڃا تائين بدڪاري ۽ نسوري بيهودگي آهي، هائو، جِلجال شهر ۾ ڪراهت جهڙن بتن جي لاءِ اوهين ڍڳن کي قربان ٿا ڪريو. اوهان جون قربانگاهون ايتريون تہ گھڻيون آهن، جيئن ٻنين ۾ ڀترن جا ڍڳ هجن.
12
يعقوب ارام ملڪ ڏانهن ڀڳو، هائو، اسرائيل اتي پنهنجي زال جي خاطر ٻانهو بڻيو، ۽ سهري جون رڍون چارڻ لڳو.
13
پوءِ مون خداوند موسيٰ نبيءَ جي وسيلي اوهان يعقوب جي اولاد کي مصر مان ڪڍي آندو، هائو، انهيءَ نبيءَ جي ئي وسيلي مون اوهان جي سنڀال ڪئي.
14
پر اوهان اسرائيل وارن پنهنجن بڇڙن ڪمن ڪري مون کي سخت غصو ڏياريو آهي. تنهنڪري اوهين پنهنجين بڇڙاين سبب موت جي لائق آهيو. اوهان جيڪي بہ ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا آهن، سي آءٌ خداوند موٽائي اوهان تي آڻيندس.“
← Chapter 11
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 13 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14