bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Judges 1
Judges 1
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 2 →
1
يشوع جي وفات کان پوءِ بني اسرائيل قوم خداوند کان پڇيو تہ ”اسان جي قبيلن مان ڪير پهريائين اڳتي وڌي ڪنعانين تي حملو ڪري؟“
2
خداوند جواب ڏنو تہ ”يهوداہ قبيلو وڃي، ڇاڪاڻ تہ اهو ملڪ مون سندن ئي حوالي ڪيو آهي.“
3
تڏهن يهوداہ قبيلي وارن پنهنجي شمعون قبيلي وارن ڀائرن کي چيو تہ ”اسان کي مليل علائقي ۾ ڪنعانين سان وڙهڻ لاءِ اوهين اسان سان گڏجي هلو ۽ اسين اوهان سان گڏجي اوهان کي مليل علائقي ۾ هلنداسين.“ سو بني شمعون انهن سان گڏجي ويا.
4
تڏهن انهن ڪاهہ ڪئي ۽ خداوند کين ڪنعانين ۽ فرزين تي فتح ڏني. هنن انهن جي ڏهہ هزار ماڻهن کي بزق ۾ شڪست ڏني.
5
اتي بزق جو بادشاهہ ادونيبزق بہ وڙهيو،
6
پر هو اتان ڀڄي نڪتو. پوءِ هو انهيءَ جي پٺيان پيا ۽ کيس پڪڙي سندس هٿن ۽ پيرن جا آڱوٺا وڍي ڇڏيائون.
7
تڏهن ادونيبزق چوڻ لڳو تہ ”ستر بادشاهہ جن جي هٿن پيرن جا آڱوٺا وڍيل هئا، سي منهنجي دسترخوان تي ڪريل مانيءَ جا ڀورا گڏ ڪري کائيندا هئا. هاڻ خدا بہ بدلي ۾ مون سان ائين ئي ڪيو آهي جيئن مون انهن سان ڪيو هو.“ پوءِ کيس يروشلم ۾ آندو ويو جتي هو مري ويو.
8
بني يهوداہ يروشلم تي پڻ حملو ڪري مٿس قبضو ڪيو ۽ اتان جي ماڻهن کي تلوار سان ماري ڇڏيائون ۽ شهر کي باهہ ڏنائون.
9
تنهن کان پوءِ بني يهوداہ انهن ڪنعانين سان وڙهڻ لاءِ ڪاهي ويا جيڪي جابلو علائقي، ڏاکڻي حصي ۽ هيٺاهن ڍورن ۾ رهندا هئا.
10
هو انهن ڪنعانين تي پڻ ڪاهي ويا جيڪي حبرون شهر ۾ رهندا هئا، جنهن کي اڳي قريتاربع جي نالي سان سڏيو ويندو هو. اتي هنن سيسي، اخيمان ۽ تلمي گھراڻن کي شڪست ڏني.
11
اتان بني يهوداہ دبير شهر تي ڪاهي ويا، جنهن کي اڳي قريتسفر جي نالي سان سڏيو ويندو هو.
12
تڏهن ڪالب چيو تہ ”جيڪو قريتسفر تي حملو ڪري مٿس قبضو ڪندو تنهن کي آءٌ پنهنجي ڌيءَ عڪسہ پرڻائي ڏيندس.“
13
سو ڪالب جي ننڍي ڀاءُ قنز جي پٽ غتنيايل انهيءَ تي قبضو ڪيو. تڏهن ڪالب پنهنجي ڌيءَ عڪسہ کيس پرڻائي ڏني.
14
شاديءَ واري ڏينهن عڪسہ پنهنجي مڙس غتنيايل کي ڀڙڪايو تہ ”بابي کان ڪجھہ ٻني گھُرون.“ سو هوءَ پنهنجي گڏهہ تان لهي پيئي، تڏهن ڪالب کانئس پڇيو تہ ”تو کي ڇا کپي؟“
15
هن وراڻيو تہ ”مون کي بخشش ڏي. جيئن تہ تو مون کي ڏکڻ ۾ خشڪ زمين ڏني آهي، سو مون کي پاڻيءَ جا چشما بہ ڏي.“ تڏهن ڪالب کيس مٿيان ۽ هيٺيان چشما ڏيئي ڇڏيا.
16
موسيٰ جي ساهراڻي خاندان مان قينيءَ جو اولاد کجين واري شهر يريحو مان بني يهوداہ سان گڏجي يهوداہ جي بيابان ۾ ويو جيڪو عراد جي ڏکڻ ۾ آهي. هو اتي وڃي عماليقين سان رهڻ لڳا.
17
پوءِ بني يهوداہ قبيلي وارن پنهنجي بني شمعون وارن ڀائرن سان گڏجي وڃي صفت ۾ رهندڙ ڪنعانين تي حملو ڪيو ۽ شهر کي صفا تباهہ ڪري ڇڏيائون. انهيءَ ڪري انهيءَ شهر جو نالو حرمہ پئجي ويو.
18
بني يهوداہ غزہ، اسقلون ۽ عقرون شهر بہ ٻهراڙين سميت قبضي ڪري ورتا.
19
خداوند بني يهوداہ سان گڏ هو، سو هنن جابلو علائقي تي قبضو ڪري ورتو. پر هو ميداني علائقي جي ماڻهن کي اتان ڪڍي نہ سگھيا، ڇوجو انهن وٽ لوهہ جون جنگي گاڏيون هيون.
20
جيئن موسيٰ واعدو ڪيو هو، تيئن حبرون شهر ڪالب کي ڏنو ويو، جنهن اتان عناق جي ٽنهي قبيلن کي هڪالي ڪڍي ڇڏيو.
21
بني بنيامين يروشلم مان يبوسين کي نہ ڪڍيو. سو يبوسي اڄ ڏينهن تائين يروشلم ۾ بني بنيامين سان گڏ رهندا اچن.
22
يوسف جي گھراڻي يعني بني افرائيم ۽ بني منسيءَ بہ بيتايل تي ڪاهہ ڪئي ۽ خداوند انهن سان گڏ هو.
23
بيتايل جنهن جو اڳوڻو نالو لوز هو، تنهن جي جاسوسيءَ لاءِ هنن ڪي ماڻهو موڪليا.
24
جڏهن انهن جاسوسن هڪڙي ماڻهوءَ کي شهر مان ٻاهر ايندي ڏٺو، تڏهن هنن کيس چيو تہ ”اسان کي شهر ۾ داخل ٿيڻ جو رستو ڏيکار، اسين تو سان مهربانيءَ وارو سلوڪ ڪنداسين.“
25
سو هن انهن کي رستو ڏيکاريو. پوءِ بني افرائيم ۽ بني منسيءَ شهر ۾ سڀني رهندڙن کي تلوار سان ماري ڇڏيو، پر انهيءَ ماڻهوءَ کي سندس ڪٽنب سميت ڇڏي ڏنائون.
26
اهو ماڻهو بعد ۾ حتين جي ملڪ ۾ ويو ۽ اتي هن هڪڙو شهر ٻڌو جنهن جو نالو لوز رکيائين. سو اڄ تائين انهيءَ شهر جو ساڳيو نالو هليو اچي.
27
منسي قبيلي شهر بيتشان، تعناڪ، دور، ابليعام ۽ مجدو ۽ انهن جي آسپاس ۾ رهندڙ ڪنعانين کي هڪالي نہ ڪڍيو، ڇو تہ هنن اتي ئي رهڻ پسند ڪيو.
28
جڏهن بني اسرائيل مضبوط ٿيا، تڏهن هو ڪنعانين کان بيگر جو ڪم وٺڻ لڳا پر انهن کي صفا هڪالي نہ ڪڍيائون.
29
افرائيم قبيلي وارن بہ جزر ۾ رهندڙ ڪنعانين کي هڪالي نہ ڪڍيو، سو ڪنعاني اتي انهن سان گڏ رهندا آيا.
30
زبولون قبيلي وارن پڻ قطرون ۽ نهلال ۾ پاڻ سان رهندڙ ڪنعانين کي هڪالي نہ ڪڍيو، پر کانئن بيگر جو ڪم وٺڻ لڳا.
31
آشر قبيلي وارن بہ شهر عڪو، صيدا، احلاب، اڪزيب، حلبہ، افيق ۽ رحوب ۾ رهندڙ ماڻهن کي هڪالي نہ ڪڍيو.
32
بني آشر اتي جي رهندڙ ڪنعانين سان گڏ رهندا آيا، ڇو تہ هنن کين هڪالي ڪونہ ڪڍيو.
33
نفتالي قبيلي وارن پڻ بيتشمس ۽ بيتعنات جي رهندڙن کي هڪالي نہ ڪڍيو. هو اتي جي رهندڙ ڪنعانين سان گڏ رهندا آيا ۽ کانئن بيگر جو ڪم وٺڻ لڳا.
34
امورين بني دان کي زور سان جابلو علائقي ڏانهن ڌڪي ڇڏيو ۽ کين هيٺ ميدان ۾ لهڻ نہ ڏنائون.
35
اموري حرس جبل، ايالون ۽ سعلبيم ۾ رهندا آيا، پر يوسف جي گھراڻي يعني بني افرائيم ۽ بني منسي قبيلن وارن انهن کي پنهنجي هٿ هيٺ آندو ۽ کانئن بيگر جو ڪم وٺڻ لڳا.
36
امورين جي سرحد عقربيم لڪ کان وٺي سيلا کان بہ اڳتي تائين هئي.
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 2 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21