bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Judges 13
Judges 13
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 12
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 14 →
1
بني اسرائيل وري بہ اهي ساڳيائي ڪم ڪرڻ لڳا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا. سو خداوند هنن کي چاليهن سالن تائين فلستين جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو.
2
تنهن وقت ۾ منوحہ نالي هڪڙو شخص هو جيڪو صرعہ شهر جو رهاڪو هو ۽ سندس تعلق دان قبيلي سان هو. هن جي زال سنڍ هئي.
3
هڪ ڏينهن خداوند جي ملائڪ انهيءَ عورت کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”جيتوڻيڪ تون سنڍ آهين ۽ ٻار ڪونہ ٿي ڄڻين، تڏهن بہ تون جلد پيٽ سان ٿيندينءَ ۽ پٽ ڄڻيندينءَ.
4
سو هاڻ خبردار ٿيءُ، ڪنهن بہ قسم جي مئي يا ڪا ٻي نشي واري شيءِ نہ پيءُ، ۽ نہ وري ڪابہ ناپاڪ شيءِ کاءُ.
5
انهيءَ سبب جو تون پيٽ سان ٿي جيڪو پٽ ڄڻيندينءَ سو ڄائي ڄم کان ناذير يعني خدا لاءِ وقف ٿيندو، تنهنڪري سندس مٿي ۽ منهن جا وار ڪڏهن بہ نہ ڪوڙايا وڃن. هو بني اسرائيل کي فلستين جي هٿن مان ڇڏائڻ شروع ڪندو.“
6
تڏهن انهيءَ عورت اچي پنهنجي مڙس کي ٻڌايو تہ ”هڪڙو خدا جو ٻانهو مون وٽ آيو. هن جي شڪل خدا جي ملائڪ جهڙي بيحد خوفائتي هئي. نڪي مون کانئس پڇيو تہ هو ڪٿان ٿو اچي، نہ ئي وري هن مون کي پنهنجو نالو ٻڌايو.
7
مون کي رڳو ايترو چيائين تہ ’تون پيٽ سان ٿيندينءَ ۽ پٽ ڄڻيندينءَ. سو هاڻي تون ڪنهن بہ قسم جي مئي يا ڪا ٻي نشي واري شيءِ نہ پيءُ، ۽ نہ وري ڪابہ ناپاڪ شيءِ کائج، ڇوجو اهو ٻار ماءُ جي پيٽ کان ئي مرڻ تائين خدا جو ناذير ٿيندو.‘“
8
تڏهن منوحہ خداوند کان دعا گھري تہ ”اي مالڪ! جنهن ماڻهوءَ کي تو موڪليو هو، مهرباني ڪري تنهن کي وري بہ اسان وٽ موڪل، تہ اچي اسان کي ٻڌائي تہ ٻار جي ڄمڻ کان پوءِ اسين ان ٻار سان ڪهڙي هلت ڪريون.“
9
خدا منوحہ جي دعا قبول ڪئي ۽ سندس ملائڪ وري بہ انهيءَ عورت وٽ آيو جنهن وقت هوءَ ٻنيءَ ۾ ويٺي هئي. تڏهن سندس مڙس منوحہ ساڻس گڏ نہ هو.
10
سو هوءَ تڪڙي ڊوڙي پنهنجي مڙس وٽ ويئي ۽ کيس ٻڌايائين تہ ”جيڪو ماڻهو تنهن ڏينهن مون وٽ آيو هو، تنهن وري مون کي ڏيکاري ڏني آهي.“
11
تڏهن منوحہ اُٿي پنهنجيءَ زال جي پٺيان هليو. هو انهيءَ ماڻهوءَ وٽ آيو ۽ پڇيائينس تہ ”ڇا تون اهو ئي ماڻهو آهين جنهن هن عورت سان ڳالهايو هو؟“ هن وراڻيو تہ ”هائو، آءٌ اهو ئي آهيان.“
12
تڏهن منوحہ کانئس وڌيڪ پڇيو تہ ”جيئن تون چوين ٿو تيئن جڏهن ٿئي تڏهن اهو ٻار ڇا ڪري ۽ سندس رهڻي ڪهڻي ڪهڙي قسم جي هجي؟“
13
خداوند جي ملائڪ منوحہ کي وراڻيو تہ ”جيڪي ڳالهيون مون تنهنجيءَ زال کي ٻڌايون آهن تن تي هوءَ عمل ڪري.
14
هوءَ انگوري ول جي ڪابہ پيداوار نہ کائي، نہ مئي پيئي، نڪي ڪا ٻي نشي واري شيءِ پيئي ۽ نہ وري ڪا ناپاڪ شيءِ کائي. جن ڳالهين بابت مون کيس حڪم ڏنو آهي سي سڀ پوريون ڪري.“
15
تڏهن منوحہ خداوند جي ملائڪ کي چيو تہ ”مهرباني ڪري تون ڪجھہ دير اسان وٽ ترس تہ آءٌ تنهنجي لاءِ هڪڙو ڇيلو تيار ڪري وٺان.“
16
خداوند جي ملائڪ منوحہ کي وراڻيو تہ ”جيڪڏهن تون مون کي ترسائيندين بہ، تڏهن بہ آءٌ تنهنجو کاڌو ڪين کائيندس. پر جيڪڏهن تون اهو تيار ڪرڻ گھرين ٿو تہ پوءِ اهو خداوند جي لاءِ ساڙڻ واري قربانيءَ طور پيش ڪر.“ منوحہ کي اها خبر ڪانہ هئي تہ هو ڪو خداوند جو ملائڪ آهي.
17
پوءِ منوحہ خداوند جي ملائڪ کان پڇيو تہ ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟ آءٌ چاهيان ٿو تہ جڏهن تنهنجيون چيل ڳالهيون پوريون ٿين تڏهن اسين تنهنجي نالي جي تعظيم ڪريون.“
18
خداوند جي ملائڪ وراڻيس تہ ”تون منهنجو نالو نہ پڇين تہ چڱو، ڇو تہ منهنجو نالو نهايت حيرت انگيز آهي.“
19
پوءِ منوحہ هڪ ڇيلو اناج جي قربانيءَ سميت خداوند جي لاءِ ٽڪر تي قرباني ڪيو. تڏهن هڪ عجب جهڙو ڪم ٿيو جڏهن تہ منوحہ ۽ سندس زال ٻئي نهاريندا رهيا.
20
جڏهن قربانگاهہ مان شعلو آسمان ڏانهن چڙهيو، تڏهن خداوند جو ملائڪ بہ انهيءَ شعلي ۾ مٿي چڙهي ويو. اهو ڏسندي منوحہ ۽ سندس زال سجدي ۾ ڪري پيا.
21
جڏهن خداوند جي ملائڪ منوحہ ۽ سندس زال کي ٻيهر ڏيکاري نہ ڏني تڏهن منوحہ کي خبر پيئي تہ اهو خداوند جو ملائڪ هو.
22
پوءِ منوحہ پنهنجيءَ زال کي چيو تہ ”اسين پڪ مري وينداسين، ڇاڪاڻ تہ اسان خدا کي ڏٺو آهي.“
23
پر سندس زال چيس تہ ”جيڪڏهن خدا اسان کي مارڻ گھري ها تہ هيءَ ساڙڻ واري قرباني ۽ اناج جي قرباني اسان جي هٿان قبول نہ ڪري ها ۽ نہ هي سڀڪجھہ اسان کي ڏيکاري ها، نڪي وري هن وقت ههڙيون ڳالهيون اسان کي ٻڌائي ها.“
24
پوءِ انهيءَ عورت کي پٽ ڄائو ۽ سندس نالو سمسون رکيائين. اهو ٻار وڌي وڏو ٿيو ۽ خداوند انهيءَ کي برڪت ڏني.
25
جڏهن هو دان جي خيميگاهہ ۾ هو، جيڪو صرعہ ۽ استال جي وچ ۾ آهي، تڏهن خداوند جي روح هن کي بيدار ڪرڻ شروع ڪيو.
← Chapter 12
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 14 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21