bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Judges 21
Judges 21
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 20
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
1
بني اسرائيل جا ماڻهو جڏهن مصفاہ شهر ۾ گڏ ٿيا هئا تڏهن قسم کڻي چيو هئائون تہ ”اسان مان ڪوبہ پنهنجي ڌيءَ بني بنيامين کي پرڻائي نہ ڏيندو.“
2
پر هاڻ هو بيتايل ۾ آيا جتي هو شام تائين خدا جي آڏو ويٺا رهيا ۽ دانهون ڪري زارزار پئي رنائون.
3
هنن رڙيون ڪري پئي چيو تہ ”اي خداوند ، بني اسرائيل جا خدا! ائين ڇو ٿيو؟ ڇو بني اسرائيل مان هڪڙو قبيلو گھٽ ٿي ويو.“
4
ٻئي ڏينهن ماڻهو صبح جو سوير اٿيا ۽ اُتي هڪڙي قربانگاهہ ٺاهيائون ۽ انهيءَ تي ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون پيش ڪيائون.
5
انهيءَ دوران بني اسرائيل پنهنجي همقوم بني بنيامين لاءِ هر هر ڏاڍو افسوس ڪندي پئي چيو تہ ”اڄ بني اسرائيل مان هڪ قبيلو ڪٽجي ويو آهي. پر جيڪي باقي بچيا آهن هاڻي تن کي پرڻائڻ جي باري ۾ اسين ڇا ڪريون؟ اسان تہ خداوند جو قسم کنيو آهي تہ اسين پنهنجيون ڌيئرون هنن کي پرڻائي نہ ڏينداسين.“ جيئن تہ هنن پڪو قسم کڻي چيو هو تہ ”جيڪو بہ خداوند جي حضور ۾ اچي حاضر نہ ٿيندو تنهن کي ضرور ماريو ويندو.“
8
سو هاڻي هو هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ڇا بني اسرائيل مان ڪو اهڙو گھراڻو آهي جيڪو مصفاہ ۾ خداوند جي حضور ۾ حاضر نہ ٿيو هجي؟“ تڏهن کين معلوم ٿيو تہ جِلعاد جي يبيس شهر مان ڪوبہ اتي ڪونہ آيو هو،
9
ڇاڪاڻ تہ جڏهن اتي حاضري لڳائي ويئي تہ يبيس جي رهاڪن مان ڪنهن بہ جواب ڪونہ ڏنو هو.
10
تڏهن هنن ٻارهن هزار نهايت بهادر ماڻهن کي هي حڪم ڏيئي اوڏانهن موڪليو تہ ”وڃي يبيس جي رهاڪن کي عورتن ۽ ٻارن سميت تلوار جي ڌار سان ماري ڇڏيو.
11
اوهين هيئن ڪجو جو سڀني مردن ۽ پرڻيل عورتن کي ماري ڇڏجو پر ڪنوارين کي نہ مارجو.“
12
اهڙيءَ طرح يبيس جي رهاڪن مان هنن کي چار سؤ ڪنواريون ڇوڪريون هٿ آيون. هو انهن کي سيلا شهر واري لشڪرگاهہ ۾ وٺي آيا، جيڪو اتي ڪنعان ملڪ ۾ ئي آهي.
13
پوءِ قوم وارن بني بنيامين ڏانهن صلح جو پيغام موڪليو، جيڪي رمون جي ٽڪر تي رهيل هئا.
14
تڏهن بني بنيامين موٽي آيا ۽ اهي ڇوڪريون کين ڏنيون ويون جيڪي جيئريون ڇڏيون ويون هيون. پر اهي انهن لاءِ پوريون نہ پيون.
15
بني اسرائيل جي ماڻهن کي بني بنيامين لاءِ ڏک ٿيو، ڇاڪاڻ تہ خداوند بني اسرائيل قوم جو هڪڙو بازو وڍي ڇڏيو هو.
16
سو بني اسرائيل جي اڳواڻن چيو تہ ”جڏهن تہ بني بنيامين جون سموريون عورتون ماريون ويون آهن، تڏهن هاڻي باقي رهيل مردن لاءِ اسين زالون ڪٿان آڻيون؟“
17
هنن وڌيڪ چيو تہ ”بني بنيامين مان جيڪي ماڻهو باقي بچيا آهن، تن لاءِ پٺيان ڪو وارث هئڻ ضروري آهي تہ جيئن بني اسرائيل مان هڪڙو قبيلو مِٽجي نہ وڃي.
18
پر اسين هنن کي پنهنجيون ڌيئرون پرڻائي نہ ٿا ڏيئي سگھون، ڇاڪاڻ تہ اسان بني اسرائيل قسم کڻي چيو هو تہ ’لعنت هجي انهيءَ تي جيڪو ڪنهن بني بنيامين کي پنهنجي ڌيءَ پرڻائي ڏئي.‘“
19
سيلا شهر بيتايل جي اتر ۾، لبونہ شهر جي ڏکڻ ۾ ۽ بيتايل کان سڪم ڏانهن ويندڙ انهيءَ شاهي رستي جي اوڀر ۾ آهي. سو هنن سوچ ويچار ڪري بني بنيامين کي چيو تہ ”جيئن تہ سيلا شهر ۾ خداوند جي سالياني عيد اچڻ واري آهي، تنهنڪري اوهين وڃو ۽ انگورن جي باغ ۾ لڪي تاڙ ٻڌي ويهي رهو.
21
تاڙ ڪريو تہ جڏهن سيلا شهر جون ڇوڪريون ناچ ۾ حصو وٺڻ لاءِ نڪري اچن تڏهن اوهين بہ انگورن جي باغ مان نڪري اچجو. اوهان مان هر ڪو سيلا جي انهن ڇوڪرين مان هڪڙي هڪڙي پنهنجي زال ڪري زوريءَ کڻي پنهنجي علائقي ڏانهن هليو وڃي.
22
پوءِ جڏهن انهن جا پيئر يا ڀائر اسان وٽ دانهن کڻي ايندا تڏهن هنن کي چونداسين تہ ’اسان جي خاطر اهي ڇوڪريون کين ڏيئي ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ هنن اوهان جون ڇوڪريون جنگ ۾ تہ ڪونہ کنيون آهن، نڪي اوهان پاڻيهي اهي کين ڏنيون آهن، تنهنڪري اوهان واعدي خلافي ڪرڻ جا ڏوهاري نہ آهيو.‘“
23
سو بني بنيامين ائين ئي ڪيو جو جڏهن ڇوڪريون نچي رهيون هيون تڏهن هر ڪنهن ماڻهوءَ هڪڙي هڪڙي ڇوڪري وڃي پڪڙي ۽ ان کي کڻي وڃي ساڻس شادي ڪئي. پوءِ هو پنهنجي موروثي علائقي ۾ موٽي آيا ۽ نئين سر شهر ٻڌي انهن ۾ رهڻ لڳا.
24
تنهن کان پوءِ بني اسرائيل اتان روانا ٿيا. هر ڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي قبيلي، ڪٽنب ۽ پنهنجي ورثي واري علائقي ڏانهن موٽيو.
25
انهن ڏينهن ۾ بني اسرائيل تي ڪوبہ بادشاهہ ڪونہ هو، هر ڪو ماڻهو جيئن هن کي مناسب نظر ايندو هو تيئن ئي ڪندو هو.
← Chapter 20
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21