bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Judges 5
Judges 5
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 6 →
1
تڏهن انهيءَ ئي ڏينهن برق ولد ابينوعم سان گڏجي دبورہ هي گيت ڳايو تہ
2
” خداوند جي واکاڻ ڪريو. جڏهن بني اسرائيل جي پيشوائن عوام جي اڳواڻي ڪئي، تڏهن ماڻهو خوش خوش ڀرتي ٿيا.
3
اي بادشاهؤ ۽ سردارؤ! اوهين ڪن ڏيئي ٻڌو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند لاءِ گيت ڳائينديس، هائو، آءٌ بني اسرائيل جي خدا جي واکاڻ ڪنديس.
4
اي خداوند! جڏهن تون ادوم جي جبلن کان هلي اڳتي وڌئين، تڏهن ڌرتي لرزي ويئي ۽ آسمان پڻ اٿلي پيو هو، هائو، تڏهن ڪڪرن بہ ڏاڍو پاڻي وسايو هو.
5
اي خداوند! تون جيڪو سينا جبل تي لٿو هئين، تنهن جي آڏو پهاڙ بہ ڌڏڻ لڳا هئا، هائو، تو خداوند ، بني اسرائيل جي خدا کان اهي ڏڪڻ لڳا هئا.
6
رهبر شمجر جي ڏينهن ۾ ياعيل نالي هڪ عورت هئي. تن ڏينهن ۾ شاهي رستن تي سفر ڪرڻ ۾ بيحد خطرو هوندو هو، سو هر ماڻهو وروڪڙ پيچرن تان سفر ڪندو هو.
7
انهن حالتن سبب بني اسرائيل جا سمورا ڳوٺ ويران ٿي ويا هئا. تڏهن مون دبورہ اختيار سنڀالي بني اسرائيل کي ائين بچائي ورتو، جيئن ڪا ماءُ پنهنجي ٻارن کي بچائيندي آهي.
8
بني اسرائيل جڏهن نوان نوان معبود چونڊي ڪڍيا هئا، تڏهن هڪ غير قوم شهرن تي چڙهائي ڪئي هئي. جڏهن تہ ملڪ جي چاليهہ هزار جنگي جوڌن وٽ مقابلي لاءِ ڪا ڍال يا ڪو ڀالو ئي ڪونہ هو.
9
پوءِ بہ آءٌ بيحد شڪر ڪريان ٿي بني اسرائيل جي انهن سالارن ۽ سپاهين لاءِ، جيڪي پنهنجي رضا خوشيءَ سان لشڪر ۾ اچي ڀرتي ٿيا. خداوند جي واکاڻ هجي.
10
اي اڇن گڏهن تي قيمتي گدن مٿان سواري ڪرڻ وارؤ! ۽ رستي تي پنڌ هلڻ وارؤ! اوهين سڀيئي انهيءَ جو ذڪر ڪريو.
11
اي ٻڌڻ وارؤ! اوهين کوهن وٽ ڳائڻ وارن جو آواز ٻڌو، اهي بہ خداوند جي سوڀ بيان ٿا ڪن، هائو، اها ئي سوڀ جيڪا اسان جي جنگي جوڌن حاصل ڪئي. اها سوڀ ان وقت ملي جڏهن خداوند جي قوم اُٿي کڙي ٿي، ۽ شهر جي دروازن کان هيٺ لهي آئي.
12
هنن اسان کي سڏيندي چيو تہ ’جاڳ، اي دبورہ! جاڳ، اچ ۽ ڳاءِ ڪو راڳ! اُٿ، اي برق! اُٿ، اي ابينوعم جا پٽ! اُٿ! هل، تون پنهنجي دشمنن کي قيد ڪرڻ لاءِ هل!‘
13
ان وقت جيڪي باقي بچيل عام ماڻهو هئا، سي بہ لشڪر جي سالارن وٽ ماٿريءَ ۾ لهي آيا. هائو، خداوند جا ماڻهو زورآورن سان وڙهڻ لاءِ برق وٽ لهي آيا.
14
بنيامين قبيلي وارن کان پوءِ افرائيم قبيلي وارا بہ لهي آيا، بلڪ مڪير ولد منسي گھراڻي جا سردار، ۽ زبولون جا سالار پڻ هيٺ لهي آيا.
15
مون دبورہ سان گڏ اِسڪار جا امير آيا، جيئن برق آيو هو تيئن ئي اِسڪار وارا آيا، برق جي پٺيان پٺيان هو واديءَ ۾ اچي پهتا. پر اي بني روبن! اوهان جي قبيلي مان ڇو ڪوبہ نہ آيو؟
16
اوهين ڇو پنهنجي رڍن جي واڙن ۾ ويٺي ڌنارن جا آواز پيا ٻڌو؟ آہ! اوهان جو قبيلو ڪيڏو نہ مونجھاري ۾ هو!
17
اوهين بہ اي جِلعاد علائقي جا گھراڻؤ! ڇو اردن جي هُن پار ئي رهيئُہ؟ اي دان قبيلي وارؤ! ڇو سمنڊ ۾ ٻيڙين تي ئي رهجي ويئُہ؟ ۽ اي آشر جي قبيلي وارؤ! سمنڊ ڪناري تي ڇو ماٺ ڪيو ويٺا رهيئُہ؟ ڇو پنهنجين سمنڊ وارين کارين وٽ ئي رهي پيئُہ؟
18
جڏهن تہ بني زبولون ۽ بني نفتالي جنگ جي ميدان ۾ اچي نڪتا، بيشڪ اهي موت سان کيڏڻ وارا جوڌا هئا.
19
تڏهن ڪنعان جا بادشاهہ اسان تي حملو ڪرڻ آيا. هو تعناڪ شهر جي ڀرسان مجدو جي چشمن وٽ اچي وڙهيا. پر اسان کي لُٽڻڦرڻ سندن نصيب ۾ ئي نہ هو،
20
ڇوجو آسمان مان تارا لهي سپهہسالار سيسرا سان اچي وڙهيا. هائو، انهن پنهنجي منزلن کان لهي اچي ساڻن جنگ جوٽي.
21
سو دشمن لشڪر برساتي نهر قيسون ۾ لڙهي ويو، هائو، اها ئي برساتي نهر جيڪا ڏاڍي قديمي آهي. آءٌ زور سان ڌوڪيندي اڳتي هلنديس،
22
ڇوجو دشمنن جي لشڪر جا گھوڙا ڀڳا ٿا وڃن، هائو، سندن گھوڙن جي تيز ڊوڙڻ جو دٻڪو پيو ٻڌجي.
23
خداوند جي ملائڪ چيو تہ ’ ميروز ڳوٺ تي لعنت هجي، هائو، ميروز جي رهاڪن تي بيشمار لعنت هجي.‘ انهيءَ سبب جو هنن خداوند جو ساٿ ڪين ڏنو، جڏهن هن زورآورن سان جنگ ٿي ڪئي.
24
پر سڀاڳي آهي حبر قينيءَ جي زال ياعيل، هائو، خيمن ۾ رهندڙ عورتن کان، بلڪ سڀني عورتن کان اها وڌيڪ سڀاڳي آهي.
25
سيسرا هن کان پاڻي گھريو پر هن کيس کير پيئاريو، بلڪ هن اميراڻي رڪابيءَ ۾ کيس ملائي پڻ آڻي ڏني.
26
پوءِ هن پنهنجي کاٻي هٿ ۾ ڪِلي کڻي ورتي، ۽ ساڄي هٿ ۾ واڍڪي مترڪي کنيائين. هن انهيءَ مترڪيءَ سان سيسرا جي لوندڙيءَ ۾ ڪِلي لنگھائي، هائو، هن ڌڪ هڻي سندس کوپڙي ڀڃي وڌي.
27
تڏهن سيسرا جھڪندي اچي سندس پيرن ۾ ڪريو، هائو، سندس پيرن ۾ هو اونڌو ٿي پئجي رهيو. جتي هو جھڪي ڪريو هو اتي ئي مري چٽ ٿي ويو.
28
سيسرا جي ماءُ پنهنجي محل جي ڄاريءَ واري دريءَ مان ڏسندي پڪاري هيئن چيو تہ ’ڇو سيسرا جي جنگي گھوڙي گاڏين جو اڃا آواز ٻڌڻ ۾ نہ ٿو اچي؟ ڇو سندس گھوڙي گاڏين اچڻ ۾ دير ڪئي آهي؟‘
29
تڏهن سندس ڏاهين عورتن کيس هيءَ ورندي ڏني، بلڪ هن پاڻ بہ اهو ئي سوچيو تہ
30
’پڪ هو مالِغنيمت قبضي ڪري پاڻ ۾ ورهائيندا هوندا، هر مرد کي هڪ هڪ، بلڪ ٻہ ٻہ جوان ڇوڪريون مليون هونديون. سيسرا کي رنگ برنگي ۽ ڀرت ڀريل ڪپڙا مليا هوندا، هائو، منهنجي پائڻ لاءِ عمدا ڀرت ڀريل رنگين وڳا.‘
31
اي خداوند! ڀل تنهنجا سڀ دشمن ائين برباد ٿين. تو کي پيار ڪرڻ وارا ڀل انهيءَ سج جيان هجن، جيڪو پوري آب وَ تاب سان اُڀري ٿو.“ پوءِ ملڪ ۾ چاليهن سالن تائين امن وَ امان رهيو.
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 6 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21