bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Judges 10
Judges 10
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 9
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 11 →
1
ابيملڪ کان پوءِ بني اسرائيل کي ڇڏائڻ لاءِ اِسڪار قبيلي مان تولع اٿيو، جيڪو فوہ جو پٽ ۽ دودي جو پوٽو هو. هو افرائيم جي جابلو علائقي ۾ سمير شهر منجھہ رهندو هو.
2
هو ٽيويهہ سال بني اسرائيل جو رهبر رهيو. پوءِ هن وفات ڪئي ۽ کيس سمير شهر ۾ دفن ڪيو ويو.
3
تولع کان پوءِ يائير جِلعادي اٿيو، جيڪو ٻاويهہ سال بني اسرائيل جو رهبر رهيو.
4
يائير کي ٽيهہ پٽ هئا ۽ انهن سڀني کي سواريءَ لاءِ پنهنجو پنهنجو گڏهہ هو. انهن کي جِلعاد علائقي ۾ ٽيهہ شهر هئا جيڪي اڄ ڏينهن تائين يائير جا ڳوٺ سڏبا آهن.
5
جڏهن يائير وفات ڪئي تڏهن کيس قامون شهر ۾ دفن ڪيو ويو.
6
بني اسرائيل وري بہ اهڙا ڪم ڪرڻ لڳا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا. هو بعل ۽ عستارات معبودن ۽ ارام، صيدا، موآب، بني عمون ۽ فلستين جي معبودن جي پوڄا ڪرڻ لڳا. هنن خداوند کان منهن موڙيو ۽ سندس عبادت ڪرڻ ڇڏي ڏنائون.
7
تڏهن خداوند جو غضب بني اسرائيل تي ڀڙڪيو ۽ کين فلستين ۽ بني عمون جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيائين.
8
اهي انهيءَ سال کان وٺي لاڳيتو ارڙهن سالن تائين جِلعاد علائقي ۾ اردن درياءَ جي اوڀر طرف جتي اموري پڻ رهندا هئا، بني اسرائيل تي ظلم ڪندا ۽ کين ستائيندا رهيا.
9
ان کان علاوہ بني عمون اردن درياءَ جي پار وڃي يهوداہ، بنيامين ۽ افرائيم قبيلن سان پڻ وڙهيا. انهيءَ ڪري بني اسرائيل ڏاڍا تنگ ٿيا.
10
تڏهن بني اسرائيل خداوند کي پڪاري چوڻ لڳا تہ ”بيشڪ اسان تنهنجو گناهہ ڪيو آهي جو اسان تو پنهنجي خدا کي ڇڏي بعل ديوتائن جي پوڄا پئي ڪئي آهي.“
11
خداوند بني اسرائيل کي وراڻيو تہ ”جڏهن مصرين، امورين، بني عمون ۽ فلستين ،
12
صيدانين، عماليقين ۽ ماعونين پڻ اوهان کي ستايو ۽ اوهان مون کي مدد لاءِ پڪاريو، تڏهن ڇا مون اوهان کي هنن جي هٿن مان ڪونہ ڇڏايو؟
13
پوءِ بہ اوهان مون کي ڇڏي غير معبودن جي پوڄا پئي ڪئي آهي. سو هاڻ آءٌ اوهان کي وري ڪونہ ڇڏائيندس.
14
وڃي پنهنجن انهن معبودن کي پڪاريو جن جي اوهان ڪڍ لڳا آهيو. ڀلي تہ مصيبت جي وقت هو اوهان کي ڇڏائين.“
15
تڏهن بني اسرائيل خداوند کي چيو تہ ”اسان برابر گناهہ ڪيو آهي. تنهنڪري جيڪي تو کي مناسب نظر اچي سو اسان سان ڪر، پر مهرباني ڪري اڄ اسان کي بچاءِ.“
16
پوءِ هو پنهنجن ڌارين معبودن کان جند ڇڏائي خداوند جي عبادت ڪرڻ ۾ لڳي ويا. بني اسرائيل جو برو حال خداوند کان وڌيڪ ڏٺو نہ ٿيو.
17
پوءِ بني عمون جنگ لاءِ تيار ٿي جِلعاد ۾ اچي خيما کوڙيا. بني اسرائيل بہ گڏ ٿي جِلعاد جي ويجھو مصفاہ ۾ اچي خيما کوڙيا.
18
تڏهن جِلعاد جي ماڻهن جا اڳواڻ هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”اُهو ڪهڙو ماڻهو آهي جيڪو بني عمون سان جنگ ۾ اڳواڻي ڪندو؟ جيڪو ائين ڪندو اهو ئي جِلعاد جي سڀني رهاڪن جو سردار مقرر ڪيو ويندو.“
← Chapter 9
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 11 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21