bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Judges 4
Judges 4
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 5 →
1
اهود جي وفات کان پوءِ بني اسرائيل وري بہ اهڙا ڪم ڪرڻ لڳا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا.
2
تنهنڪري خداوند انهن کي ڪنعان جي بادشاهہ يابين جي حوالي ڪري ڇڏيو جيڪو حصور شهر ۾ راڄ ڪندو هو. انهيءَ جي فوج جو سپهہسالار سيسرا هو جيڪو حروست هگوئيم ۾ رهندو هو.
3
يابين بادشاهہ کي نو سؤ لوهہ جون جنگي گھوڙي گاڏيون هيون. هن ويهن سالن تائين بني اسرائيل سان ڏاڍي سختي ڪئي، تڏهن بني اسرائيل خداوند کي مدد لاءِ پڪاريو.
4
انهن ڏينهن ۾ دبورہ نالي هڪڙي نبياڻي بني اسرائيل جي رهبر هئي، جيڪا لفيدوت جي زال هئي.
5
هوءَ افرائيم جي جابلو علائقي ۾، رامہ ۽ بيتايل شهرن جي وچ ۾ هڪڙي کجيءَ جي وڻ هيٺان ويهندي هئي ۽ بني اسرائيل اتي وٽس اچي فيصلا ڪرائيندا هئا.
6
هڪڙي ڏينهن هن برق ولد ابينوعم کي نفتالي قبيلي واري علائقي جي قادس شهر مان گھرائي کيس چيو تہ ” خداوند ، بني اسرائيل جو خدا تو کي اهو حڪم ڏئي ٿو تہ ’تون نفتالي ۽ زبولون قبيلن منجھان ڏهہ هزار ماڻهو پاڻ سان وٺي تبور جبل ڏانهن وڃ.
7
آءٌ يابين بادشاهہ جي فوج جي سپهہسالار سيسرا کي دلبو ڏئي برساتي نهر قيسون تائين تو وٽ جنگ ڪرڻ لاءِ وٺي ايندس. هن کي جنگي گاڏيون ۽ لشڪر ساڻ هوندو، پر آءٌ تو کي هن تي فتح ڏيندس.‘“
8
پر برق کيس وراڻيو تہ ”جيڪڏهن تون مون سان گڏجي هلندينءَ تہ آءٌ ويندس. پر جيڪڏهن تون مون سان گڏجي نہ هلندينءَ تہ آءٌ ڪونہ ويندس.“
9
تڏهن دبورہ چيس تہ ”ٺيڪ آهي، آءٌ تو سان گڏجي هلنديس، پر سوڀ ۾ تنهنجو نالو نہ ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ خداوند سيسرا سپهہسالار کي هڪڙي عورت جي حوالي ڪري ڇڏيندو.“ پوءِ دبورہ اُٿي ۽ برق سان گڏجي قادس شهر ڏانهن ويئي.
10
پوءِ برق زبولون ۽ نفتالي قبيلن کي گھرائي قادس شهر ۾ گڏ ڪيو ۽ ڏهہ هزار ماڻهو سندس پٺيان ٿي هليا. دبورہ بہ ساڻس گڏ ويئي.
11
هوڏانهن حبر قيني جيڪو موسيٰ جي سالي حباب جي اولاد مان هو، تنهن ٻين قينين کان الڳ ٿي، قادس شهر جي ويجھو ضعننيم ۾ وڃي شاهہبلوط جي هڪڙي وڻ وٽ پنهنجو خيمو کوڙيو.
12
جڏهن سيسرا کي خبر پيئي تہ ابينوعم جو پٽ برق، تبور جبل ڏانهن چڙهي ويو آهي.
13
تڏهن هن پنهنجيون سڀ نو سؤ ئي لوهہ جون جنگي گھوڙي گاڏيون ۽ پنهنجا سڀيئي ماڻهو گڏ ڪري حروست هگوئيم کان برساتي نهر قيسون تائين آندا.
14
تڏهن دبورہ برق کي چيو تہ ”اُٿي وڃ، ڇاڪاڻ تہ اڄوڪي ڏينهن خداوند سيسرا کي تنهنجي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي. ڏس، خداوند تنهنجي اڳيان هلندو.“ سو برق پنهنجي ڏهہ هزار ماڻهن سان تبور جبل تان لٿو.
15
برق جي حملي سان خداوند سيسرا، سندس سڀني جنگي گھوڙي گاڏين ۽ سڄي لشڪر ۾ ٽاڪوڙو وجھي ڇڏيو. سيسرا پنهنجي جنگي گھوڙي گاڏيءَ تان لهي پيرين پيادو وٺي ڀڳو.
16
پر برق حروست هگوئيم تائين سندس گاڏين ۽ لشڪر جو پيڇو ڪيو. سو سيسرا جو سڄو لشڪر تلوار جي ڌار سان مارجي ويو ۽ هڪڙو بہ ماڻهو نہ بچيو.
17
هيڏانهن سيسرا پيادو ڀڄندو اچي حبر قينيءَ جي زال ياعيل جي تنبوءَ وٽ پهتو، ڇاڪاڻ تہ حصور جي بادشاهہ يابين ۽ حبر قينيءَ جي گھراڻي جي وچ ۾ صلح هو.
18
ياعيل سيسرا سان ملڻ لاءِ ٻاهر نڪري آئي ۽ کيس چيائين تہ ”اچو منهنجا آقا، اندر اچو. ڊپ نہ ڪريو.“ سو هو تنبوءَ منجھہ گھڙي ويو ۽ ياعيل مٿس ڪپڙو وجھي کيس لڪائي ڇڏيو.
19
تڏهن سيسرا چيس تہ ”مهرباني ڪري مون کي پيئڻ لاءِ ٿورو پاڻي ڏي، آءٌ اڃايل آهيان.“ سو هن کير جي سانداري کولي ۽ کيس کير پيئاري وري لڪائي ڇڏيائينس.
20
پوءِ سيسرا چيس تہ ”تون تنبوءَ جي در تي بيهي رهہ، جيڪڏهن ڪو ماڻهو اچي تو کان پڇي تہ ’هتي ڪو ماڻهو آيو آهي؟‘ تڏهن تون چئجانس تہ ’نہ.‘“
21
گھڻي ٿڪاوٽ ڪري جڏهن سيسرا کي گَهري ننڊ اچي ويئي، تڏهن حبر جي زال ياعيل تنبوءَ جي هڪڙي ڪلي ۽ هڪڙو مترڪو پنهنجي هٿ ۾ کڻي آهستي آهستي هن وٽ ويئي ۽ اها ڪلي هن جي لوندڙيءَ ۾ ٺوڪي هنيائين، ايتري قدر جو اها آرپار لنگھي وڃي زمين ۾ کتي ۽ هو مري ويو.
22
برق بہ سيسرا جو پيڇو ڪندو اتي اچي نڪتو. تڏهن ياعيل ٻاهر نڪري اچي ساڻس ملي ۽ کيس چيائين تہ ”اچ تہ آءٌ تو کي اهو ماڻهو ڏيکاريان جنهن کي تون ڳولين ٿو.“ سو هو ساڻس گڏ اندر ويو ۽ ڇا ڏٺائين تہ سيسرا مئو پيو آهي ۽ تنبوءَ جي ڪلي سندس لوندڙيءَ ۾ لڳي پيئي آهي.
23
سو انهيءَ ڏينهن خداوند ڪنعان جي بادشاهہ يابين کي بني اسرائيل جي اڳيان زير ڪري ڇڏيو.
24
انهيءَ کان پوءِ بادشاهہ يابين تي بني اسرائيل جي پڪڙ وڌندي ويئي، تان جو هنن کيس صفا ناس ڪري ڇڏيو.
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 5 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
Recommended Reading
Commentary
Judges Commentaries
→
Devotional
Judges Devotional Guide
→
Get This Bible
Muslim Study Bible
→