bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Judges 12
Judges 12
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 11
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 13 →
1
تڏهن افرائيم جا ماڻهو جنگ ڪرڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا. هو اردن درياءُ پار ڪري صفون علائقي ڏانهن ويا ۽ اتي افتاح کي چيائون تہ ”تون اسان کي پاڻ سان گڏ هلڻ لاءِ سڏڻ کان سواءِ ڇو بني عمون سان وڙهڻ لاءِ وئين؟ هاڻي اسين تو کي تنهنجي گھر سميت ساڙيون ٿا.“
2
افتاح کين ورندي ڏني تہ ”آءٌ ۽ منهنجي قوم بني عمون سان سخت جھيڙي ۾ رڌل هئاسين، حالانڪ مون اوهان کي سڏيو بہ هو، تڏهن بہ اوهان مون کي انهن جي هٿان ڪونہ اچي ڇڏايو.
3
پوءِ جڏهن مون ڏٺو تہ اوهان مدد لاءِ نہ ايندءُ، تڏهن آءٌ پنهنجو سر تريءَ تي رکي بني عمون سان وڙهڻ لاءِ پار ويس، تڏهن خداوند مون کي انهن تي سوڀ ڏني. هاڻ ڇو اوهين اڄ مون سان وڙهڻ لاءِ آيا آهيو؟“
4
تڏهن افرائيمين کيس چيو تہ ”اوهين جِلعادي جيڪي بني افرائيم ۽ بني منسيءَ منجھہ رهو ٿا سي افرائيم جا ئي ڀڳوڙا آهيو.“ تنهن تي افتاح جِلعاد ملڪ جا سڀ ماڻهو گڏ ڪري بني افرائيم سان جنگ ڪئي ۽ کين شڪست ڏنائون.
5
جِلعادين افرائيمين کي روڪڻ لاءِ اردن درياءَ جا گھٽ وڃي جھليا ۽ جڏهن ڪنهن افرائيمي ڀڳوڙي اچي ٿي چيو تہ ”مون کي پار ٽپڻ ڏيو،“ تڏهن جِلعاد جي ماڻهن کانئس پڇيو ٿي تہ ”تون افرائيمي آهين ڇا؟“ جيڪڏهن هن ٿي چيو تہ ”نہ،“
6
تڏهن جِلعادين چيس ٿي تہ ”چڱو، ڀلا چئُہ ’شبلت.‘“ تنهن تي هن ٿي چيو تہ ”سبلت،“ ڇاڪاڻ تہ افرائيمي ماڻهو انهيءَ لفظ جو اچار صحيح طرح چئي نہ ٿي سگھيا. اهڙيءَ طرح جِلعادي افرائيمين کي پڪڙي اردن درياءَ جي گھٽن تي قتل ڪندا ٿي ويا. سو انهيءَ وقت افرائيم جا ٻائيتاليهہ هزار ماڻهو قتل ٿي ويا.
7
افتاح جِلعادي ڇهہ سال بني اسرائيل جو رهبر رهيو. پوءِ هن وفات ڪئي ۽ جِلعاد جي شهرن مان هڪ ۾ کيس دفن ڪيو ويو.
8
افتاح کان پوءِ بيتلحم وارو ابصان بني اسرائيل جو رهبر بڻيو.
9
هن کي ٽيهہ پٽ ۽ ٽيهہ ڌيئر هيون. هن پنهنجيون سڀ ڌيئر ڌارين ۾ پرڻايون ۽ پنهنجي پٽن لاءِ ٽيهہ ڇوڪريون ڌارين مان ورتائين. ابصان ست سال بني اسرائيل جو رهبر رهيو.
10
پوءِ هن وفات ڪئي ۽ کيس بيتلحم ۾ دفن ڪيو ويو.
11
انهيءَ کان پوءِ زبولون وارو ايلون ڏهہ سال بني اسرائيل جو رهبر رهيو.
12
پوءِ ايلون وفات ڪئي ۽ زبولون علائقي جي ايالون شهر ۾ کيس دفن ڪيو ويو.
13
انهيءَ کان پوءِ فرعاتون شهر واري هليل جو پٽ عبدون اٺ سال بني اسرائيل جو رهبر رهيو.
14
هن کي چاليهہ پٽ ۽ ٽيهہ پوٽا هئا ۽ انهن سڀني کي سواريءَ لاءِ پنهنجو پنهنجو گڏهہ هو.
15
پوءِ هن وفات ڪئي ۽ کيس عماليقين جي جابلو علائقي ۾ افرائيم جي فرعاتون شهر ۾ دفن ڪيو ويو.
← Chapter 11
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 13 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21