bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Judges 17
Judges 17
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 16
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 18 →
1
ميڪاہ نالي هڪڙو شخص هو جيڪو افرائيم جي جابلو علائقي جو رهاڪو هو.
2
هن پنهنجيءَ ماءُ کي چيو تہ ”تنهنجا يارهن سؤ چانديءَ جا سڪا جيڪي چوري ٿي ويا هئا ۽ انهن بابت تو کي پٽ پاراتو ڪندي ٻڌو هئم، سي مون وٽ آهن. اُهي مون ئي کنيا هئا.“ تڏهن ماڻس چيس تہ ”منهنجا پٽ! شل خداوند تو کي برڪت ڏئي.“
3
پوءِ هن اُهي يارهن سؤ چانديءَ جا سڪا پنهنجيءَ ماءُ کي موٽائي ڏنا. تڏهن ماڻس دعا گھرندي چيو تہ ”اي خداوند! پنهنجي پٽ لاءِ آءٌ اها چاندي تنهنجي نذر ٿي ڪريان، جنهن مان اُڪريل ۽ مٿس چاندي پلٽيل هڪڙو بت ٺهرايو ويندو. اهڙيءَ طرح آءٌ پنهنجي پٽ کي تو ڏانهن موٽائي ٿي آڻيان.“
4
سو جڏهن هن اهي سڪا پنهنجي ماءُ کي موٽائي ڏنا، تڏهن ماڻس انهن مان ٻہ سؤ چانديءَ جا سڪا کڻي هڪڙي ڪاريگر کي ڏنا، جنهن انهن چانديءَ جي سڪن مان اُڪريل ۽ مٿس چاندي پلٽيل هڪڙو بت ٺاهيو. اُهو ميڪاہ جي گھر ۾ رکيو ويو.
5
ميڪاہ هڪڙو ٻيو مجسمو ۽ ننڍڙا بت ٺاهيا ۽ اهي بہ پنهنجي بتخاني ۾ رکيائين. هن پنهنجي پٽن مان هڪڙي کي مخصوص ڪري پنهنجي ڪاهن طور مقرر ڪيو.
6
انهن ڏينهن ۾ بني اسرائيل تي ڪوبہ بادشاهہ ڪونہ هو. سو جنهن کي جيڪي وڻيو ٿي تنهن سو ئي ڪيو ٿي.
7
تن ڏينهن ۾ هڪڙو جوان بني لاوي يهوداہ جي بيتلحم شهر ۾ رهندو هو.
8
اُهو جوان ڪنهن ٻئي هنڌ وڃي رهڻ لاءِ اتان روانو ٿيو. هو سفر ڪندو افرائيم جي جابلو علائقي ۾ ميڪاہ جي گھر آيو.
9
ميڪاہ پڇيس تہ ”تون ڪٿان ٿو اچين؟“ هن وراڻيس تہ ”آءٌ يهوداہ واري بيتلحم شهر جو لاوي آهيان ۽ رهڻ لاءِ ڪنهن جاءِ جي تلاش ۾ نڪتو آهيان.“
10
تڏهن ميڪاہ کيس چيو تہ ”تون مون سان گڏجي هڪڙي پيءُ ۽ ڪاهن طور ٿي رهہ تہ آءٌ تو کي سال ۾ ڏهہ چانديءَ جا سڪا، بلڪ ڪپڙا ۽ کاڌو بہ ڏيندس.“
11
اُهو جوان لاوي ميڪاہ سان گڏ رهڻ تي راضي ٿيو ۽ هو ميڪاہ لاءِ سندس پٽن مان هڪڙي پٽ وانگر هو.
12
ميڪاہ انهيءَ لاويءَ کي بطور ڪاهن مقرر ڪيو ۽ هو ميڪاہ جي گھر ۾ رهڻ لڳو.
13
تڏهن ميڪاہ چيو تہ ”هاڻي مون کي يقين آهي تہ خداوند مون سان چڱائي ڪندو، ڇو تہ هڪڙو لاوي منهنجو ڪاهن آهي.“
← Chapter 16
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 18 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21