bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Judges 15
Judges 15
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 14
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 16 →
1
ٿوري عرصي کان پوءِ، ڪڻڪن جي لاباري وقت، سمسون هڪڙو ڇيلو کڻي پنهنجيءَ زال سان ملڻ لاءِ ويو. هن پنهنجي سهري کي چيو تہ ”آءٌ پنهنجي زال جي ڪوٺيءَ ۾ ويندس.“ پر هن کيس اندر وڃڻ نہ ڏنو.
2
سندس سهري چيس تہ ”مون کي تہ پڪ ٿي ويئي هئي تہ تون هن کان بيزار ٿي ويو آهين، تنهنڪري مون اها تنهنجي آنر کي ڏيئي ڇڏي. پر هن جي ننڍي ڀيڻ جا هن کان وڌيڪ سهڻي آهي، مهرباني ڪري تون اها هن جي بدران وٺي وڃ.“
3
سمسون کين چيو تہ ”هن دفعي جيڪڏهن آءٌ فلستين کي ڪو نقصان پهچايان تہ مون تي ڪوبہ ڏوهہ نہ آهي.“
4
سو سمسون وڃي ٽي سؤ لومڙيون پڪڙيون ۽ ٻن ٻن لومڙين جا پڇ گڏي ٻڌي انهن جي وچ ۾ هڪڙي هڪڙي اُماڙي ٻڌي ڇڏيائين.
5
پوءِ هن انهن اُماڙين کي باهہ ڏيئي انهن لومڙين کي فلستين جي پوک ۾ ڇڏي ڏنو. اهڙيءَ طرح هن نہ رڳو سندن لڻيل پوک بلڪ بيٺل پوک، انگورن جي باغن ۽ زيتون جي باغن کي بہ ساڙي ڇڏيو.
6
جڏهن فلستين پڇا ڪئي تہ ”هي ڪم ڪنهن ڪيو آهي؟“ تڏهن کين ٻڌايو ويو تہ ”اهو ڪم تمنيءَ جي ناٺي سمسون ڪيو آهي، ڇوجو سندس سهري انهيءَ جي زال هن کان ڇني هن جي آنر کي ڏيئي ڇڏي آهي.“ سو فلستين اچي انهيءَ عورت ۽ سندس پيءُ کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيو.
7
سمسون انهن کي چيو تہ ”جيئن تہ اوهان ائين ڪيو آهي، سو جيستائين آءٌ اوهان کان وير نہ وٺندس، تيستائين بس نہ ڪندس.“
8
تڏهن هو مٿن اچي ڪڙڪيو ۽ منجھن ڏاڍو ڪوس وڌائين. پوءِ هو وڃي ايتام واري ٽڪر جي غار ۾ رهڻ لڳو.
9
انهيءَ کان پوءِ فلستين چڙهائي ڪري اچي يهوداہ جي علائقي ۾ پنهنجا تنبو کوڙيا ۽ لحيءَ جي هنڌ وٽ پکڙجي ويا.
10
يهوداہ جي ماڻهن کانئن پڇيو تہ ”اوهين ڇو اسان تي چڙهي آيا آهيو؟“ هنن جواب ڏنو تہ ”اسين سمسون کي پڪڙڻ لاءِ آيا آهيون، انهيءَ لاءِ تہ جيئن هن اسان سان ڪيو آهي، تيئن ئي اسين بہ ساڻس ڪريون.“
11
تڏهن يهوداہ جا ٽي هزار ماڻهو ايتام واري ٽڪر جي غار ڏانهن ويا ۽ سمسون کي وڃي چيائون تہ ”ڇا تو کي اهو خيال ڪونہ ٿو ٿئي تہ فلستي اسان جي مٿان حاڪم آهن؟ تو اسان سان هي ڇا ڪيو آهي؟“ هن کين جواب ڏنو تہ ”مون هنن سان اهو ئي ڪجھہ ڪيو آهي جيڪي هنن مون سان ڪيو.“
12
هنن چيس تہ ”اسين آيا آهيون تہ تو کي ٻڌي فلستين جي حوالي ڪريون.“ تڏهن سمسون کين چيو تہ ”مون سان قسم کڻو تہ اوهين پاڻ مون کي قتل نہ ڪندا.“
13
هنن وراڻيس تہ ”ٺيڪ آهي، اسين تو کي رڳو ٻڌي هنن جي حوالي ڪنداسين. اسين تو کي هرگز نہ مارينداسين.“ پوءِ هنن سمسون کي ٻن نون رسن سان ٻڌو ۽ ٽڪر واري غار مان موٽائي وٺي آيس.
14
جڏهن هو لحيءَ جي هنڌ وٽ اچي پهتو تڏهن فلستي رڙيون ڪندي مٿس چڙهي آيا. تڏهن خداوند جو روح هن تي زور ساڻ نازل ٿيو ۽ جيڪي رسا هن جي ٻانهن ۽ هٿن جي چوڌاري ٻڌل هئا تن کي هن ٽوڙي ڇڏيو، ڄڻ تہ اُهي سڙيل سڻيءَ مان ٺهيل هئا.
15
هن اُتي هڪڙي گڏهہ جي تازي ڄاڙهہ پيل ڏٺي جيڪا جھپڙ ڏيئي کنيائين ۽ انهيءَ سان هڪ هزار ماڻهن کي ماريائين.
16
پوءِ سمسون چيو تہ ”گڏهہ جي هڪڙي ڄاڙهہ سان مون هزار ماڻهو ماريا، گڏهہ جي هڪڙي ڄاڙهہ سان مون لاشن جا ڍير لڳائي ڇڏيا.“
17
انهيءَ کان پوءِ اُها ڄاڙهہ پري اڇلائي ڇڏيائين. تڏهن کان انهيءَ جو نالو رامتلحي پئجي ويو.
18
پوءِ سمسون کي ڏاڍي اڃ لڳي، سو خداوند کي پڪاري چوڻ لڳو تہ ”تو پنهنجي ٻانهي کي هيڏي وڏي سوڀ ڏني آهي. هاڻ ڀلا آءٌ اڃ کان مران ڇا ۽ هنن اڻطهريلن جي قبضي ۾ اچي وڃان ڇا؟“
19
تڏهن خدا اُتي هڪ کڏ ۾ ڦاڙ ڪيو تہ انهيءَ منجھان پاڻي نڪري آيو. پاڻي پيئڻ کان پوءِ سمسون ۾ ساهہ پيو ۽ هو وري تازو توانو ٿي پيو. تنهنڪري انهيءَ هنڌ جو نالو عينهقوري پئجي ويو. اُهو اڃا تائين لحيءَ جي هنڌ وٽ آهي.
20
فلستين جي حڪمرانيءَ وارن ڏينهن ۾ سمسون ويهہ سال بني اسرائيل جو رهبر رهيو.
← Chapter 14
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 16 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21