bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Leviticus 1
Leviticus 1
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 2 →
1
خداوند پنهنجي ملاقات واري خيمي مان موسيٰ کي سڏي
2
کيس بني اسرائيل لاءِ هي حڪم ڏنو تہ ”اوهان مان جيڪو بہ ماڻهو مون خداوند جي لاءِ قرباني ڪري تہ اهو ڍورن ڍڳن يا رڍن ٻڪرين جي قرباني ڪري.
3
جيڪڏهن سندس قرباني ڍورن ڍڳن جي ساڙڻ واري قرباني هجي تہ اهو ڍور نر ۽ بيعيب هجي. هو انهيءَ کي مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ آڻي پيش ڪري تہ جيئن اهو منهنجي حضور ۾ قبول پوي.
4
هو پنهنجو هٿ انهيءَ ساڙڻ واري قربانيءَ جي مٿي تي رکي، تڏهن اها سندس لاءِ ڪفاري طور قبول ڪئي ويندي.
5
پوءِ هو انهيءَ وهڙي کي اتي مون خداوند جي آڏو ذبح ڪري. هارون جا پٽ جيڪي ڪاهن آهن تن مان هڪڙو رت کڻي انهيءَ قربانگاهہ جي چئني پاسن تي ڇٽڪاري ڇڏي، جيڪا مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ ۾ در وٽ آهي.
6
ان بعد قرباني ڪندڙ انهيءَ ساڙڻ واري قربانيءَ جي کل لاهي ۽ انهيءَ جا عضوا وڍي ڌار ڪري.
7
پوءِ ڪاهن قربانگاهہ تي باهہ ٻاري ۽ انهيءَ باهہ جي مٿان ڪاٺيون ٺاهي رکي.
8
هو منڍي ۽ چرٻي ڌار ڪيل عضون سميت قربانگاهہ تي ٻرندڙ ڪاٺين جي مٿان ٺاهي رکي.
9
پوءِ انهيءَ جا آنڊا، اوجھري ۽ پاوا ڌوتا وڃن ۽ ڪاهن اهي سڀ قربانگاهہ تي رکي ساڙي ڇڏي. اها ساڙي ويندڙ قرباني مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي.
10
جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي رڍن يا ٻڪرين جي ڌڻ مان ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ ڪو جانور پيش ڪري ٿو تہ اهو نر ۽ بيعيب هجي.
11
انهيءَ کي هو قربانگاهہ جي اتر واري پاسي مون خداوند جي آڏو ذبح ڪري. ڪاهن انهيءَ جو رت قربانگاهہ جي چئني پاسن تي ڇٽڪاري ڇڏي.
12
پوءِ قرباني ڪندڙ انهيءَ جا عضوا وڍي ڌار ڪري. ڪاهن انهن کي منڍيءَ ۽ چرٻيءَ سميت قربانگاهہ تي ٻرندڙ ڪاٺين جي مٿان ٺاهي رکي.
13
ان جا آنڊا، اوجھري ۽ پاوا ڌوتا وڃن ۽ ڪاهن اهي سڀ قربانگاهہ تي رکي ساڙي ڇڏي. اها ساڙي ويندڙ قرباني مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي.
14
جيڪڏهن ڪو ماڻهو مون خداوند لاءِ ساڙڻ جي قرباني پکين مان ڪري، تہ هو ڳيري يا ڪبوتر جي قرباني پيش ڪري.
15
ڪاهن انهيءَ کي قربانگاهہ تي آڻي، انهيءَ جي سسي مروٽي ڇني ڌار ڪري اها قربانگاهہ تي ساڙي. پوءِ انهيءَ جو رت قربانگاهہ جي پاسي تي وهائي ڇڏي.
16
انهيءَ جي گجي گند سميت ڪڍي، قربانگاهہ جي اوڀر پاسي رک واريءَ جاءِ تي اڇلائي ڇڏي.
17
انهيءَ کي ٻنهي پرن کان وٺي چيري کوليو وڃي، پر کيس ڇني ڌار نہ ڪجي. پوءِ ڪاهن انهيءَ کي قربانگاهہ تي ٻرندڙ ڪاٺين جي مٿان رکي ساڙي ڇڏي. اها ساڙي ويندڙ قرباني مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي.“
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 2 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27