bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Leviticus 17
Leviticus 17
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 16
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 18 →
1
خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ
2
”تون هارون ، سندس پٽن ۽ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي منهنجو هي حڪم ٻڌاءِ تہ
3
’بني اسرائيل مان جيڪو بہ ماڻهو ڏاند، گھٽو يا ٻڪر ٻيءَ ڪنهن جاءِ تي قربانيءَ طور ذبح ڪندو،
4
يعني انهيءَ کي مون خداوند جي واسطي قرباني ڪرڻ لاءِ مون سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ آڻي ذبح نہ ڪندو تہ انهيءَ ماڻهوءَ تي خون جو الزام ايندو، ڇاڪاڻ تہ هن رت وهايو آهي. پوءِ اهڙي ماڻهوءَ کي منهنجيءَ قوم مان خارج ڪيو ويندو.
5
انهيءَ حڪم جو مقصد هي آهي تہ بني اسرائيل جا ماڻهو جيڪي پنهنجي قربانين جا جانور کُليل ميدان ۾ قربانيءَ طور ذبح ڪن ٿا، سي هاڻي مون سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در تي، مون خداوند جي حضور ۾ ڪاهن وٽ آڻين ۽ انهن کي سلامتيءَ جي قربانيءَ طور اتي ذبح ڪن.
6
ڪاهن انهن جو رت خيمي جي سامهون اڱڻ ۾ منهنجي قربانگاهہ تي ڇٽڪاري ۽ انهن جي چرٻي منهنجي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ واسطي ساڙي.
7
اڳتي بني اسرائيل جا ماڻهو ٻڪر جي ڀوتن جي لاءِ پنهنجيون قربانيون نہ ڪن، ڇاڪاڻ تہ اهڙيءَ طرح هو مون سان بيوفائي ٿا ڪن. اهو ئي هنن جي لاءِ سندن پيڙهي بہ پيڙهي هميشہ جو قانون ٿيندو.‘
8
تنهنڪري تون انهن کي چئُہ تہ ’بني اسرائيل جي ماڻهن مان يا سندن قوم ۾ شامل ٿيل ڌارين مان جيڪو بہ ماڻهو ساڙڻ واري يا ڪا ٻي قرباني پيش ڪري،
9
پر انهيءَ کي مون سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ منهنجي حضور ۾ آڻي ذبح نہ ٿو ڪري، تہ پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ کي بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو ويندو.‘“
10
”بني اسرائيل جي ماڻهن مان يا سندن قوم ۾ شامل ٿيل ڌارين مان جيڪڏهن ڪوبہ ماڻهو ڪنهن بہ طرح رت کائيندو پيئندو، تہ آءٌ خداوند انهيءَ رت کائڻ پيئڻ واري جي خلاف ٿيندس ۽ انهيءَ کي قوم مان خارج ڪري ڇڏيندس.
11
جيئن تہ هر ساهواري شيءِ جي زندگي انهيءَ رت ۾ آهي، تنهنڪري ئي مون اوهان جي زندگين جي ڪفاري لاءِ اهو رت قربانگاهہ تي رکايو آهي. اهو رت ئي تہ آهي جنهن سان ڪنهن جي زندگيءَ جو ڪفارو ادا ڪجي ٿو.
12
اهو ئي سبب آهي جو آءٌ خداوند بني اسرائيل کي چوان ٿو تہ ڪوبہ رت نہ کائي پيئي، نہ ئي وري اوهان جي قوم ۾ شامل ٿيل ڪو ڌاريو اهو کائي پيئي.
13
بني اسرائيل مان يا سندن قوم ۾ شامل ٿيل ڌارين مان جيڪو بہ ماڻهو ڪنهن حلال جانور يا حلال پکيءَ جو شڪار ڪري، تہ اهو انهيءَ جو رت زمين تي وهائي انهيءَ کي مٽيءَ سان ڍڪي ڇڏي.
14
اهو انهيءَ ڪري جو هر ساهواري شيءِ جي زندگي سندس رت ئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو آءٌ بني اسرائيل کي چوان ٿو تہ ’اوهين ڪنهن بہ ساهواري جو رت نہ کائجو پيئجو، ڇو تہ اها سندس زندگي آهي. سو جيڪو بہ اهو کائيندو پيئندو تنهن کي بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو ويندو.‘
15
بني اسرائيل مان يا ساڻن گڏ رهندڙ ڌارين مان جيڪو بہ ماڻهو پنهنجي موت مئل يا جھنگلي جانورن جي ڦاڙيل ڪنهن ساهواري کي کائيندو، تہ اهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي. ان هوندي بہ هو شام تائين ناپاڪ رهندو، تنهن کان پوءِ پاڪ ٿيندو.
16
پر جيڪڏهن هو نڪي ڪپڙا ڌوئيندو ۽ نہ وهنجندو، تہ پوءِ انهيءَ جو نتيجو پاڻ ڀوڳيندو.“
← Chapter 16
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 18 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27