bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Leviticus 5
Leviticus 5
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 6 →
1
”جيڪڏهن ڪو ماڻهو اهو گناهہ ڪري ٿو جو جڏهن شاهدي ڏيڻ وقت کيس قسم ڏنو وڃي، تڏهن جيڪي ٻڌو يا ڏٺو هجائين سو نہ ٻڌائي تہ انهيءَ جو ڏوهہ مٿس پوندو.
2
يا جيڪڏهن ڪو ماڻهو اڻڄاڻائيءَ ۾ ڪنهن ناپاڪ شيءِ کي ڇهي ناپاڪ ٿي پوي، پوءِ اهو ڪنهن ناپاڪ جھنگلي جانور جو مڙهہ هجي، يا ڪنهن ناپاڪ ڍور جو يا وري ڪنهن ناپاڪ سرندڙ جيت جو، تڏهن بہ هو ڏوهاري ٿي چڪو.
3
يا جيڪڏهن ڪو ماڻهو اڻڄاڻائيءَ ۾ ڪنهن بہ قسم جي انساني غلاظت، جنهن سان هو پليت ٿئي ٿو، تنهن کي ڇهي ٿو، پوءِ جڏهن کيس اها ڳالهہ معلوم ٿيندي تڏهن هو ڏوهاري ٿيندو.
4
يا جيڪڏهن ڪو ماڻهو بنا سوچڻ سمجھڻ جي نيڪي يا بدي ڪرڻ لاءِ ڪوبہ قسم کڻي ٿو وجھي، جنهن ڳالهہ جي کيس خبر نہ ٿي رهي، تہ پوءِ جڏهن کيس اها معلوم ٿئي تڏهن هو اهڙيءَ ڳالهہ جو ڏوهاري ٿيندو.
5
انهن ڳالهين مان ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ جڏهن کيس پنهنجي ڏوهاري هجڻ جي خبر پوي تڏهن قبول ڪري تہ ’فلاڻي ڳالهہ ۾ مون گناهہ ڪيو آهي.‘
6
پوءِ هن جيڪو گناهہ ڪيو هجي تنهن جي لاءِ هو مون خداوند جي حضور ۾ پنهنجي پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ گھيٽي يا ٻڪري آڻي پيش ڪري، تڏهن ڪاهن سندس گناهہ جو ڪفارو ادا ڪندو.
7
پر جيڪڏهن هن کي گھيٽيءَ يا ٻڪريءَ ڏيڻ جي طاقت نہ هجي تہ هو پنهنجي گناهہ جي لاءِ مون خداوند جي حضور ۾ ٻہ ڳيرا يا ٻہ ڪبوتر آڻي، هڪڙو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ ۽ ٻيو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ.
8
هو اهي ٻئي ڪاهن وٽ کڻي اچي. ڪاهن پهريائين انهن مان هڪڙو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ پيش ڪري. هو انهيءَ جي منڍي ڳچيءَ کان مروٽي، پر ڇني ڌار نہ ڪري.
9
هو انهيءَ جي رت مان ڪجھہ قربانگاهہ جي پاسي تي ڇٽڪاري ۽ باقي رت قربانگاهہ جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي.
10
پوءِ ٻئي پکيءَ کي هو قاعدي موجب ساڙڻ واري قربانيءَ طور پيش ڪري. اهڙيءَ طرح ڪاهن سندس ڪيل گناهہ جو ڪفارو ادا ڪندو تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.
11
پر جيڪڏهن انهيءَ ماڻهوءَ کي ٻن ڳيرن يا ٻن ڪبوترن ڏيڻ جي بہ طاقت نہ هجي، تہ پوءِ هو پنهنجي ڪيل گناهہ لاءِ هڪ ڪلوگرام ميدو، پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور آڻي. هو انهيءَ تي تيل نہ وجھي، نڪي مٿس لوبان رکي، ڇاڪاڻ تہ اها پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني آهي، نہ اناج جي قرباني.
12
هو اهو ميدو ڪاهن وٽ کڻي اچي ۽ ڪاهن انهيءَ مان هڪڙي مٺ ڀري ڪڍي ۽ قربانگاهہ تي انهن قربانين جي مٿان رکي ساڙي، جيڪي مون خداوند جي لاءِ ساڙبيون آهن. ائين ڪرڻ سان هن ڄڻ تہ سڄي قرباني ساڙي ڇڏي.
13
اهڙيءَ طرح انهن ڳالهين مان جنهن ڳالهہ ۾ هن گناهہ ڪيو هجي، تنهن لاءِ ڪاهن سندس خاطر ڪفارو ادا ڪري تہ پوءِ هن کي معافي ملندي. باقي جيڪي ڪجھہ بچي سو اناج جي قربانيءَ وانگر ڪاهن جو ٿيندو.“
14
خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ
15
”جيڪڏهن ڪو ماڻهو مون خداوند کي ڏيڻ وارين مخصوص شين ڏيڻ کان بناارادي انحرافي ڪري قصور ڪري وجھي، تہ هو پنهنجي انهيءَ قصور لاءِ، ڌڻ مان هڪڙو بيعيب گھٽو مون خداوند جي حضور ۾ آڻي، جنهن جي قيمت عبادتگاهہ جي سڪي جي تور مطابق چانديءَ جا اوترا سڪا هجي جيترا مقرر ڪرڻ گھرجن. اها قصور جي تلافيءَ واسطي قرباني آهي.
16
انهيءَ مخصوص شيءِ نہ ڏيڻ جو جيڪو قصور ڪيو هجائين تنهن جو عيوض ڀري ڏئي. انهيءَ ۾ پنجون حصو ٻيو وڌائي اهو سڀ ڪاهن کي ڏئي. ڪاهن قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيءَ وارو اهو گھٽو هن لاءِ ڪفارو ڪري تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.
17
جيڪڏهن ڪو ماڻهو قصور ڪري ڪو اهڙو ڪم ڪري وجھي جنهن لاءِ مون خداوند منع ڪئي آهي، پوءِ جيتوڻيڪ انهيءَ جي خبر نہ بہ هجيس تہ بہ هو ڏوهاري آهي ۽ گناهہ جو بار مٿس پوندو.
18
تنهنڪري هو هڪڙو بيعيب گھٽو، اوتري ئي قيمت جو جيتري مقرر ڪرڻ گھرجي، قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيءَ طور ڪاهن وٽ آڻي. ڪاهن سندس بناارادي ڪيل قصور لاءِ سندس واسطي ڪفارو ڪري تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.
19
اها قصور جي تلافيءَ واسطي قرباني آهي، ڇاڪاڻ تہ هو مون خداوند جو ڏوهاري آهي.“
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 6 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27