bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Leviticus 2
Leviticus 2
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 3 →
1
”جيڪڏهن ڪو ماڻهو مون خداوند جي آڏو اناج جي قرباني پيش ڪري تہ انهيءَ جي قرباني ميدي جي صورت ۾ هئڻ گھرجي. هو انهيءَ تي تيل پئٽي ۽ مٿس لوبان رکي.
2
پوءِ اهو هارون جي پٽن وٽ کڻي اچي، جيڪي ڪاهن آهن. ڪاهن انهيءَ تيل گڏيل ميدي مان، سڄي لوبان سميت هڪڙي مٺ ڀري کڻي قربانگاهہ تي رکي ساڙي، ائين ڪرڻ سان هن ڄڻ تہ سڄي قرباني ساڙي ڇڏي. اها ساڙي ويندڙ قرباني مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي.
3
انهيءَ اناج جي قربانيءَ مان باقي بچيل حصو ڪاهنن جو ٿيندو. جيئن تہ اهو حصو بہ مون خداوند جي لاءِ ساڙيون ويندڙ قربانين مان آهي، تنهنڪري اهو مون خدا لاءِ ئي مخصوص آهي.
4
جيڪڏهن ڪو ماڻهو تنور ۾ پڪل اناج جي قرباني پيش ڪري تہ اها تيل ۾ ڳوهيل ميدي جون بيخميريون مانيون هجن يا تيل مکيل بيخميرا ڍوڍا هجن.
5
جيڪڏهن اها اناج جي قرباني تئي تي پڪل هجي تہ اها تيل ۾ ڳوهيل ميدي جي بيخميري مانيءَ جي هجي.
6
هو انهيءَ کي ڀورا ڀورا ڪري مٿس تيل پئٽي، تہ جيئن اها اناج جي قرباني صحيح طرح سان پيش ٿئي.
7
جيڪڏهن اناج جي قرباني تئيءَ ۾ تريل هجي تہ اها تيل ۾ ڳوهيل ميدي جي هجي.
8
انهن شين مان ٺهيل اناج جي قرباني ، هو مون خداوند جي آڏو آڻي ڪاهن کي ڏئي. ڪاهن اها قربانگاهہ وٽ کڻي اچي.
9
پوءِ ڪاهن انهيءَ سڄي اناج جي قربانيءَ مان ڪجھہ حصو کڻي قربانگاهہ تي رکي ساڙي، ائين ڪرڻ سان هن ڄڻ تہ سڄي قرباني ساڙي ڇڏي. اها ساڙي ويندڙ قرباني مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي.
10
انهيءَ اناج جي قربانيءَ مان جيڪي باقي بچي سو ڪاهنن جو ٿيندو. اهو مون خداوند جي لاءِ مخصوص حصو آهي، ڇاڪاڻ تہ اهو منهنجي لاءِ ئي ساڙيون ويندڙ قربانين مان آهي.
11
جيڪا بہ اناج جي قرباني مون خداوند جي آڏو پيش ڪئي وڃي، تنهن ۾ خمير اصل نہ هجي. مون خداوند جي لاءِ ساڙي ويندڙ قربانيءَ ۾ ڪڏهن بہ خمير يا ماکي نہ ملائجي.
12
پهرئين پيداوار مان اهڙيون قربانيون ڀلي مون خداوند جي آڏو پيش ڪجن، مگر اهي قربانگاهہ تي رکي ساڙيون نہ وڃن.
13
جيڪا بہ اناج جي قرباني پيش ڪريو، تنهن ۾ لوڻ ضرور وجھجو، بلڪ اوهين پنهنجين سڀني قربانين سان گڏ لوڻ پيش ڪجو، ڇاڪاڻ تہ لوڻ اوهان جي ۽ مون خداوند جي وچ واري عهد کي ظاهر ڪري ٿو.
14
باقي جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي پهرئين پيداوار مان اناج جي قرباني ، مون خداوند جي آڏو پيش ڪري، تہ پنهنجي اناج جا تازا سنگ باهہ تي ڀُڃي، انهن کي مروٽي داڻا ڪڍي پيش ڪري.
15
هو انهيءَ تي تيل پئٽي مٿس لوبان رکي. تہ جيئن اها اناج جي قرباني صحيح طرح سان پيش ٿئي.
16
پوءِ ڪاهن انهيءَ سڄي قربانيءَ مان مروٽي ڪڍيل ڪجھہ داڻا، ڪجھہ تيل ۽ سمورو لوبان ڪڍي ساڙي، ائين ڪرڻ سان هن ڄڻ تہ سڄي قرباني ساڙي ڇڏي. اها مون خداوند جي لاءِ ساڙي ويندڙ قرباني آهي.“
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 3 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27