bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Leviticus 11
Leviticus 11
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 10
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 12 →
1
پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي
2
بني اسرائيل لاءِ هي فرمايو تہ ”ڌرتيءَ جي سڀني جانورن مان جيڪي اوهان کي کائڻ جائز آهن سي هي آهن.
3
اهڙا جانور جن جا کُر ٻن ڦاڪن ۾ چيريل آهن ۽ جيڪي اوڳارين ٿا سي سڀ اوهين کائجو.
4
پر انهن مان جيڪي اوڳارين تہ ٿا پر انهن جا کُر چيريل نہ آهن سي اوهين نہ کائجو، مثال طور اٺ، جھنگلي سيهڙ ۽ سهو. اهي اوهان جي لاءِ حرام آهن.
7
بلڪ جن جا کُر تہ چيريل آهن پر اهي اوڳارين نہ ٿا سي نہ کائجو، خاص طور سوئر.
8
انهن جانورن جو گوشت اوهين نہ کائجو، نڪي انهن جي مڙهن کي هٿ لائجو. اهي اوهان جي لاءِ حرام آهن.
9
پاڻيءَ جي ساهوارن مان جيڪي اوهان کي کائڻ جائز آهن سي هي آهن. جن کي کنڀڙاٽيون ۽ ڇلڙ آهن سي اوهين کائجو، پوءِ اهي سمنڊ ۾ هجن توڙي ندين ۾.
10
پر انهن مان جن کي کنڀڙاٽيون ۽ ڇلڙ نہ آهن ۽ ٻيا جانور جيڪي پاڻيءَ ۾ رهن ٿا سي سڀ اوهان جي لاءِ حرام
11
۽ مڪروهہ آهن. اوهين انهن جو گوشت نہ کائجو ۽ انهن جي مڙهن کان نفرت ڪجو.
12
سو پاڻيءَ ۾ رهڻ وارن ساهوارن مان جن کي کنڀڙاٽيون ۽ ڇلڙ نہ آهن، سي سڀ اوهان جي لاءِ مڪروهہ آهن.
13
پکين مان جيڪي اوهان جي لاءِ مڪروهہ آهن ۽ اوهان کي کائڻا نہ آهن، بلڪ انهن کان نفرت ڪرڻي آهي سي پنهنجي سڀني قسمن موجب هي آهن: عقاب، ڳجھہ، شڪرو، هِل، ڪانءُ، شترمرغ، باز، چٻرو، ڪنگ، چٻ، قاز، پِيَڻِ، لقلق، ٻگھہ، هُدهُد ۽ چمڙو.
20
کنڀن وارا سڀ جيت اوهان جي لاءِ مڪروهہ آهن،
21
سواءِ انهن جي جن جون ٽنگون ڊگھيون آهن، جن جي وسيلي هو زمين تي ٽپ ٿا ڏين،
22
يعني مڪڙن ۽ تڏين جا سمورا قسم.
23
پر ٻيا سمورا کنڀن وارا جيت اوهان جي لاءِ مڪروهہ آهن.
24
جيڪو بہ ماڻهو چئن پيرن وارن جانورن مان هنن جانورن جي مڙهن کي ڇهندو سو شام تائين ناپاڪ رهندو: اهي سڀ جانور جن جا کُر چيريل نہ آهن يا جيڪي نہ ٿا اوڳارين ۽ اهي سڀيئي جانور جيڪي پنهنجن چنبن تي هلن ٿا. اهي سڀ اوهان جي لاءِ حرام آهن. جيڪو بہ انهن جي مڙهن کي کڻندو سو ضرور پنهنجا ڪپڙا ڌوئي، تنهن هوندي بہ هو شام تائين ناپاڪ رهندو.
29
زمين تي سرندڙ جيتن مان جيڪي اوهان جي لاءِ حرام آهن سي پنهنجي سڀني قسمن مطابق هي آهن: نور، ڪوئو، ڳوهہ،
30
ڪرڙي، واڳون، سانڊو، ريگماهي ۽ گرگٽ.
31
جيڪو انهن جي مڙهہ کي ڇهندو سو شام تائين ناپاڪ رهندو.
32
اهي مرڻ کان پوءِ جنهن شيءِ تي ڪرندا سا ناپاڪ ٿيندي، پوءِ کڻي اها ڪاٺ جي هجي يا ڪپڙي جي، کل جي هجي يا کٿي جي، مطلب تہ ڪم ۾ ايندڙ ڪهڙي بہ شيءِ هجي انهيءَ کي پاڻيءَ ۾ ٻوڙڻ گھرجي. شام تائين اها ناپاڪ رهندي، پوءِ پاڪ ٿي ويندي.
33
جيڪڏهن انهن مان ڪو مئل جيت ڪنهن ٺڪر جي ٿانوَ ۾ ڪري پوي تہ انهيءَ ۾ جيڪي بہ پيل هوندو سو ناپاڪ ٿيندو ۽ اهو ٿانءُ اوهين ڀڃي ڇڏجو.
34
ڪنهن بہ کاڌي واري شيءِ ۾ جيڪڏهن اهڙي ناپاڪ ٿيل ٿانوَ جو پاڻي پئجي ويو تہ اها ناپاڪ ٿيندي ۽ انهيءَ ٿانوَ ۾ پيئڻ واري هر شيءِ ناپاڪ ٿي ويندي.
35
جنهن بہ شيءِ تي انهن جي مڙهہ جو ڪو حصو ڪري تہ اها ناپاڪ ٿيندي، پوءِ اهو تنور هجي يا چلهو، انهيءَ کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏجو. اهي ناپاڪ آهن ۽ اوهان جي لاءِ بہ ناپاڪ رهندا.
36
انهيءَ هوندي بہ ڪو چشمو يا تلاءُ جنهن ۾ گھڻو پاڻي هجي سو پاڪ رهندو، باقي ٻي ڪابہ شيءِ انهن جي مڙهہ کي لڳندي تہ اها ناپاڪ ٿيندي.
37
جيڪڏهن انهن جي مڙهہ جو ڪو حصو اهڙي ٻج تي ڪري، جيڪو ٻنيءَ ۾ پوکڻو هجي تہ اهو ٻج پاڪ رهندو.
38
پر جيڪڏهن ڪنهن ٻج کي پاڻيءَ ۾ پسايو ويو هجي ۽ پوءِ انهن جي مڙهہ جو ڪو حصو انهيءَ تي ڪري، تہ اهو ٻج اوهان لاءِ ناپاڪ ٿيندو.
39
جيڪي جانور اوهان جي لاءِ حلال آهن، تن مان جيڪڏهن ڪو مري پوي، تہ جيڪو انهيءَ جي مڙهہ کي ڇهندو سو شام تائين ناپاڪ رهندو.
40
جيڪو انهيءَ مئل جانور مان ڪجھہ کائي يا جيڪو انهيءَ جي مڙهہ کي کڻي تہ اهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ڇڏي، پر تنهن هوندي بہ هو شام تائين ناپاڪ رهندو.
41
زمين تي سرندڙ سڀيئي جيت مڪروهہ آهن ۽ کائڻ جائز نہ آهن.
42
انهن مان جيڪو بہ جيت پيٽ ڀر ٿو رڙهي يا جنهن کي چار يا چئن کان وڌيڪ پير آهن سو اوهين نہ کائجو، ڇاڪاڻ تہ اهي سڀ مڪروهہ آهن.
43
زمين تي سرندڙ جيتن سان اوهين پاڻ کي گندو نہ ڪجو، نہ تہ اوهين پليت ٿي پوندا.
44
سو اوهين پاڻ کي انهن سان پليت نہ ڪجو بلڪ پاڻ کي پاڪ ڪري منهنجي لاءِ مخصوص ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا پاڻ پاڪ آهيان.
45
آءٌ خداوند ئي آهيان جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ ئي اوهان جو خدا هجان. تنهنڪري اوهين پاڪ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پاڪ آهيان.
46
جانورن، پکين، پاڻيءَ ۾ رهندڙ سڀني ساهوارن ۽ زمين تي سرندڙ سڀني جيتن بابت اهو ئي قاعدو آهي،
47
انهيءَ لاءِ جو اوهان کي پاڪ ۽ ناپاڪ جي وچ ۾ ۽ حلال ۽ حرام جي وچ ۾ فرق معلوم ٿئي.“
← Chapter 10
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 12 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27