bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Leviticus 21
Leviticus 21
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 20
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 22 →
1
خداوند موسيٰ کي هارون جي پٽن، جيڪي ڪاهن آهن، تن لاءِ هي حڪم ڏنو تہ ”جڏهن اوهان جي قوم ۾ ڪو مري وڃي تہ انهيءَ جي ڪفن دفن ڪرڻ لاءِ ڪوبہ ڪاهن پاڻ کي ناپاڪ نہ ڪري.
2
البت هو پنهنجي ويجھن مائٽن جهڙوڪ پنهنجي ماءُ، پيءُ، پٽ، ڌيءَ، ڀاءُ،
3
يا پنهنجيءَ اڻپرڻيل ڀيڻ جيڪا سندس گھر ۾ رهي ٿي، تنهن جي لاءِ هو پاڻ کي ناپاڪ ڪري سگھي ٿو.
4
هو پنهنجي زال جي مائٽن جي ڪري پاڻ کي ناپاڪ ڪري پنهنجي بيحرمتي نہ ڪري.
5
ڪوبہ ڪاهن پنهنجي ڏک جي اظهار لاءِ پنهنجو مٿو هِتان هُتان نہ ڪوڙائي، نڪي پنهنجي ڏاڙهيءَ جا پاسا بگاڙي ۽ نہ وري پنهنجي جسم کي زخم رسائي.
6
هو مون پنهنجي خدا جي لاءِ مخصوص رهي ۽ منهنجي نالي جي بيحرمتي نہ ڪري. جيئن تہ هو مون خداوند جي لاءِ ساڙي ويندڙ قربانيءَ جي خوراڪ پيش ٿو ڪري، تنهنڪري هو مخصوص رهي.
7
ڪوبہ ڪاهن ڪنهن اهڙيءَ عورت سان شادي نہ ڪري جيڪا ڪسبياڻي ٿي بيعزت بڻي هجي يا جنهن کي طلاق ڏني ويئي هجي. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ ڪاهن منهنجي لاءِ مخصوص ٿيل آهي.
8
تنهنڪري منهنجي قوم ڪاهن کي مخصوص ٿيل ڪري ڄاڻي، ڇاڪاڻ تہ هو انهن جي طرفان مون خدا جي لاءِ قربانيءَ جي خوراڪ پيش ڪري ٿو. سو انهيءَ کي اهي مخصوص ٿيل سمجھن، ڇو تہ آءٌ خداوند جيڪو کين پاڪ ٿو ڪريان سو پاڪ آهيان.
9
جيڪڏهن ڪنهن ڪاهن جي ڌيءَ ڪسبياڻي ٿي پاڻ کي پليت ڪري، تہ هوءَ پنهنجي پيءُ کي بيحرمت ٿي ڪري، تنهنڪري انهيءَ کي ساڙي ڇڏڻ جي سزا ڏني وڃي.
10
جيڪو پنهنجي ڀائرن ۾ سردار ڪاهن هجي، جنهن جي مٿي تي مسح ڪرڻ جو تيل پئٽي پاڪ پوشاڪ پائڻ لاءِ مخصوص ڪيو ويو هجيس، سو ڪنهن جي مرڻ تي پنهنجي مٿي جا وار نہ ڇوڙي، نڪي پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي
11
۽ نہ وري مُڙدي جي ويجھو وڃي. ايتري قدر جو پنهنجي پيءُ يا ماءُ جي لاءِ بہ پاڻ کي ناپاڪ نہ ڪري.
12
هائو، جيئن تہ هو مسح ڪرڻ واري تيل سان مون لاءِ وقف ٿيل آهي، سو هو مقدس خيمي کان ٻاهر نڪري ائين ڪرڻ سان پاڻ کي ناپاڪ ڪري منهنجي مقدس خيمي جي بيحرمتي نہ ڪري. آءٌ خداوند آهيان.
13
هو رڳو ڪنواريءَ سان شادي ڪري.
14
هو ڪنهن رنزال، طلاق ڏنل، يا ڪسبياڻي ٿي بيعزت بڻيل سان شادي نہ ڪري، بلڪ پنهنجي ئي قبيلي مان ڪنهن ڪنواريءَ سان شادي ڪري.
15
تنهنڪري هو پنهنجي اولاد کي پنهنجيءَ قوم ۾ بيآبرو نہ ڪري، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند آهيان، جيڪو هن کي پنهنجي لاءِ مخصوص ڪريان ٿو.“
16
خداوند موسيٰ کي
17
هارون لاءِ هي فرمايو تہ ”تنهنجي اولاد مان سندن سڀني پيڙهين ۾، جيڪڏهن ڪنهن بہ ماڻهوءَ ۾ ڪو عيب هجي تہ اهو مون خدا جي لاءِ قربانيءَ جي خوراڪ پيش ڪرڻ واسطي ويجھو نہ اچي.
18
ڪير بہ هجي جنهن ۾ ڪو عيب هجي، سو منهنجي ويجھو نہ اچي، يعني جيڪو انڌو، منڊو، ڦريل عضون وارو يا جنهن جو ڪو عضوو گھٽ وڌ هجي،
19
يا جنهن جو پير يا هٿ جڏو هجي،
20
نڪي وري ڪو ڪُٻڙو، بِندرو يا جنهن جي اک ۾ ڪو عيب هجي، يا جنهن کي ڪا چمڙيءَ جي بيماري هجي يا جنهن جا آنورا ڦٿل هجن.
21
مطلب تہ هارون ڪاهن جي اولاد مان جنهن بہ ماڻهوءَ ۾ ڪو جسماني عيب هجي، سو مون خدا جي لاءِ ساڙي ويندڙ قربانيءَ جي خوراڪ پيش ڪرڻ واسطي ويجھو نہ اچي.
22
البت هو منهنجي لاءِ قربانيءَ جي خوراڪ کائي سگھي ٿو، پوءِ اها خوراڪ ڪاهنن لاءِ مخصوص ٿيل هجي توڙي مون لاءِ ئي مخصوص هجي.
23
پر جيئن تہ هن ۾ جسماني عيب آهي تنهنڪري هو نہ مقدس جاءِ ۾ داخل ٿئي ۽ نڪي قربانگاهہ جي ويجھو اچي. هو منهنجي مقدس خيمي جي بيحرمتي نہ ڪري، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند آهيان جيڪو انهن کي مخصوص ٿو ڪريان.“
24
سو موسيٰ هارون ۽ سندس پٽن کي ۽ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي اهي ڳالهيون چئي ٻڌايون.
← Chapter 20
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 22 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27