bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Leviticus 6
Leviticus 6
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 5
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 7 →
1
خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ
2
”جيڪڏهن ڪو ماڻهو گناهہ ڪري مون خداوند جي انحرافي ڪري، جو ڪنهن امانت يا ڏيتي ليتيءَ ۾ پنهنجي پاڙيسريءَ سان بيايماني ڪري، يا سندس ڪا شيءِ ڦري يا اهڙيءَ طرح پاڙيسريءَ سان ڪا ٺڳي ڪري،
3
يا سندس ڪا گم ٿيل شيءِ لهي ۽ پوءِ نہ مڃي ۽ ڪوڙو قسم بہ کڻي، تہ پوءِ هو انهن سڀني مان ڪنهن هڪڙيءَ ڳالهہ ڪرڻ جي ڪري بہ گنهگار ٿيندو.
4
تنهنڪري جڏهن هو گناهہ ڪري ڏوهاري ٿيو آهي، تہ پوءِ جيڪي ڦريو اٿائين، يا جيڪي ٺڳيءَ سان ورتو اٿائين، يا جيڪا امانت وٽس رکيل آهي يا جيڪا گم ٿيل شيءِ لڌي اٿائين،
5
يا جنهن شيءِ بابت ڪوڙو قسم کنيو اٿائين سا ذري پرزي موٽائي ڏئي. انهيءَ سان گڏ جنهن وقت هو ڏوهاري قرار ڏنو وڃي تنهن وقت انهيءَ شيءِ جي مالڪ کي سندس شيءِ جو پنجون حصو وڌيڪ ادا ڪري.
6
ان کان علاوہ هو پنهنجي قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيءَ لاءِ ڌڻ مان ايتري قيمت جو هڪڙو بيعيب گھٽو مون خداوند جي حضور ۾ آڻي ڪاهن وٽ پيش ڪري، جيتري قيمت جو مقرر ڪرڻ گھرجي.
7
اهڙيءَ طرح ڪاهن سندس واسطي مون خداوند جي حضور ۾ ڪفارو ادا ڪري، تہ پوءِ جنهن ڪم جي ڪرڻ ڪري هو ڏوهاري ٿيو هوندو تنهن جي هن کي معافي ملندي.“
8
خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ
9
”تون هارون ۽ سندس پٽن کي حڪم ڪري چئُہ تہ ساڙڻ واري قربانيءَ جو قاعدو هن ريت آهي، تہ ساڙڻ واري قرباني سڄي رات ويندي صبح تائين قربانگاهہ تي آتشدان جي مٿان رکي رهي ۽ قربانگاهہ تي باهہ ٻرندي رهي.
10
تڏهن ڪاهن پنهنجي سڻيءَ واري پوشاڪ پائي ۽ سڻيءَ جي سٿڻ بدن تي ڍڪي ۽ ساڙڻ واري قرباني جيڪا سڙي رک ٿي ويئي هجي، سا رک کڻي هو قربانگاهہ جي هڪڙي پاسي رکي ڇڏي.
11
پوءِ هو پنهنجي اها خاص پوشاڪ لاهي ٻي پائي ۽ اتان اها رک کڻي خيميگاهہ کان ٻاهر ڪنهن پاڪ جاءِ تي وڃي رکي.
12
قربانگاهہ تي باهہ ٻرندي رهي ۽ اها ڪڏهن بہ نہ وسامي. هر روز صبح جو ڪاهن انهيءَ تي ڪاٺيون ٻاري، مٿس ساڙڻ واري قرباني ٺاهي رکي ۽ سلامتيءَ جي قربانين جي چرٻي بہ ساڙي.
13
قربانگاهہ تي باهہ هميشہ ٻرندي رهي ۽ اها ڪڏهن بہ نہ وسامي.
14
اناج جي قربانيءَ جو قاعدو هن ريت آهي تہ هارون جي پٽن مان ڪو ڪاهن اها قربانگاهہ جي سامهون مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪري.
15
هو انهيءَ اناج جي قربانيءَ واري تيل گڏيل ميدي مان، قربانيءَ تي رکيل سموري لوبان سميت مٺ ڀري ڪڍي ۽ اها قربانگاهہ تي رکي مون خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ ساڙي. ائين ڪرڻ سان هن ڄڻ تہ سڄي قرباني ساڙي ڇڏي.
16
جيڪي انهيءَ مان باقي بچي سو هارون ۽ سندس پٽ خمير ملائڻ کان سواءِ مخصوص جاءِ تي يعني مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ ۾ ئي پچائي کائين.
17
انهيءَ ۾ خمير گڏي نہ پچايو وڃي. مون پنهنجين ساڙيون ويندڙ قربانين مان بچائي اهو سندن حصي طور کين ڏنو آهي ۽ اهو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ ۽ قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيءَ وانگر مون خدا لاءِ ئي مخصوص آهي.
18
هارون جي اولاد مان رڳو مرد ماڻهو اهو کائين. اوهان جي سڀني پيڙهين ۾، مون خداوند جي لاءِ ساڙيون ويندڙ قربانين ۾ اهو هنن جو هميشہ جي لاءِ حق آهي. جيڪو انهن قربانين کي ڇهي سو ضرور مخصوص ٿيل هجي.“
19
خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ
20
”جنهن ڏينهن هارون جي اولاد مان ڪنهن کي ڪاهن ٿيڻ لاءِ مسح ڪري مخصوص ڪيو وڃي تنهن ڏينهن اهو مون خداوند جي حضور ۾ باقاعدي اناج جي قربانيءَ طور هڪ ڪلوگرام ميدو آڻي، جنهن مان اڌ صبح جو ۽ اڌ شام جو هن ريت پيش ڪيو وڃي.
21
اهو ميدو تيل ۾ ڳوهي تئي تي پچائجي. جڏهن پچي وڃي تڏهن اهو اندر آندو وڃي ۽ انهيءَ جا ڀورا ڀورا ڪري اناج جي قربانيءَ طور مون خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ پيش ڪيو وڃي.
22
هارون جي اولاد مان جيڪو سندس جاءِ تي سردار ڪاهن هجي سو ئي اها آڻي پيش ڪري. اهو هميشہ جي لاءِ قانون آهي تہ اها سموري قرباني مون خداوند جي لاءِ ساڙي ڇڏجي.
23
ڪاهن جيڪا بہ اناج جي قرباني آڻي سا سموري ساڙي وڃي، اها کائڻ ۾ بلڪل نہ اچي.“
24
خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ
25
” هارون ۽ سندس پٽن کي چئُہ تہ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ جو قاعدو هن ريت آهي تہ قربانگاهہ جي اتر پاسي، جنهن جاءِ تي ساڙڻ واري قربانيءَ جو جانور ذبح ڪيو ويندو آهي، انهيءَ ئي جاءِ تي پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ جو جانور بہ مون خداوند جي حضور ۾ ذبح ڪيو وڃي، ڇو تہ اها خاص قرباني مون لاءِ مخصوص آهي.
26
جيڪو ڪاهن اها قرباني پيش ڪري ٿو سو اها مخصوص جاءِ تي يعني مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ ۾ ئي کائي.
27
جيڪو بہ ماڻهو انهيءَ جانور جي گوشت کي ڇهي يا جا بہ شيءِ ان تي استعمال ٿئي سا ضرور مخصوص ٿيل هجي. جيڪڏهن ڪنهن ڪپڙي تي انهيءَ جي رت جا ڇنڊا پئجي وڃن تہ اهو پاڪ جاءِ تي وڃي ڌوئجي.
28
جيڪڏهن اهو گوشت ڪنهن ٺڪر جي ٿانوَ ۾ رڌو وڃي تہ اهو ٿانءُ ڀڃي ڇڏجي. پر جيڪڏهن ڪنهن پتل جي ٿانوَ ۾ رڌو وڃي تہ انهيءَ ٿانوَ کي ملي پاڻيءَ سان آگھاري صاف ڪجي.
29
ڪاهنن جي گھراڻن جا رڳو مرد انهيءَ مان کائي سگھن ٿا، ڇو تہ اها خاص قرباني مون خدا لاءِ ئي مخصوص آهي.
30
پر جنهن پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ جو رت مقدس جاءِ ۾ ڪفاري ادا ڪرڻ لاءِ آندو وڃي، تنهن جو گوشت بلڪل نہ کاڌو وڃي، بلڪ اهو ساڙيو وڃي.“
← Chapter 5
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 7 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27