bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Leviticus 24
Leviticus 24
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 23
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 25 →
1
خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ
2
”تون بني اسرائيل کي حڪم ڪر تہ اهي ٻارڻ لاءِ زيتون جو ڪُٽي ڪڍيل نج تيل تو وٽ کڻي اچن، تہ جيئن مقدس جاءِ جا ڏيئا هر رات ٻرندا رهن.
3
هارون انهن کي مون سان ملاقات واري خيمي ۾ عهد واري صندوق جي اڳيان واري پردي جي ٻاهران، هر روز سانجھيءَ کان وٺي صبح تائين ٻرندو رهڻ لاءِ اتي مون خداوند جي حضور ۾ ٺاهي رکي. اهو اوهان جي پيڙهين ۾ هميشہ جي لاءِ قانون رهندو.
4
هارون انهن ڏيئن کي نج سون جي شمعدان تي، مون خداوند جي حضور ۾ باقاعدي روزانو ٻرندو رکي.“
5
”ٻارهن ڪلوگرام ميدي مان ٻارهن روٽ پچايا وڃن.
6
پوءِ اهي مقدس جاءِ اندر مون خداوند جي حضور ۾ نج سون جي پٽ چڙهيل ميز تي ٻن قطارن ۾ رکيا وڃن. هر هڪ قطار ۾ ڇهہ ڇهہ روٽ ٺاهي رکجن.
7
هر هڪ قطار سان گڏ ڪجھہ خالص لوبان رکيو وڃي، جيڪو روٽن نذر ڪرڻ جي عيوض مون خداوند جي لاءِ ساڙي ويندڙ قرباني ٿئي.
8
هر سبت تي باقاعدي اهي روٽ مون خداوند جي حضور ۾ بني اسرائيل جي طرفان هميشہ جي عهد طور ٺاهي رکيا وڃن.
9
اهي روٽ هارون ۽ سندس اولاد جا ٿيندا. هو اهي مخصوص جاءِ ۾ ويهي کائين، ڇاڪاڻ تہ مون خداوند جي لاءِ ساڙيون ويندڙ قربانين مان اهي هميشہ جي لاءِ هنن جو حصو آهن، جيڪي مون لاءِ ئي مخصوص حصو آهن.“
10
هڪڙو ماڻهو جنهن جو پيءُ مصري هو پر سلوميت نالي سندس ماءُ بني اسرائيل جي دان قبيلي مان دبريءَ جي ڌيءَ هئي، سو بني اسرائيل منجھہ ويو. اتي خيميگاهہ ۾ بني اسرائيل جي هڪڙي ماڻهوءَ ۽ هن جي وچ ۾ جھيڙو ٿي پيو. جھيڙي دوران هن لعنت ڪندي خداوند جي نالي تي ڪفر بڪيو. تڏهن ماڻهو هن کي موسيٰ وٽ وٺي آيا.
12
اتي کيس تيستائين قيد ۾ رکيو ويو، جيستائين انهيءَ بابت کين خداوند جو فيصلو معلوم ٿئي.
13
تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ
14
”انهيءَ لعنت ڪندڙ کي خيميگاهہ کان ٻاهر وٺي وڃ ۽ جن جن کيس لعنت ڪندي ٻڌو آهي، سي سڀيئي سندس گناهہ جي شاهديءَ طور پنهنجا هٿ سندس مٿي تي رکن ۽ پوءِ سڀيئي ماڻهو کيس سنگسار ڪري ڇڏين.
15
پوءِ تون بني اسرائيل کي ٻڌائي ڇڏ تہ جيڪو بہ مون پنهنجي خدا تي لعنت ڪندو، سو پنهنجي ئي سر تي گناهہ کڻندو.
16
جيڪو بہ مون خداوند جي نالي تي جڏهن بہ ڪفر بڪي تڏهن اهو بني اسرائيل هجي توڙي ڌاريو، تنهن کي ضرور موت جي سزا ڏني وڃي. سڀيئي ماڻهو انهيءَ کي سنگسار ڪري ڇڏين.
17
جيڪڏهن ڪو ڪنهن ماڻهوءَ کي ماري وجھي تہ انهيءَ کي ضرور موت جي سزا ڏني وڃي.
18
جيڪو ڪنهن ٻئي جي جانور کي ماري وجھي، سو انهيءَ جانور جو عيوضو ڀري ڏئي. اهو ئي اصول آهي تہ جان جي عيوض جان.
19
جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ٻئي کي عيبدار ڪري وجھي، تہ جيئن هن ڪيو هجي تيئن ئي ساڻس بہ ڪيو وڃي.
20
هڏو ڀڃڻ جي عيوض هڏو ڀڃڻ، اک جي عيوض اک، ڏند جي عيوض ڏند، جهڙو عيب هن ڪنهن ماڻهوءَ ۾ ڪيو هجي تهڙو ئي منجھس بہ ڪيو وڃي.
21
جيڪو ڪنهن جانور کي ماري وجھي، سو انهيءَ جو عيوضو ڀري ڏئي، پر جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ کي ماري وجھي تنهن کي موت جي سزا ڏني وڃي.
22
اوهان بني اسرائيل توڙي ڌارين سڀني سان هڪڙو ئي قانون لاڳو آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.“
23
جڏهن موسيٰ بني اسرائيل کي اهو سڀ ٻڌايو، تڏهن هو انهيءَ لعنت ڪندڙ کي خيميگاهہ کان ٻاهر وٺي ويا ۽ کيس سنگسار ڪيائون. اهڙيءَ طرح بني اسرائيل ائين ئي ڪيو جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.
← Chapter 23
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 25 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27