bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Leviticus 10
Leviticus 10
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 9
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 11 →
1
پوءِ هارون جي پٽن مان ندب ۽ ابيهو پنهنجو پنهنجو لوباندان کڻي انهيءَ تي ٽانڊا رکيا، انهن جي مٿان لوبان وڌائون ۽ خداوند جي حضور ۾ اهڙي غير شرعي باهہ پيش ڪيائون، جنهن جو هن حڪم ڪونہ ڏنو هئن.
2
تڏهن اوچتو ئي خداوند جي حضور مان باهہ نڪتي ۽ اهي ٻئي اتي خداوند جي سامهون سڙي مري ويا.
3
تنهن تي موسيٰ هارون کي چيو تہ ”اها ئي ڳالهہ آهي جيڪا خداوند فرمائي هئي تہ ’جيڪي منهنجي ويجھو اچن، سي منهنجي پاڪيزگيءَ جو احترام ڪن، بيشڪ سڀني ماڻهن جي نظر ۾ آءٌ ئي عظمت وارو هوندس.‘“ تڏهن هارون خاموش رهيو.
4
پوءِ موسيٰ پنهنجي ۽ هارون جي چاچي عزيايل جي پٽن ميشاايل ۽ اليصافن کي سڏي چيو تہ ”اوهين ويجھا اچو ۽ پنهنجي سؤٽ جي پٽن جي لاشن کي مقدس جاءِ مان ڪڍي خيميگاهہ کان ٻاهر کڻي وڃو.“
5
سو هو ويجھا آيا ۽ انهن جي لاشن کي پنهنجن ڪپڙن ۾ کڻي، موسيٰ جي حڪم موجب خيميگاهہ کان ٻاهر ڪڍي ويا.
6
پوءِ موسيٰ هارون ۽ سندس پٽن اليعزر ۽ اتمر کي چيو تہ ”اوهين پنهنجي مٿي جا وار نہ ڇوڙجو، نڪي خاص پوشاڪ ڦاڙجو، متان اوهين مري وڃو ۽ متان پوريءَ قوم تي خداوند جو غضب نازل ٿئي. پر بني اسرائيل مان اوهان جا ٻيا ماڻهو ڀلي انهن جي لاءِ سوڳ ملهائين جن کي خداوند ساڙيو آهي.
7
مگر اوهين خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ کان ٻاهر نہ وڃو، متان اوهين مري وڃو، ڇاڪاڻ تہ خداوند جو مسح ڪرڻ وارو تيل اوهان تي لڳل آهي.“ سو هنن موسيٰ جي چوڻ موجب عمل ڪيو.
8
خداوند هارون کي فرمايو تہ
9
”تون ۽ تنهنجا پٽ مئي يا ڪا ٻي نشي واري شيءِ پي مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ داخل نہ ٿجو، نہ تہ اوهين مري ويندا. اوهان جي سڀني پيڙهين ۾ هميشہ جي لاءِ اهو هڪڙو قانون هوندو.
10
ان جو سبب هي آهي تہ اوهين مون خدا لاءِ مخصوص ٿيل شين ۽ عام شين ۽ حرام ۽ حلال جي وچ ۾ فرق معلوم ڪري سگھو.
11
ان سان گڏ اوهين بني اسرائيل کي اهي سڀ قانون سيکاريو جيڪي مون موسيٰ جي معرفت کين ٻڌايا آهن.“
12
پوءِ موسيٰ هارون ۽ سندس باقي بچيل ٻن پٽن اليعزر ۽ اتمر کي چيو تہ ” خداوند جي لاءِ ساڙي ويندڙ قربانيءَ مان جيڪا اناج جي قرباني بچي آهي، سا کڻي بنا خمير جي پچائي قربانگاهہ جي ڀرسان وڃي کائو، ڇاڪاڻ تہ اها خدا لاءِ ئي مخصوص ٿيل آهي.
13
اها اوهين رڳو مخصوص جاءِ ۾ کائجو، ڇو تہ خداوند جي لاءِ ساڙي ويندڙ قربانيءَ مان اهو تنهنجو ۽ تنهنجي پٽن جو حق آهي، جيئن تہ مون کي اهڙو ئي حڪم مليو آهي.
14
بلڪ هٿن تي بلند ڪرڻ جي قربانيءَ جو سينو ۽ پيش ٿيل ران پڻ اوهين ڪنهن بہ پاڪ جاءِ ۾ کائجو. اهي تون، تنهنجا پٽ ۽ تنهنجيون ڌيئر جيڪي تو سان گڏ هجن سي کائين، ڇاڪاڻ تہ اهو تنهنجو ۽ تنهنجي اولاد جو حق آهي، جيڪو بني اسرائيل جي سلامتيءَ وارين قربانين مان اوهان کي ڏنو ويو آهي.
15
ساڙيون ويندڙ قربانين جي چرٻيءَ ساڙڻ وقت اها ران ۽ اهو سينو آندا وڃن، تہ جيئن اهي خداوند جي حضور ۾ هٿن تي بلند ڪرڻ جي قربانيءَ طور پيش ڪيا وڃن. اهو هميشہ جي لاءِ تنهنجو ۽ تنهنجي اولاد جو حق ٿيندو، جيئن خداوند فرمايو آهي.“
16
پوءِ جڏهن موسيٰ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ واري ٻڪر جي پڇاڳاڇا ڪئي تہ کيس معلوم ٿيو تہ اهو سڙي چڪو آهي، تڏهن هو هارون جي باقي بچيل پٽن اليعزر ۽ اتمر تي ڏاڍو ڪاوڙيو. کين سختيءَ سان چيائين تہ
17
”اوهان پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني مخصوص جاءِ ۾ وڃي کاڌي ڇو نہ؟ جڏهن تہ اها قرباني خدا لاءِ ئي مخصوص آهي. خداوند اوهان کي ان جي ادا ڪرڻ بابت انهيءَ لاءِ فرمايو آهي تہ جيئن قوم جا گناهہ کڻي، سندس حضور ۾ اهڙيءَ طرح ڪفارو ادا ڪيو وڃي.
18
جڏهن تہ انهيءَ جو رت بہ مقدس جاءِ ۾ ڪونہ آندو ويو هو، تڏهن اوهان کي گھربو هو تہ اها قرباني ضرور مخصوص جاءِ ۾ کائو ها، جيئن مون حڪم ڏنو هو.“
19
تنهن تي هارون موسيٰ کي وراڻيو تہ ”ڏس، اڄ ئي هنن خداوند جي حضور ۾ پنهنجي پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني ۽ پنهنجي ساڙڻ واري قرباني پيش ڪئي آهي. جڏهن تہ مون سان اهڙا حادثا ٿي گذريا آهن، پوءِ جيڪڏهن آءٌ اڄ اها پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني کاوان ها تہ خداوند جي نظر ۾ اهو چڱو هجي ها ڇا؟“
20
اها ڳالهہ ٻڌي موسيٰ مطمئن ٿيو.
← Chapter 9
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 11 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27