bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Luke 13
Luke 13
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 12
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 14 →
1
ان مهل ڪن ماڻهن عيسيٰ کي انهن گليلين بابت ٻڌايو، جيڪي قرباني ڪري رهيا هئا تہ گورنر پلاطس کين مارائي ڇڏيو هو.
2
تنهن تي عيسيٰ چين تہ ”اوهين ائين سمجھو ٿا ڇا تہ اهي گليلي ٻين سڀني گليلين کان وڌيڪ گنهگار هئا، تنهنڪري هنن سان اهڙو ظلم ٿيو؟
3
آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ ائين نہ آهي، پر جيڪڏهن اوهين پنهنجن گناهن کان توبهہ نہ ڪندا تہ پوءِ سڀيئي برباد ٿيندءُ، جيئن اهي ٿيا هئا.
4
يا وري اوهين ائين سمجھو ٿا ڇا تہ اهي ارڙهن ڄڻا، جن تي شيلوخ وارو منارو ڪريو ۽ دٻجي مري ويا، سي يروشلم جي سڀني رهاڪن کان وڌيڪ گنهگار هئا؟
5
آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ نہ. پر جيڪڏهن اوهين پنهنجن گناهن کان توبهہ نہ ڪندا تہ ائين برباد ٿيندءُ، جيئن اهي ٿيا هئا.“
6
عيسيٰ ماڻهن کي هي مثال ڏيندي ٻڌايو تہ ”هڪڙي ماڻهوءَ کي انگورن جو باغ هو جنهن ۾ انجير جو وڻ پوکيل هو. هڪ ڏينهن هو آيو ۽ ان ۾ انجيرن لاءِ واجھايائين پر هن هڪ بہ نہ لڌو.
7
تڏهن هن مالهيءَ کي چيو تہ ’آءٌ ٽن سالن کان انهيءَ وڻ ۾ انجيرن لاءِ واجھائيندو رهيو آهيان پر هڪ بہ نہ مليو اٿم. تنهنڪري هن کي وڍي ڇڏ، ڇوجو هروڀرو زمين سيڙايون بيٺو آهي.‘
8
مالهيءَ جواب ڏنس تہ ’ سائين! هن وڻ کي هڪ سال ٻيو بہ ڇڏيو تہ آءٌ هن جي چوڌاري چلهو کوٽيان ۽ ڀاڻ ڏيانس.
9
پوءِ جيڪڏهن ميوو جھليائين تہ ڏاڍو چڱو، نہ تہ کڻي وڍي ڇڏبس.‘“
10
هڪڙي دفعي سبت جي ڏينهن تي عيسيٰ عبادتخاني ۾ ويٺي تعليم ڏني.
11
اتي هڪڙي عورت هئي جنهن ۾ ارڙهن سالن کان هڪڙو ڀوت هو، جنهن ڪري هوءَ ڏاڍي ڪمزور ٿي ڪُٻي ٿي ويئي هئي. هوءَ بلڪل سڌي ٿي نہ سگھندي هئي.
12
عيسيٰ جڏهن هن کي ڏٺو تہ پاڻ وٽ سڏي چيائينس تہ ”اي مائي! تو هاڻي پنهنجي بيماريءَ کان جند ڇڏائي.“
13
تڏهن عيسيٰ مٿس پنهنجا هٿ رکيا تہ هوءَ هڪدم سنئين سڌي ٿي بيٺي ۽ خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳي.
14
اهو ڏسي عبادتخاني جي اڳواڻ کي ڪاوڙ لڳي، ڇاڪاڻ تہ عيسيٰ سبت جي ڏينهن بيمار کي شفا بخشي هئي. تنهنڪري هو ماڻهن کي چوڻ لڳو تہ ”هفتي ۾ ڇهہ ڏينهن آهن جن ۾ ڪم ڪار ڪرڻ جائز آهي. سو انهن ڏينهن تي ڀلي اچو ۽ شفا پايو، پر سبت جي ڏينهن تي نہ.“
15
خداوند وراڻي ڏيندي چيو تہ ”اي رياڪارؤ! سبت جي ڏينهن هر ڪو پنهنجي ڏاند يا گڏهہ کي وٿاڻ مان ڇوڙي پاڻي پيارڻ لاءِ نہ وٺي ويندو آهي ڇا؟
16
تڏهن هيءَ عورت جيڪا ابراهيم جي اولاد مان آهي، جنهن کي شيطان ارڙهن سالن کان ٻڌي سوگھو ڪيو هو، تنهن کي سبت جي ڏينهن انهيءَ قيد مان ڇڏائڻ جائز نہ هو ڇا؟“
17
عيسيٰ جو جواب ٻڌي سڀيئي مخالف لڄي ٿيا، جڏهن تہ هن جيڪي عجيب وَ غريب ڪم پئي ڪيا تن جي ڪري سڄي خلق خوش پئي ٿي.
18
پوءِ عيسيٰ چوڻ لڳو تہ ”خدا جي بادشاهي ڇا جي مثل آهي. ان کي آءٌ ڇا سان ڀيٽيان.
19
اها سرنهن جي داڻي مثل آهي، جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ کڻي پنهنجي باغ ۾ پوکيو تہ اهو وڌي وڻ وانگر ٿي پيو ۽ سندس ٽارين ۾ پکين واهيرا ڪيا.“
20
عيسيٰ کين وڌيڪ چيو تہ ”خدا جي بادشاهيءَ کي آءٌ ٻيو ڇا سان ڀيٽيان.
21
اها خمير جي مثل آهي، جيڪو ڪنهن عورت کڻي جڏهن اٽي جي پاٽ ۾ ملايو تہ سڄو اٽو ڦونڊجي پيو ۽ پاٽ ڀرجي ويئي.“
22
جيئن عيسيٰ ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر مان لنگھندو ۽ رستي ۾ تعليم ڏيندو يروشلم ڏانهن پئي ويو،
23
تہ ڪنهن ماڻهوءَ پڇيس تہ ”اي سائين! ڪن ٿورن کي ڇوٽڪارو ملندو ڇا؟“ هن ورندي ڏيئي چيو تہ
24
”سوڙهي دروازي مان اندر گھڙڻ لاءِ دل وَ جان سان ڪوشش ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ ڪيترائي اندر گھڙڻ جي ڪوشش ڪندا پر گھڙي نہ سگھندا.
25
جڏهن گھر ڌڻيءَ هڪ دفعو اُٿي در بند ڪري ڇڏيو، تہ پوءِ اوهين ٻاهر بيهي ڪيترو بہ در کڙڪايو ۽ چئو تہ ’اي مالڪ! اسان لاءِ در کوليو،‘ تہ هو ورنديءَ ۾ چوندو تہ ’آءٌ اوهان کي نہ ٿو سڃاڻان تہ اوهين ڪٿان آيا آهيو.‘
26
تنهن تي اوهين کيس چوندا تہ ’اسان اوهان جي اڳيان کاڌو پيتو ۽ اوهين اسان جي چونڪن ۾ تعليم ڏيندا هئا.‘
27
پر هو وري اوهان کي چوندو تہ ’آءٌ اوهان کي نہ ٿو سڃاڻان تہ اوهين ڪٿان آيا آهيو. اوهين سڀيئي بدڪار منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃو.‘
28
پوءِ اوهين افسوس وچان روئڻ ۽ ڏند ڪرٽڻ لڳندءُ جڏهن پاڻ کي ٻاهر ڌِڪيل ۽ ابراهيم ، اسحاق ، يعقوب ۽ سڀني نبين کي خدا جي بادشاهيءَ ۾ شامل ڏسندءُ.
29
ان کان علاوہ اوڀر ۽ اولهہ، اتر ۽ ڏکڻ کان غير قومن وارا ايندا ۽ اچي خدا جي بادشاهيءَ واري دعوت ۾ شريڪ ٿيندا.
30
ڏسو، تڏهن ڪيترائي جيڪي هاڻي پويان آهن، سي اڳيان ٿيندا ۽ ڪيترائي جيڪي هاڻي اڳيان آهن، سي پويان ٿيندا.“
31
ايتري ۾ ڪن فريسين عيسيٰ کي اچي چيو تہ ”هتان نڪري هليا وڃو، ڇاڪاڻ تہ هيروديس حڪمران اوهان جي مارائڻ جي پويان آهي.“
32
عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”انهيءَ لومڙ کي وڃي چئو تہ آءٌ اڄ ۽ سڀاڻ ڀوت پيو ڪڍان ۽ ماڻهن کي ڇٽائي چڱو ڀلو پيو ڪريان ۽ پرينهن پنهنجو ڪم رسائي پورو ڪندس.
33
پر تڏهن بہ مون لاءِ ضروري آهي تہ آءٌ اڄ، سڀاڻ ۽ پرينهن پنهنجو سفر جاري رکان، ڇاڪاڻ تہ ائين ٿي ئي نہ ٿو سگھي جو ڪو نبي يروشلم کان ٻاهر قتل ڪيو وڃي.
34
يروشلم! اي يروشلم! تون نبين جو قاتل آهين، ڇاڪاڻ تہ جيڪي پيغمبر تو ڏانهن موڪليا ٿا وڃن، تن کي تون سنگسار ٿو ڪرين. تنهن هوندي بہ مون تنهنجي رهاڪن کي ڪيترائي دفعا ائين گڏ ڪرڻ ٿي گھريو جيئن ڪڪڙ پنهنجي چوزن کي پنهنجي کنڀن هيٺان گڏ ڪندي آهي، پر تو نہ چاهيو.
35
هاڻي ياد رک، تنهنجي هيڪل ويران ڪئي ويندي. آءٌ تو کي چوان ٿو تہ تون مون کي تيستائين نہ ڏسندين جيستائين ائين نہ چوندين تہ ’سڀاڳو آهي اهو، جيڪو خداوند جي نالي تي ٿو اچي.‘“
← Chapter 12
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 14 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24