bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Luke 20
Luke 20
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 19
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 21 →
1
هڪڙي ڏينهن جڏهن عيسيٰ ماڻهن کي هيڪل ۾ خدا جي بادشاهيءَ بابت تعليم ڏيئي رهيو هو ۽ انهيءَ بادشاهيءَ بابت خوشخبريءَ جي منادي پئي ڪيائين تہ سردار ڪاهن ۽ شريعت جا عالم يهودي ڪائونسل جي ٻين چڱن مڙسن سان گڏجي وٽس آيا.
2
هنن کانئس پڇيو تہ ”اسان کي ٻڌاءِ تہ تون ڪهڙي اختياريءَ سان هي ڪم ٿو ڪرين؟ اهو ڪير آهي جنهن تو کي اها اختياري ڏني آهي؟“
3
عيسيٰ چين تہ ”آءٌ بہ اوهان کان هڪڙو سوال ٿو پڇان.
4
مون کي ٻڌايو تہ ڇا يحيٰ جيڪا بپتسما ٿي ڏني سا خدا جي طرفان هئي يا انسان جي طرفان؟“
5
تڏهن اهي پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”جيڪڏهن ’خدا جي طرفان‘ ٿا چئون تہ هو اسان کي چوندو تہ ’پوءِ اوهان هن تي يقين ڇو نہ ڪيو؟‘
6
پر جي چئون ٿا ’انسان جي طرفان،‘ تہ سڄي خلق اسان کي سنگسار ڪندي، ڇاڪاڻ تہ هنن کي پڪ آهي تہ يحيٰ نبي هو.“
7
تڏهن هنن جواب ڏنو تہ ”اسان کي خبر نہ آهي تہ اها ڪنهن جي طرفان هئي.“
8
تنهن تي عيسيٰ چين تہ ”پوءِ آءٌ بہ اوهان کي ڪين ٻڌائيندس تہ ڪهڙي اختياريءَ سان هي ڪم ٿو ڪريان.“
9
پوءِ عيسيٰ ماڻهن کي هڪڙو مثال ڏنو تہ ”هڪڙي ماڻهوءَ انگورن جو باغ لڳايو. اهو باغ ڪن باغائين جي سنڀال هيٺ ڏيئي هو پاڻ گھڻي وقت لاءِ ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن هليو ويو.
10
جڏهن ميوي لهڻ جي مند آئي تہ هڪڙي نوڪر کي انهن باغائين ڏانهن موڪليائين تہ کانئن انگورن جي ميوي جو ڀاڱو وٺي اچي. پر باغائين هن کي مار ڏيئي خالي هٿين موٽائي ڇڏيو.
11
تنهن تي هن ٻيو نوڪر موڪليو. تنهن کي بہ هنن مار ڏيئي، جٺيون ڪري خالي هٿين موڪلي ڇڏيو.
12
تڏهن هن وري ٽيون نوڪر موڪليو. تنهن کي بہ هنن زخمي ڪري ڌِڪا ڏيئي ڪڍيو.
13
تنهن تي باغ جي مالڪ چيو تہ ’هاڻي آءٌ ڇا ڪريان؟ پوءِ ڀلا، پنهنجو سڪيلڌو پٽ ٿو موڪليان، شايد اهي هن جو ڪو لحاظ ڪن.‘
14
پر جڏهن باغائين انهيءَ کي ڏٺو، تڏهن پاڻ ۾ صلاح ڪيائون تہ ’هي مالڪ جو اڪيلو وارث آهي. ڇو نہ هن کي ماري ڇڏيون، تہ پوءِ سندس ميراث اسان جي ٿي پوندي.‘
15
پوءِ هن کي باغ مان ٻاهر ڪڍي ماري ڇڏيائون. هاڻي باغ جو مالڪ انهن کي ڇا ڪندو؟
16
هو پاڻ اچي انهن باغائين کي تباهہ ڪندو ۽ باغ ٻين جي حوالي ڪندو.“ جڏهن ماڻهن اهو ٻڌو تڏهن چوڻ لڳا تہ ”خدا خير ڪري.“
17
عيسيٰ انهن ڏانهن نهاري چيو تہ ”هي جيڪو پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي، سو ڀلا ڇا معنيٰ ٿو رکي تہ ’جنهن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو هو، سو ئي پيڙهہ جو پٿر ٿيو آهي.‘
18
هاڻ جيڪو بہ اُن پٿر تي ڪرندو سو ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي پوندو ۽ جنهن تي اهو پٿر ڪرندو، تنهن کي پيهي ڇڏيندو.“
19
انهيءَ گھڙي ئي شريعت جي عالمن ۽ سردار ڪاهنن ڪوشش ڪئي تہ عيسيٰ کي پڪڙايون، ڇاڪاڻ تہ انهن ڄاڻي ورتو تہ ”هن اهو مثال اسان تي آندو آهي.“ پر هو ماڻهن کان ڊنا ٿي.
20
پوءِ هو عيسيٰ کي اک ۾ رکندا آيا ۽ ڪي ڪرائيدار ڇاڙتا ڇڏيائون تہ اهي سچارن وانگر بڻجي عيسيٰ کي سندس لفظن ۾ ڦاسائين، تہ جيئن پوءِ کيس رومي گورنر جي قبضي ۽ اختيار ۾ ڏين.
21
انهن ڇاڙتن عيسيٰ کان پڇيو تہ ”اي استاد! اسين ڄاڻون ٿا تہ جيڪي اوهين چئو ٿا ۽ سيکاريو ٿا سو حق آهي ۽ اوهين ڪنهن جي بہ طرفداري نہ ٿا ڪريو، بلڪ اوهين تہ سچائيءَ سان خدا جو رستو ٿا ڏيکاريو.
22
هاڻ اسان کي ٻڌايو تہ اسان لاءِ رومي شهنشاهہ قيصر کي ٽيڪس ڏيڻ جائز آهي يا نہ؟“
23
عيسيٰ انهن جي چالاڪيءَ کي سمجھي ويو، سو کين چيائين تہ
24
”مون کي چانديءَ جو سڪو ڏيکاريو تہ انهيءَ تي ڪنهن جي تصوير ۽ نالو اُڪريل آهي؟“ هنن جواب ڏنو تہ ” قيصر جو.“
25
تنهن تي هن انهن کي چيو تہ ”چڱو، جيڪي قيصر جو آهي سو قيصر کي ڏيو ۽ جيڪي خدا جو آهي سو خدا کي ڏيو.“
26
هو ماڻهن جي اڳيان کيس لفظن ۾ ڦاسائي نہ سگھيا. سندس انهيءَ جواب تي هو حيران ٿي ويا ۽ کڻي ماٺ ڪيائون.
27
پوءِ صدوقي ، جن جو عقيدو هو تہ موت کان پوءِ ماڻهو جيئرا نہ ٿيندا، تن مان ڪي عيسيٰ وٽ آيا ۽ کانئس سوال پڇيائون تہ
28
”اي استاد! موسيٰ اسان لاءِ شريعت ۾ لکيو آهي تہ ’جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو شادي ڪيل ڀاءُ بياولاد مري وڃي، تہ سندس ڀاءُ هن جي زال پرڻجي تہ جيئن پنهنجي ڀاءُ لاءِ اولاد پيدا ڪري.‘
29
هڪڙا ست ڀائر هئا. پهرئين شادي ڪئي ۽ بياولاد مري ويو
30
تہ ٻئي سندس زال سان شادي ڪئي، اهو بہ مري ويو.
31
ٽئين بہ انهيءَ عورت سان شادي ڪئي ۽ اهڙيءَ طرح ستن ئي ڀائرن ان سان شادي ڪئي ۽ ست ئي بياولاد مري ويا.
32
سڀ کان پڇاڙيءَ ۾ اها عورت بہ مري ويئي.
33
هاڻي جيئن تہ ست ئي ڀائر هن سان پرڻيا هئا، سو قيامت جي ڏينهن، جڏهن ماڻهو جيئرا ٿي اٿندا تڏهن اها عورت انهن ستن مان ڪنهن جي زال ٿيندي؟“
34
تنهن تي عيسيٰ چين تہ ”هن آخري زماني جا ماڻهو پرڻبا ۽ پرڻايا ويندا آهن.
35
پر جن کي خدا ايندڙ نئين زماني ۾ رهڻ ۽ مئلن مان جيئرا ٿي اٿڻ جي لائق سمجھي ٿو، سي ان وقت نہ پرڻبا، نڪي پرڻايا ويندا.
36
اهي وري ڪڏهن بہ مرڻ جا نہ آهن، بلڪ اهي ملائڪن جهڙا هوندا. هائو، اهي خدا جا ٻار ٿيندا، ڇاڪاڻ تہ اهي مئلن مان جيئرا ڪيل هوندا.
37
مئلن جي جيئري ٿي اٿڻ بابت موسيٰ ٻرندڙ ٻوڙي واري واقعي ۾ پاڻ اهڙو اشارو ڏنو آهي. تنهنڪري ئي هو خداوند کي ’ ابراهيم جو خدا، اسحاق جو خدا ۽ يعقوب جو خدا‘ ڪري سڏي ٿو.
38
سو هاڻي خداوند مئلن جو نہ، بلڪ جيئرن جو خدا آهي، ڇاڪاڻ تہ هن جي آڏو سڀيئي جيئرا آهن.“
39
تڏهن ڪن شريعت جي عالمن کيس چيو تہ ”اي استاد! اوهان صحيح ڳالهہ ڪئي آهي.“
40
انهيءَ کان پوءِ ڪنهن کي بہ همت ڪانہ ٿي جو کانئس ڪو وڌيڪ سوال پڇي.
41
پوءِ عيسيٰ شريعت جي عالمن کي چيو تہ ”اهو ڪيئن ٿو چيو وڃي تہ ’ مسيح دائود جو اولاد آهي‘؟
42
ڇاڪاڻ تہ دائود خود زبور ۾ چيو آهي تہ ’ خداوند خدا منهنجي خداوند کي چيو تہ ”تون منهنجي ساڄي پاسي ويهہ،
43
جيستائين آءٌ تنهنجي دشمنن کي تنهنجي پيرن هيٺان نہ ڪريان.“‘
44
سو جڏهن دائود هن کي ’ خداوند ‘ ڪري ٿو سڏي، تہ پوءِ مسيح ڪيئن سندس اولاد ٿيو؟“
45
سڀني ماڻهن جي روبرو عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي چيو تہ
46
” شريعت جي عالمن کان هوشيار ٿجو، جيڪي ڊگھا ڊگھا جبا پائي گھمڻ پسند ڪن ٿا. اهي چاهين ٿا تہ بازارن ۾ ماڻهو کين سلامي ٿين. اهي عبادتخانن توڙي دعوتن ۾ اعليٰ درجي وارين جاين تي ويهڻ پسند ڪن ٿا.
47
اهي رننزالن جا گھر لٽي ڦُري ٿا ڇڏين ۽ ڏيکاءَ لاءِ ڊگھيون ڊگھيون دعائون گھرن ٿا. انهن کي تہ ٻين کان بہ وڌيڪ گنهگار قرار ڏنو ويندو.“
← Chapter 19
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 21 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24