bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Luke 19
Luke 19
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 18
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 20 →
1
عيسيٰ يريحو شهر ۾ داخل ٿي ان مان لنگھي رهيو هو.
2
اتي زڪئي نالي هڪ ماڻهو رهندو هو، جيڪو ٽيڪس اُڳاڙيندڙن جو عملدار ۽ شاهوڪار بہ هو.
3
هن جي مرضي هئي تہ ”ڏسان تہ عيسيٰ ڪهڙو آهي.“ پر ميڙ جي ڪري ڏسي نہ ٿي سگھيو، ڇو تہ هن جو قد ننڍو هو.
4
تنهنڪري هو اڳڀرو ڊوڙي وڃي هڪڙي انجير جي وڻ تي چڙهي ويٺو، ڇاڪاڻ تہ عيسيٰ انهيءَ رستي تان لنگھڻو هو.
5
جڏهن عيسيٰ انهيءَ جاءِ تي آيو، تڏهن مٿي نهاري چيائين تہ ”اي زڪئي! هڪدم هيٺ لهي اچ، ڇاڪاڻ تہ اڄ مون کي تنهنجي گھر رهڻو آهي.“
6
تنهن تي هو جلدي هيٺ لهي آيو ۽ عيسيٰ کي خوشيءَ سان پنهنجي گھر وٺي ويو.
7
اهو ڏسي سڀيئي ڪُرڪندي چوڻ لڳا تہ ”ڏسو، هو هڪڙي گنهگار جي گھر رهيو آهي.“
8
گھر اندر زڪئي اُٿي بيهي خداوند کي چيو تہ ”ڏسو، اي خداوند! آءٌ پنهنجي ملڪيت جو اڌ غريبن کي ٿو ڏيان ۽ جيڪڏهن مون ڪنهن کي ٺڳيو آهي تہ آءٌ کيس چئوڻا ڪري موٽائي ڏيندس.“
9
عيسيٰ هن کي چيو تہ ”اڄ هن گھر ۾ ڇوٽڪارو آيو آهي، ڇاڪاڻ تہ تون بہ ابراهيم جو اولاد آهين.
10
ابنِ آدم انهن کي ڳولڻ ۽ بچائڻ آيو آهي جيڪي گمراهہ ٿي ويا آهن.“
11
جيئن تہ عيسيٰ يروشلم ۾ پهچڻ تي هو، سو جن ماڻهن سندس هي ڳالهيون پئي ٻڌيون سي ائين سمجھن پيا تہ هينئر ئي ٿي خدا جي بادشاهي ظاهر ٿئي. تنهن تي عيسيٰ هڪڙو مثال ڏيندي
12
کين چيو تہ ”هڪڙو امير ڪنهن ڏورانهين ملڪ ڏانهن روانو ٿيو تہ جيئن اتان پنهنجي لاءِ بادشاهيءَ جو اختيار وٺي پوءِ وطن موٽي.
13
وڃڻ کان اڳ هن پنهنجي نوڪرن مان ڏهن ڄڻن کي سڏي کين سون جو هڪ هڪ سڪو ڏنو ۽ چيائين تہ ’جيستائين آءٌ موٽي اچان تيستائين انهن مان واپار هلائجو.‘
14
پر سندس وطن جا ماڻهو هن کان بيزار هئا. تنهنڪري هنن سندس پٺيان انهيءَ ملڪ ڏانهن پنهنجا ايلچي موڪليا تہ ’اسان جي مرضي نہ آهي تہ هي ماڻهو اسان جي مٿان بادشاهي ڪري.‘
15
جڏهن هو بادشاهيءَ جو اختيار وٺي موٽي آيو تہ حڪم ڏنائين تہ ’انهن نوڪرن کي مون وٽ وٺي اچو، جن کي آءٌ سڪا ڏيئي ويو هئس، ڏسان تہ واپار ڪري ڪيترو ڪمايو اٿن.‘
16
پهريون نوڪر آيو ۽ چيائينس تہ ’ سائين! اوهان جي ڏنل سوني سڪي ڏهہ ٻيا سونا سڪا ڪمايا آهن.‘
17
تنهن تي هن چيس تہ ’شاباس، چڱا نوڪر! جيئن تہ تون ٿوري ۾ ايماندار ثابت ٿيو آهين، تنهنڪري هاڻي تون ڏهن شهرن جو حاڪم آهين.‘
18
ٻيو آيو ۽ چيائين تہ ’ سائين! اوهان جي ڏنل سوني سڪي پنج ٻيا سونا سڪا ڪمايا آهن.‘
19
هن ان کي بہ چيو تہ ’هاڻي تون پنجن شهرن جو حاڪم آهين.‘
20
ٻيو هڪڙو آيو ۽ چيائين تہ ’ سائين! ڏسو، هي آهي اوهان جو سونو سڪو. مون اهو رومال ۾ ٻڌي سنڀالي رکيو آهي،
21
ڇاڪاڻ تہ مون کي اوهان جو ڊپ هو جو اوهين سخت ماڻهو آهيو. جيڪي اوهان جمع نہ ڪيو آهي سو کڻو ٿا ۽ جيڪي اوهان نہ پوکيو آهي سو لڻو ٿا.‘
22
هن چيس تہ ’اي بڇڙا نوڪر! تنهنجي ئي واتان آءٌ تو کي ڏوهاري قرار ڏيندس. جڏهن تو کي خبر بہ هئي تہ آءٌ سخت ماڻهو آهيان ۽ جيڪي جمع ڪين ڪيو اٿم سو پيو کڻان ۽ جيڪي پوکيو ئي نہ اٿم سو پيو لڻان،
23
تہ پوءِ گھٽ ۾ گھٽ منهنجو سڪو بئنڪ ۾ ئي رکين ها ۽ جڏهن آءٌ موٽي اچان ها تہ تو کان منافعي سميت اچي وٺان ها.‘
24
پوءِ جيڪي اتي بيٺا هئا تن کي چيائين تہ ’هن کان اهو هڪڙو سونو سڪو بہ کسي ڏهن سونن سڪن واري نوڪر کي ڏيو.‘
25
تڏهن هنن چيس تہ ’ سائين! هن وٽ اڳي ئي ڏهہ سونا سڪا آهن.‘
26
انهن کي چيائين تہ ’آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ جنهن وٽ آهي، تنهن کي وڌيڪ ڏنو ويندو. پر جنهن وٽ ڪجھہ بہ ڪونهي، تنهن کان اهو بہ کسيو ويندو جيڪو وٽس آهي.
27
هاڻ منهنجا اهي دشمن جن جي مرضي نہ هئي تہ آءٌ مٿن بادشاهي ڪريان، تن کي هتي وٺي اچو ۽ کين منهنجي اڳيان قتل ڪريو.‘“
28
اهي ڳالهيون ڪرڻ کان پوءِ عيسيٰ يروشلم ڏانهن اڳتي وڌڻ لڳو.
29
جڏهن هو زيتون واري ٽڪر وٽ بيتفگاہ ۽ بيتعنياہ ڳوٺن جي ويجھو آيو تہ هن ٻن شاگردن کي هي هدايتون ڏيئي روانو ڪيو تہ
30
”سامهون واري ڳوٺ ۾ وڃو. اوهين جيئن ئي ان ۾ گھڙندا تہ هڪ کودڙو ٻڌل ڏسندا، جنهن تي اڃا تائين ڪنهن بہ ماڻهوءَ سواري نہ ڪئي آهي. ان کي ڇوڙي هتي ڪاهي اچو.
31
جيڪڏهن ڪو اوهان کان پڇي تہ ’ان کي ڇو ٿا ڇوڙيو،‘ تہ اوهين چئجوس تہ ’ استاد کي انهيءَ جي ضرورت آهي.‘“
32
سو اهي اوڏانهن ويا ۽ جيئن عيسيٰ چيو هئن تيئن ئي ڏٺائون.
33
جڏهن هو کودڙو ڇوڙين پيا تہ ان جي مالڪ کين چيو تہ ”اوهين هن کي ڇو ٿا ڇوڙيو؟“
34
هنن ورندي ڏنس تہ ” استاد کي انهيءَ جي ضرورت آهي.“
35
پوءِ هو کودڙي کي عيسيٰ وٽ ڪاهي آيا ۽ ان جي مٿان پنهنجيون چادرون وجھي عيسيٰ کي ان تي سوار ڪيائون.
36
پوءِ جيئن عيسيٰ ان تي سوار ٿي هلندو ٿي رهيو، تيئن ماڻهو پنهنجيون چادرون کڻي رستي تي وڇائيندا ٿي رهيا.
37
جڏهن هو يروشلم جي ويجھو زيتون جي ٽڪر جي لاهيءَ وٽ پهتو تہ سندس شاگردن جو سڄو ميڙ عيسيٰ جي معجزن جي ڪري خوشيءَ ۾ ڀرجي وڏي آواز سان خدا جي واکاڻ جا نعرا هڻڻ لڳو تہ
38
”سڀاڳو آهي اهو بادشاهہ، جيڪو خداوند جي نالي تي ٿو اچي! شل آسمان تي سلامتي ۽ عرش عظيم تي خدا جي واکاڻ هجي!“
39
تنهن تي انهيءَ ميڙ مان ڪن فريسين چيس تہ ”اي استاد! پنهنجي شاگردن کي جھليو.“
40
عيسيٰ کين چيو تہ ”جيڪڏهن هنن ماٺ ڪئي تہ خود پٿر وٺي پڪاريندا.“
41
جڏهن عيسيٰ يروشلم جي ويجھو آيو تہ شهر کي ڏسي مٿس رنائين
42
۽ چيائين تہ ”ڪاش، اي يروشلم جي وسندي! تون اڄوڪي ڏينهن سڃاڻي وٺين ها تہ تنهنجي سلامتي ڪهڙين ڳالهين ۾ آهي. پر هاڻي تہ اهي تنهنجي اکين کان لڪل آهن.
43
ڏس، اهي ڏينهن تو تي اچي ڪڙڪندا، جڏهن تنهنجا دشمن تنهنجي چوڌاري مورچا ٻڌي تنهنجو گھيرو ڪندا ۽ هر طرف کان تو کي سوڙهو ڪندا.
44
اهي تو کي ۽ تنهنجي رهاڪن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيندا ۽ تو ۾ سِر سِر تي رهڻ نہ ڏيندا، ڇاڪاڻ تہ تو ان وقت کي نہ سڃاتو، جڏهن خدا تو کي بچائڻ لاءِ تو تي مِهر جي نظر ڪئي هئي.“
45
عيسيٰ هيڪل ۾ آيو ۽ اتي اڱڻ ۾ جيڪي ماڻهو واپار پيا ڪن تن کي تڙي ڪڍڻ لڳو
46
۽ کين چيائين تہ ”پاڪ ڪلام ۾ خدا اهو فرمايو آهي تہ ’منهنجو گھر دعا وارو گھر ٿيندو،‘ پر اوهان ان کي ’ڌاڙيلن جو اڏو‘ بڻايو آهي.“
47
عيسيٰ هر روز هيڪل ۾ وڃي تعليم ڏيندو هو. سردار ڪاهنن، شريعت جي عالمن ۽ بني اسرائيل جي ٻين چڱن مڙسن وجھہ پئي ڳوليو تہ ”ڪهڙيءَ طرح هن کي ماري کپائي ڇڏيون.“
48
پر وس ڪونہ ٿي پُڳن، ڇاڪاڻ تہ ماڻهو هن جون ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ آتا هئا.
← Chapter 18
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 20 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24