bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Luke 7
Luke 7
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 8 →
1
جڏهن عيسيٰ ماڻهن کي اهي سموريون ڳالهيون ٻڌائي چڪو، تڏهن ڪفرناحوم شهر ۾ آيو.
2
اتي رومي فوج جي هڪ صوبيدار جو نوڪر بيمار هو ۽ مرڻ تي هو. اهو نوڪر صوبيدار کي ڏاڍو پيارو هو.
3
هن جڏهن عيسيٰ بابت ٻڌو، تڏهن يهودين جي ڪن چڱن مڙسن کي عيسيٰ ڏانهن موڪلي کيس عرض ڪيائين تہ هو اچي سندس نوڪر کي شفا بخشي.
4
اهي عيسيٰ وٽ آيا ۽ صوبيدار جي مدد لاءِ ڏاڍيون منٿون ڪندي چيائونس تہ ”اهو ماڻهو انهيءَ لائق آهي جو اوهين مٿس هي احسان ڪريو.
5
هو اسان جي قوم سان گھڻو پيار ڪري ٿو ۽ اسان جو عبادتخانو بہ هن ئي ٺهرايو آهي.“
6
تڏهن عيسيٰ انهن ماڻهن سان گڏجي هليو. اڃا هو صوبيدار جي گھر جي ويجھو ئي مس پهتو تہ صوبيدار کيس پنهنجي ماڻهن هٿان چوائي موڪليو تہ ”اي سائين! تڪليف نہ ڪريو، آءٌ انهيءَ لائق نہ آهيان جو اوهين منهنجي گھر اچو،
7
نڪي مون پاڻ کي انهيءَ لائق سمجھيو جو اوهان وٽ اچان. پر اوهين اُتان ئي رڳو حڪم ڪندا تہ منهنجو نوڪر ڇٽي چڱو ڀلو ٿيندو.
8
ڏسو، آءٌ پڻ ٻين جي حڪم هيٺ آهيان ۽ منهنجي هيٺان بہ سپاهي آهن، سو جيڪڏهن ڪنهن کي چوان ’وڃ‘ تہ هو ويندو ۽ ڪنهن کي چوان ’اچ‘ تہ هو ايندو ۽ جي پنهنجي نوڪر کي چوان تہ ’هي ڪم ڪر‘ تہ هو ڪندو.“
9
عيسيٰ اهو ٻڌي هن تي عجب کائڻ لڳو ۽ جيڪي ماڻهو سندس پٺيان پئي آيا، تن ڏانهن منهن ورائي کين چيائين تہ ”مون ايڏو ايمان بني اسرائيل ۾ بہ ڪونہ ڏٺو آهي.“
10
جڏهن صوبيدار جا ماڻهو گھر موٽي آيا تہ ڏٺائون تہ نوڪر بلڪل چاق هو.
11
ان کان پوءِ عيسيٰ نائينِ نالي شهر ڏانهن ويو ۽ هن سان گڏ سندس شاگرد ۽ هڪ وڏو ميڙ هو.
12
جڏهن شهر جي دروازي جي ويجھو پهتو تہ ڏٺائين تہ ماڻهو هڪڙي مُڙدي کي ٻاهر کنيو پئي ويا. اهو پنهنجي ماءُ جو اڪيلو پٽ هو، جيڪا رنزال هئي. شهر جا ڪيترائي ماڻهو ان سان گڏ هئا.
13
جڏهن خداوند ان رنزال کي ڏٺو، تڏهن کيس مٿس ڪهل آئي، سو چيائينس تہ ”روءُ نہ.“
14
پوءِ پاڻ ويجھو اچي جنازي تي هٿ رکي ڪانڌين کي بيهاريائين ۽ مري ويل کي فرمايائين تہ ”اي جوان! آءٌ تو کي چوان ٿو تہ اُٿ.“
15
تنهن تي اهو مري ويل اُٿي ويٺو ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ لڳو. پوءِ ان ڇوڪر کي سندس ماءُ جي حوالي ڪيائين.
16
انهيءَ تي سڀني ۾ ڏهڪاءُ پئجي ويو ۽ هو خدا جي واکاڻ ڪري چوڻ لڳا تہ ”هڪڙو وڏو نبي اسان وٽ ظاهر ٿيو آهي. خدا پنهنجي قوم تي ٻاجھہ ڪئي آهي.“
17
اها ڳالهہ سڄي يهوديہ ۽ ڀر واري سموري علائقي ۾ چؤطرف پکڙجي ويئي.
18
اهي سڀ ڳالهيون يحيٰ کي سندس شاگردن وڃي ٻڌايون. تنهن تي يحيٰ پنهنجي شاگردن مان ٻن کي
19
خداوند ڏانهن اهو چوائي موڪليو تہ ”جيڪو اچڻ وارو آهي، سو اوهين ئي آهيو يا اسين ڪنهن ٻئي جو انتظار ڪريون؟“
20
اهي ماڻهو عيسيٰ وٽ آيا ۽ چيائون تہ ” يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري اسان کي اوهان ڏانهن اهو پڇڻ لاءِ موڪليو آهي تہ جيڪو اچڻ وارو آهي، اهو اوهين آهيو يا اسين ڪنهن ٻئي جو انتظار ڪريون؟“
21
انهيءَ گھڙيءَ عيسيٰ گھڻن کي مرضن، آفتن ۽ ڀوتن کان ڇٽائي چڱو ڀلو پئي ڪيو ۽ ڪيترن ئي انڌن کي سڄو پئي ڪيائين.
22
سو عيسيٰ انهن کي وراڻي ڏيندي چيو تہ ”جيڪي ڪجھہ اوهان ڏٺو ۽ ٻڌو آهي، سو يحيٰ کي وڃي ٻڌايو تہ انڌا ڏسن ٿا، منڊا هلن ٿا، ڪوڙهہ جهڙي مرض وارا ڇٽائي پاڪ صاف ڪيا پيا وڃن، ٻوڙا ٻڌن ٿا، مئل جيئرا ڪيا پيا وڃن ۽ غريبن کي خوشخبري ٻڌائي وڃي ٿي.
23
سڀاڳو آهي اهو جنهن کي مون بابت ڪوبہ شڪ نہ آهي.“
24
جڏهن يحيٰ جا قاصد موٽي ويا، تڏهن عيسيٰ ميڙ کي يحيٰ بابت چوڻ لڳو تہ ”اوهين رڻپٽ ۾ ڇا ڏسڻ ويا هئا؟ ڇا ڀلا واءُ سان لڏندڙ ڪاني کي؟
25
پر آخر ٻاهر ڇا ڏسڻ ويا هئا؟ ڀلا سٺا ڪپڙا پاتل ماڻهوءَ کي؟ ڏسو، جيڪي سٺا ڪپڙا پائين ٿا ۽ عيش ۽ مزي ۾ گذارين ٿا سي شاهي محلن ۾ هوندا آهن.
26
پر ڀلا ڇا ڏسڻ ويا هئا؟ ڇا هڪ نبيءَ کي؟ ها تہ پوءِ ٻڌو، آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ نبيءَ کان بہ وڏي کي.
27
بلڪ يحيٰ ئي اهو آهي جنهن بابت پاڪ ڪلام ۾ خدا هي فرمايو آهي تہ ’ڏس، آءٌ پنهنجي پيغمبر کي تو کان اڳ ۾ موڪليان ٿو، تہ هو تنهنجي لاءِ رستو تيار ڪري.‘
28
آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪي بہ ماءُ جي پيٽ مان نڪتا آهن، انهن ۾ ڪوبہ يحيٰ کان وڏو نہ آهي. تنهن هوندي بہ خدا جي بادشاهيءَ ۾ جيڪو سڀني کان ننڍو آهي سو يحيٰ کان بہ وڏو آهي.“
29
سڀني ماڻهن اهو ٻڌو. جڏهن تہ اڳ ۾ ئي انهن مان عام ماڻهن، بلڪ ٽيڪس اُڳاڙيندڙن پڻ يحيٰ کان بپتسما وٺي خدا کي سچار ڪري مڃيو هو.
30
پر فريسين ۽ شريعت جي عالمن يحيٰ کان بپتسما نہ وٺندي پنهنجي طرفان خدا جي ارادي کي رد ڪري ڇڏيو.
31
عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”هن زماني جي ماڻهن کي آءٌ ڪنهن سان ڀيٽيان تہ اهي ڪنهن وانگر آهن؟
32
اهي تہ اهڙن ٻارن وانگر آهن، جيڪي بازارن ۾ ويهي هڪٻئي کي سڏ ڪري چون ٿا تہ ’اسان اوهان لاءِ شرنايون وڄايون، پر اوهين نچيا ئي ڪين. اسان اوهان لاءِ پار ڪڍيا، پر اوهين رنا ئي ڪين.‘
33
ساڳيءَ طرح جڏهن يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري روزي جي ڪري اڪثر نہ ماني ٿي کاڌي، نڪي وري مئي ٿي پيتي، تڏهن اوهان چيو ٿي تہ ’هن ۾ ڀوت آهي.‘
34
پر ابنِ آدم کائيندو پيئندو ٿو رهي تڏهن بہ اوهين چئو ٿا تہ ’ڏسو، هي پيٽو ۽ شرابي آهي ۽ ٽيڪس اُڳاڙيندڙن توڙي گنهگارن جو ساٿي آهي.‘
35
پر ياد رکو، سياڻپ سان هلندڙن جي ڪمن مان ئي خدا جي حڪمت سچي ثابت ٿئي ٿي.“
36
هڪڙي ڏينهن ڪنهن فريسيءَ عيسيٰ کي عرض ڪيو تہ ”مون وٽ هلي دعوت کائو.“ تڏهن هو سندس گھر ويو ۽ کائڻ ويٺو.
37
انهيءَ شهر ۾ هڪڙي گنهگار عورت رهندي هئي. تنهن کي جڏهن اها خبر پيئي تہ عيسيٰ هڪڙي فريسيءَ جي گھر ماني کائي ٿو پيو، تڏهن هوءَ سنگمرمر جي عطردانيءَ ۾ عطر کڻي آئي.
38
هوءَ عيسيٰ جي پيرن وٽ بيهي روئڻ لڳي ۽ پنهنجي ڳوڙهن سان عيسيٰ جا پير آلا ڪيائين. پوءِ پنهنجي وارن سان انهن کي اُگھي چميون ڏيندي ۽ انهن تي عطر مکيندي رهي.
39
تنهن تي فريسي ، جنهن عيسيٰ جي دعوت ڪئي هئي سو هي ڏسي پنهنجيءَ دل ۾ چوڻ لڳو تہ ”جيڪڏهن هي شخص نبي هجي ها تہ جيڪر سڃاڻي وٺي ها تہ هيءَ عورت جيڪا کيس هٿ ٿي لائي سا ڪهڙي قسم جي آهي، ڇاڪاڻ تہ هوءَ تہ گنهگار آهي!“
40
تڏهن عيسيٰ کيس چيو تہ ”اي شمعون! تو کي ڪجھہ چوڻو اٿم.“ شمعون وراڻيو تہ ”استاد! بيشڪ چئو.“
41
تنهن تي عيسيٰ چيو تہ ”هڪڙي لهڻيدار جا ٻہ قرضدار هئا. هڪڙي ڏانهن پنج سؤ چانديءَ جا سڪا هئس ۽ ٻئي ڏانهن پنجاهہ.
42
پر انهن وٽ ڪجھہ بہ ڪونہ هو جو کڻي ان کي واپس ڪن، تنهنڪري ٻنهي کي بخشي ڇڏيائين. هاڻي انهن ٻنهي مان کيس گھڻو پيار ڪير ڪندو؟“
43
شمعون وراڻي ڏيئي چيو تہ ”آءٌ ڀانئيان ٿو تہ جنهن کي گھڻو بخش ڪيائين، اهو.“ تڏهن عيسيٰ چيو تہ ”تو صحيح جواب ڏنو.“
44
پوءِ انهيءَ عورت ڏانهن منهن ڪري شمعون کي چيائين تہ ”هن عورت کي ڏسين ٿو؟ آءٌ تنهنجي گھر آيس تہ تو مون کي پير ڌوئڻ لاءِ پاڻي بہ نہ ڏنو، پر هن منهنجا پير پنهنجي ڳوڙهن سان ڌوتا ۽ پنهنجي وارن سان اُگھيا آهن.
45
تو مون کي چميو بہ ڪين، پر جيئن آءٌ آيو آهيان تہ هن منهنجي پيرن کي چمڻ کان بس ئي ڪين ڪئي آهي.
46
تو منهنجي مٿي کي تيل بہ نہ مکيو، پر هن تہ منهنجي پيرن کي عطر مکيو آهي.
47
انهيءَ ڪري آءٌ تو کي چوان ٿو تہ هن جا گناهہ، جيڪي گھڻا هئا معاف ڪيا ويا آهن، تنهنڪري هن گھڻو پيار ڪيو آهي. پر جنهن جا گناهہ ٿورا هئا جيڪي معاف ڪيا ويا، سو ٿورو پيار ٿو ڪري.“
48
پوءِ انهيءَ عورت کي چيائين تہ ”تنهنجا گناهہ معاف ڪيا ويا.“
49
تڏهن جن عيسيٰ سان گڏ دسترخوان تي کاڌو پئي سي هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”هي ڪير آهي جو گناهہ بہ معاف ٿو ڪري؟“
50
جڏهن تہ عيسيٰ انهيءَ عورت کي وڌيڪ چيو تہ ”تنهنجي ايمان تو کي بچايو آهي. سو هاڻي دلجاءِ سان هلي وڃ.“
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 8 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24