bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Luke 23
Luke 23
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 22
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 24 →
1
تڏهن يهودي ڪائونسل وارا سڀيئي اُٿي کڙا ٿيا ۽ عيسيٰ کي يهوديہ صوبي جي رومي گورنر پلاطس وٽ وٺي آيا.
2
اتي هو مٿس تهمتون هڻي چوڻ لڳا تہ ”اسان ڏٺو آهي تہ هيءُ ماڻهو اسان جي قوم کي برغلائي ٿو، ماڻهن کي قيصر جي ٽيڪس ڏيڻ کان جھلي ٿو ۽ دعويٰ ٿو ڪري تہ ’آءٌ پاڻ مسيح ، يعني مخصوص ڪيل بادشاهہ آهيان.‘“
3
تڏهن پلاطس هن کان پڇيو تہ ”ڇا تون يهودين جو بادشاهہ آهين؟“ عيسيٰ جواب ڏنس تہ ”جيئن اوهين سوچو ٿا، تيئن نہ.“
4
تنهن تي پلاطس سردار ڪاهنن ۽ ماڻهن کي چيو تہ ”هي مون کي ڪنهن بہ طرح ڏوهاري ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي.“
5
پر انهن تيئن زور ڏيندي چيو تہ ”سڄي يهوديہ ۾، بلڪ گليل کان وٺي هن جاءِ تائين هي ماڻهن کي باغي ڪندو رهيو آهي.“
6
جڏهن پلاطس اهو ٻڌو تڏهن پڇيائين تہ ”ڇا هي گليلي آهي؟“
7
جڏهن کيس خبر پيئي تہ هو گليل صوبي جي حڪمران هيروديس انتپاس جي حد جو آهي، تڏهن عيسيٰ کي ان ڏانهن موڪليائين جيڪو پڻ انهن ڏينهن ۾ يروشلم ۾ هو.
8
هيروديس جڏهن عيسيٰ کي ڏٺو تہ ڏاڍو خوش ٿيو. گھڻي وقت کان هن جي اها تمنا هئي تہ عيسيٰ کي ڏسي، ڇاڪاڻ تہ هن بابت گھڻو ڪجھہ ٻڌو هئائين ۽ چاهي پيو تہ هن کي ڪو معجزو ڪندي ڏسي.
9
سو هو کانئس گھڻا ئي سوال پڇندو رهيو، پر عيسيٰ کيس ڪوبہ جواب نہ ڏنو.
10
سردار ڪاهنَ ۽ شريعت جا عالم جيڪي اتي بيٺا هئا، سي عيسيٰ تي سختيءَ سان تهمتون هڻڻ لڳا.
11
تڏهن هيروديس پنهنجي سپاهين سميت عيسيٰ تي ٺٺوليون ڪري کيس بيعزتو ڪيو. پوءِ هن کي شاندار وڳو پهرائي واپس پلاطس ڏانهن موڪليائون.
12
انهيءَ ئي ڏينهن پلاطس ۽ هيروديس دوست ٿي پيا، جيڪي اڳي پاڻ ۾ وڙهيل هئا.
13
تڏهن پلاطس سردار ڪاهنن، يهودي ڪائونسل جي ٻين اڳواڻن ۽ عام ماڻهن کي سڏائي گڏ ڪيو.
14
کين چيائين تہ ”اوهين هن شخص تي جيڪا تهمت هڻي هِت مون وٽ وٺي آيا آهيو تہ هو قوم کي برغلائي ٿو، تنهن لاءِ مون اوهان جي اڳيان جاچي ڏٺو آهي تہ هو اهڙي ڪنهن بہ ڏوهہ جو ڏوهاري نہ آهي، جيئن اوهين چئو ٿا.
15
ان کان علاوہ نہ ئي هيروديس کي هن ۾ ڪو ڏوهہ نظر آيو، ڇاڪاڻ تہ هن کيس اسان ڏانهن واپس موڪليو آهي. سو هن اهڙو ڪوبہ ڏوهہ نہ ڪيو آهي جو کيس موت جي سزا ڏني وڃي.
16
تنهنڪري آءٌ کيس چهبڪ هڻائي ڇڏي ٿو ڏيانس.“
18
تنهن تي سڀني وٺي رڙيون ڪيون تہ ”انهيءَ کي ماري ڇڏيو ۽ برابا کي اسان جي خاطر ڇڏي ڏيو.“
19
برابا نالي انهيءَ شخص کي يروشلم شهر ۾ ڪنهن فساد ۽ خون ڪرڻ سبب جيل ۾ وڌو هئائون.
20
پلاطس جي مرضي هئي تہ عيسيٰ کي ڇڏي ڏجي. سو هن وري بہ هڪ دفعو ميڙ کي چيو.
21
پر هو گوڙ ۽ رڙيون ڪندي چوندا رهيا تہ ” صليب تي چاڙهيوس، صليب تي.“
22
تڏهن پلاطس ٽيون دفعو چين تہ ”ڇو؟ هن ڪهڙو ڏوهہ ڪيو آهي؟ آءٌ هن کي موت جي سزا ڏيڻ لاءِ ڪوبہ سبب نہ ٿو ڏسان، تنهنڪري آءٌ کيس چهبڪ هڻائي ڇڏي ٿو ڏيان.“
23
پر اهي واڪا ڪري زور رکي چوندا رهيا تہ ” صليب تي چاڙهيوس.“ ائين گوڙ ڪري اهي پنهنجي ڳالهہ مڃائي ويا.
24
تنهن تي پلاطس فيصلو ڏنو تہ ”سندن عرض قبول پوي.“
25
سو هن سندن مرضيءَ تي انهيءَ ماڻهوءَ کي ڇڏي ڏنو، جيڪو فساد ۽ خون ڪرڻ ڪري جيل ۾ پيو هو. پر عيسيٰ کي انهن جي مرضي پوري ڪرڻ لاءِ سپاهين جي حوالي ڪيائين.
26
جيئن سپاهي عيسيٰ کي وٺي پئي ويا تہ کين شمعون نالي هڪڙو ماڻهو مليو، جيڪو ڪريني شهر جو رهاڪو هو ۽ ٻهراڙيءَ کان شهر ڏانهن پئي آيو، تنهن کي پڪڙي صليب کڻي مٿانئس رکيائون تہ هو اهو کڻي عيسيٰ جي پٺيان هلي.
27
عيسيٰ جي پٺيان ماڻهن جو هڪ وڏو ميڙ هو. انهن ۾ ڪي عورتون بہ هيون جيڪي هن لاءِ روئنديون ۽ سينا پٽينديون پئي آيون.
28
عيسيٰ ڦري هنن کي چيو تہ ”اي يروشلم جون نياڻيون! منهنجي لاءِ نہ روئو، بلڪ پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجن ٻچن لاءِ روئو،
29
ڇاڪاڻ تہ اهي ڏينهن اچن پيا جڏهن ماڻهو چوندا تہ ’سڀاڳيون آهن اهي سنڍ عورتون جن ڪڏهن بہ ٻار نہ ڄڻيا آهن ۽ نہ ڪڏهن ٿڃ پيئاري اٿائون.‘
30
انهيءَ وقت ماڻهو پهاڙن کي چوندا تہ ’اسان مٿان ڪِري پئو‘ ۽ ٽڪرن کي چوندا تہ ’اسان کي پوري ڇڏيو،‘
31
ڇاڪاڻ تہ جيڪي سائي وڻ سان هيئن ٿا ڪن تہ سڪي وڻ سان ڇا ڇا نہ ڪندا؟“
32
ٻيا ٻہ ماڻهو جيڪي ڏوهاري هئا، تن کي بہ اهي عيسيٰ سان گڏ مارڻ لاءِ وٺيو پئي ويا.
33
جڏهن اهي يروشلم کان انهيءَ جاءِ تي پهتا جنهن کي ”کوپري“ سڏين ٿا، تڏهن انهن سپاهين عيسيٰ ۽ ٻنهي ڏوهارين کي صليب تي چاڙهي ڪوڪا هنيا، هڪ سندس ساڄي ۽ ٻيو سندس کاٻي پاسي هو.
34
عيسيٰ چيو تہ ”اي بابا! هنن کي بخش، ڇاڪاڻ تہ هي نہ ٿا ڄاڻن تہ هو ڇا ڪري رهيا آهن.“ پوءِ اهي هن جا ڪپڙا پاڻ ۾ ورهائڻ لاءِ پُکا وجھڻ لڳا.
35
ماڻهن بيٺي ڏٺو. تڏهن يهودين جي اڳواڻن مٿس ٺٺوليون ڪندي چيو تہ ”هون، ٻين کي ٿي بچايائين. جيڪڏهن هي خدا جو مسيح ۽ سندس مخصوص ڪيل آهي تہ هاڻي پاڻ کي تہ بچائي.“
36
سپاهي بہ مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا ۽ وٽس ويجھو اچي سادي مئي آڇيندي
37
کيس چوڻ لڳا تہ ”جيڪڏهن تون يهودين جو بادشاهہ آهين تہ پاڻ کي بچاءِ.“
38
هن جي مٿان هڪ تختي بہ لڳائي ويئي، جنهن تي لکيل هو تہ ”هي آهي يهودين جو بادشاهہ.“
39
جيڪي ڏوهاري عيسيٰ سان گڏ صليب تي ٽنگيل هئا، تن مان هڪڙي طعنو هڻندي چيس تہ ”تون مسيح نہ آهين ڇا؟ پوءِ پاڻ کي ۽ اسان کي بچاءِ.“
40
پر ٻئي انهيءَ کي ڇينڀي چيو تہ ”ڇا تو کي خدا جو بہ خوف نہ آهي، جيتوڻيڪ تون بہ تہ ساڳي سزا پيو ڀوڳين؟
41
اسان کي جيڪا سزا ملي آهي سا حقي واجبي آهي، ڇو تہ اسين پنهنجو ڪيتو پيا لوڙيون، پر هن تہ ڪوبہ ڏوهہ نہ ڪيو آهي.“
42
پوءِ هن عيسيٰ کي چيو تہ ”اي عيسيٰ! جڏهن اوهين بادشاهہ ٿي اچو، تڏهن مون کي ياد ڪجو.“
43
عيسيٰ ان کي چيو تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ اڄ ئي تون مون سان گڏ بهشت ۾ هوندين.“
44
پوءِ سج ڪاراٽجي ويو ۽ منجھند جي مهل کان وٺي اٽڪل ٽي بجي تائين سڄي ملڪ تي اونداهي ڇانيل رهي. تڏهن هيڪل جو مقدس ترين جاءِ وارو پردو ڦاٽي ٻہ اڌ ٿي پيو
46
۽ عيسيٰ وڏي آواز سان رڙ ڪري چيو تہ ”اي بابا! آءٌ پنهنجو روح تنهنجي هٿن ۾ ٿو سونپيان.“ بس، ايترو چئي دم ڏنائين.
47
اهو ڏسي فوجي صوبيدار خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳو ۽ چيائين تہ ”بيشڪ هي هڪ نيڪ ماڻهو هو.“
48
جيڪي ماڻهو هن واقعي کي ڏسڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا هئا، سي هي ڏسي پنهنجا سينا پٽيندا گھرن ڏانهن موٽيا.
49
جڏهن تہ گليل علائقي کان ساڻس گڏجي آيل عورتون ۽ ٻيا ماڻهو جيڪي سڀ عيسيٰ کي ذاتي طرح ڄاڻين پيا تن پري کان بيٺي اهي ڳالهيون ٿيندي پئي ڏٺيون.
50
اتي يوسف نالي هڪڙو شخص هو، جيڪو يهوديہ جي شهر ارمٿيا جو رهاڪو هو. هو يهودي ڪائونسل جو نيڪ ۽ عزت وارو ڪارڪن هو ۽ خدا جي بادشاهيءَ جي انتظار ۾ هو. ڪائونسل جي ڪارڪن هوندي بہ هو انهن جي راءِ ۽ عمل ۾ شريڪ نہ ٿيو هو.
52
هو پلاطس جي درٻار ۾ ويو ۽ عرض ڪري کانئس عيسيٰ جو لاش گھريائين.
53
پوءِ هن لاش هيٺ لهرايو ۽ اُچي ڪفن ۾ ويڙهي هڪ قبر ۾ رکيائين، جيڪا ٽڪر ۾ غار نموني کوٽيل هئي ۽ اڳ استعمال نہ ٿيل هئي.
54
اهو جمعي جو ڏينهن، يعني يهودين جي تياريءَ جو ڏينهن هو ۽ سبت شروع ٿيڻ وارو هو.
55
جيڪي عورتون گليل کان عيسيٰ سان گڏجي آيون هيون، تن يوسف جو پيڇو ڪري اها قبر ڏٺي ۽ اهو بہ تہ عيسيٰ جو لاش ڪيئن ان ۾ رکيو ويو آهي.
56
پوءِ هو گھر واپس ويون ۽ لاش لاءِ سرهاڻيون ۽ عطر تيار ڪيائون. تڏهن هنن شريعت جي حڪم موجب سبت جي ڏينهن آرام ڪيو.
← Chapter 22
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 24 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24