bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Luke 16
Luke 16
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 15
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 17 →
1
پوءِ عيسيٰ شاگردن کي مثال ڏيندي چيو تہ ”ڪنهن شاهوڪار وٽ هڪڙو منشي هوندو هو. ڪن ماڻهن شاهوڪار کي ٻڌايو تہ ’منشي تنهنجي دولت اُڏائي ٿو.‘
2
تنهن تي شاهوڪار منشيءَ کي گھرائي چيو تہ ’تنهنجي باري ۾ آءٌ هي ڇا پيو ٻڌان؟ پنهنجي مُنشيگيريءَ جو سڄو حساب ڪتاب ڏي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو کي اڳتي پنهنجو منشي رکي ڪين سگھندس.‘
3
تڏهن منشي دل ۾ چوڻ لڳو تہ ’پوءِ آءٌ ڇا ڪندس؟ ڇاڪاڻ تہ منهنجو مالڪ تہ مون کي مُنشيگيريءَ مان ڪڍي ٿو. ڪوڏر هڻڻ جي تہ مون ۾ طاقت ڪانهي ۽ پنڻ کان بہ مون کي شرم ٿو اچي.
4
سو هاڻي اهڙو ڪم ٿو ڪريان جو جڏهن منهنجي نوڪري ختم ٿئي تہ ماڻهو مون کي پنهنجي گھر ۾ اچڻ ڏين.‘
5
پوءِ ڇا ڪيائين جو شاهوڪار جي هڪڙي هڪڙي قرضدار کي سڏايائين. پهرئين کان پڇيائين تہ ’منهنجي مالڪ جو تو تي ڪيترو قرض آهي؟‘
6
هن کيس وراڻيو تہ ’ زيتون جي تيل جا چاليهن ليٽرن وارا هڪ سؤ مٽ.‘ منشيءَ چيس تہ ’ويهي پنهنجي رسيد تي جھٽ ۾ پنجاهہ مٽ لکي ڏي.‘
7
پوءِ ٻئي کان پڇيائين تہ ’تو تي ڪيترو قرض آهي؟‘ هن ورندي ڏني تہ ’هڪ هزار ٻوريون ڪڻڪ.‘ انهيءَ کي بہ چيائين تہ ’پنهنجي رسيد کڻي اٺ سؤ ٻوريون لکي ڏي.‘
8
اهو ڏسي سندس مالڪ بيايمان منشيءَ جي تعريف ڪئي، انهيءَ ڪري جو هن هوشياريءَ کان ڪم ورتو هو. اهڙيءَ ئي طرح هن زماني جا ماڻهو هڪٻئي سان هلت چلت ۾ خدا جي بادشاهيءَ جي ماڻهن کان وڌيڪ هوشيار آهن.“
9
عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ دنياوي دولت سان دوست پيدا ڪريو، انهيءَ لاءِ تہ جڏهن اها دولت کُٽي وڃي تڏهن دائمي گھر ۾ اوهان جي آجيان ڪئي وڃي.
10
جيڪو ٿوري ۾ ايماندار آهي سو گھڻي ۾ بہ ايماندار رهندو ۽ جيڪو ٿوري ۾ بيايمان آهي سو گھڻي ۾ بہ بيايمان ٿيندو.
11
سو جيڪڏهن اوهين هن دنياوي دولت ۾ ايماندار نہ آهيو تہ ڪير اوهان تي اعتبار ڪري اوهان کي سچي دولت ڏيندو؟
12
جيڪڏهن اوهين ٻين جي ملڪيت جي لاءِ ايماندار نہ آهيو تہ ڪير اوهان تي اعتبار ڪري اوهان جي ملڪيت اوهان جي حوالي ڪندو؟
13
ڪوبہ غلام هڪ ئي وقت ٻن مالڪن جي غلامي ڪري نہ ٿو سگھي. هو هڪڙي سان محبت تہ ٻئي سان نفرت ڪندو، يا هڪڙي سان وفادار رهندو تہ ٻئي کي خسيس ڄاڻيندو. سو اوهين خدا ۽ دولت ٻنهي جي هڪ ئي وقت غلامي ڪري نہ ٿا سگھو.“
14
فريسي ، جن کي دولت سان پيار هو، سي عيسيٰ جون اهي ڳالهيون ٻڌي مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا.
15
تڏهن عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”اوهين انهن منجھان آهيو جيڪي ماڻهن جي اڳيان پاڻ کي سچار ڏيکارين ٿا، پر خدا اوهان جي دلين کي ڄاڻي ٿو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو ماڻهن جي ليکي چڱو آهي، سو خدا جي نظر ۾ ڪراهت جهڙو آهي.“
16
عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”موسيٰ جي شريعت توڙي ٻين نبين جون لکتون يحيٰ جي وقت تائين لاڳو رهيون. تنهن کان پوءِ خدا جي بادشاهيءَ بابت خوشخبريءَ جي منادي ٿيڻ لڳي ۽ هر ڪو ان ۾ داخل ٿيڻ لاءِ زور پيو ڏئي.
17
تنهن هوندي بہ زمين ۽ آسمان جو ٽري وڃڻ آسان آهي، پر شريعت جو هڪڙو نقطو بہ ٽري نہ ٿو سگھي.
18
ڏسو، شريعت موجب جيڪو بہ پنهنجي زال کي طلاق ڏيئي ڪنهن ٻيءَ عورت سان شادي ٿو ڪري سو زنا ٿو ڪري ۽ جيڪو مڙس جي طلاق ڏنل عورت سان شادي ٿو ڪري سو بہ زنا ٿو ڪري.“
19
عيسيٰ مثال ڏيندي چيو تہ ”ڪنهن زماني ۾ هڪڙو شاهوڪار ماڻهو هوندو هو، جيڪو تمام عمدا ۽ قيمتي ڪپڙا پهريندو هو ۽ روزانو طرح طرح جا طعام کائي موجون ماڻيندو هو.
20
لعزر نالي ناسورن ورتل هڪ غريب شخص کي ان جي دروازي تي ويهاريو ويندو هو.
21
لعزر چاهيندو هو تہ شاهوڪار ماڻهوءَ جي اوبر وارن ٽڪر ڳڀن سان پيٽ ڀري ڍءُ ڪري، جڏهن تہ ڪتا بہ اچي سندس ناسوري ڦٽ چٽيندا هئا.
22
پوءِ جڏهن اهو غريب ماڻهو مري ويو تہ ملائڪن کڻي وڃي کيس بهشت ۾ ابراهيم جي پاسي ۾ ويهاريو. هوڏانهن شاهوڪار ماڻهو بہ مري ويو ۽ کيس دفن ڪيو ويو.
23
هو پاتال ۾ وڃي پيو، جتي هو عذابن ۾ مبتلا هو تہ اکيون کڻي نهاريائين تہ پريان ابراهيم نظر آيس جنهن جي ڀر ۾ لعزر هو.
24
تڏهن هن رڙ ڪري چيو تہ ’اي بابا ابراهيم! مون تي رحم ڪريو ۽ لعزر کي موڪليو تہ آڱر جي چوٽي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي منهنجي ڄڀ کي ٺاري، ڇاڪاڻ تہ آءٌ هن باهہ جي سخت عذاب ۾ آهيان.‘
25
پر ابراهيم چيس تہ ’پٽ! ياد ڪر، تہ تو کي پنهنجي حياتيءَ ۾ سٺيون سٺيون شيون مليل هيون، پر لعزر کي خراب شيون. هاڻي هو هتي مزن ۾ آهي ۽ تون عذاب ۾ آهين.
26
انهيءَ کان علاوہ اوهان ۽ اسان جي وچ ۾ وڏو اوڙاهہ آهي، تنهنڪري جيڪي هتان اوهان ڏانهن وڃڻ گھرن تہ وڃي نہ سگھندا ۽ نہ وري اوهان وٽان ڪو اسان ڏانهن اچي سگھندو.‘
27
شاهوڪار چيو تہ ’چڱو ڀلا بابا! آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ لعزر کي منهنجي پيءُ جي گھر ڀائرن ڏانهن موڪليو.
28
جيئن تہ مون کي پنج ڀائر آهن، سو هو انهن کي وڃي تاڪيد ڪري تہ متان اهي بہ هن عذاب واري جاءِ ۾ اچي پون.‘
29
تنهن تي ابراهيم وراڻيس تہ ’انهن وٽ موسيٰ جي شريعت ۽ ٻين نبين جون لکتون تہ موجود آهن، هو اهي ٻڌي سگھن ٿا.‘
30
پر شاهوڪار چيس تہ ’نہ، بابا ابراهيم! جيڪڏهن ڪو مئلن مان انهن وٽ ويندو، تہ اهي توبهہ ڪندا.‘
31
ابراهيم چيس تہ ’جيڪڏهن هو موسيٰ ۽ ٻين نبين جي لکتن کي نہ ٿا مڃين، تہ پوءِ ڪو مئلن مان بہ جيئرو ٿي وڃين تہ انهيءَ جي بہ ڪونہ ٻڌندا.‘“
← Chapter 15
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 17 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24