bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Luke 3
Luke 3
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 4 →
1
تبريس نالي رومي قيصر جي حڪومت جو پندرهون سال هو. انهن ڏينهن ۾ يهوديہ صوبي جو گورنر پنطيس پلاطس هو ۽ گليل صوبي جو حڪمران هيروديس انتپاس هو. اِيتوريا ۽ ترخونيتس جي علائقن جو حڪمران هيروديس جو ڀاءُ فلپس هو ۽ ابليني علائقي جو حڪمران لسانياس هو.
2
جڏهن تہ حَنا ۽ ڪائفا يهودين جا وڏا سردار ڪاهن هئا. انهن ڏينهن ۾ خدا جو ڪلام زڪرياہ جي پٽ يحيٰ تي نازل ٿيو، جيڪو رڻپٽ ۾ رهندو هو.
3
سو هو اردن درياءَ جي آسپاس واري سڄي علائقي ۾ ويو ۽ ماڻهن ۾ منادي ڪرڻ لڳو تہ ”توبهہ ڪريو ۽ بپتسما وٺو تہ اوهان کي پنهنجن گناهن جي معافي ملي.“
4
اهڙيءَ طرح يسعياہ نبيءَ جي هيءَ لکت پوري ٿي تہ ”رڻپٽ ۾ پڪارڻ واري جو آواز اچي ٿو تہ ’ خداوند لاءِ رستو تيار ڪريو. هائو، هن جي لاءِ واٽ سڌي ڪريو.
5
ائين ڪرڻ سان سڀڪا ماٿري ڀرجي پوندي، ۽ هر هڪ جبل ۽ ٽڪري هموار ڪئي ويندي. هائو، ڏنگا رستا سڌا ٿيندا ۽ کڏن کوٻن واريون واٽون سنئيون ٿينديون.
6
تڏهن ئي سڄي انسانذات خدا جو ڇوٽڪارو ڏسندي.‘“
7
ماڻهن جا جيڪي ميڙ يحيٰ کان بپتسما وٺڻ پئي آيا، تن کي هن چيو پئي تہ ”اي نانگ جا ٻچؤ! اوهان کي ڪنهن ٻڌايو آهي تہ اوهين خدا جي ايندڙ غضب کان بچي سگھندا؟
8
انهيءَ لاءِ اوهين وڃي اهڙا ڪم ڪريو جن مان خبر پوي تہ اوهان سچ پچ پنهنجن گناهن تي پڇتايو آهي. اوهين ائين بہ نہ سوچو تہ ’اسين ابراهيم جو اولاد آهيون تنهنڪري بچي وينداسين.‘ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ خدا هنن پٿرن مان بہ ابراهيم لاءِ اولاد پيدا ڪري سگھي ٿو.
9
ياد رکو، هاڻي تہ وڻن جي پاڙن تي ڪهاڙو تيار رکيو ويو آهي ۽ جيڪو وڻ سٺو ميوو نہ ڏيندو تہ ان کي وڍي باهہ ۾ اڇلائبو.“
10
تنهن تي ماڻهن کانئس پڇيو تہ ”پوءِ اسان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟“
11
هن ورندي ڏنن تہ ”جنهن وٽ ٻہ قميصون هجن تہ اهو هڪ انهيءَ کي ڏئي جنهن کي هڪ بہ ڪانهي ۽ جنهن وٽ کاڌو آهي، سو بہ اهو ورهائي.“
12
ٽيڪس اُڳاڙيندڙ پڻ بپتسما وٺڻ آيا ۽ انهن پڇيس تہ ”اي استاد! اسان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟“
13
تنهن تي انهن کي چيائين تہ ”مقرر اگھہ کان وڌيڪ نہ اُڳاڙيو.“
14
سپاهين بہ پڇيس تہ ”ڀلا اسان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟“ تن کي چيائين تہ ”ڪنهن کي دٻائي ڌمڪائي زوريءَ پئسا نہ وٺو، پر پنهنجي پگھار مان پورت ڪريو.“
15
هاڻي ماڻهن ۾ جڏهن هڪ آس پيدا ٿيڻ لڳي تڏهن هو يحيٰ بابت انهيءَ ويچار ۾ پئجي ويا تہ ”ڇا هي مسيح تہ نہ آهي!“
16
تنهن تي يحيٰ انهن سڀني کي جواب ڏنو تہ ”آءٌ اوهان کي پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان، پر اهو اچڻ وارو آهي جنهن جهڙو آءٌ ڪين آهيان، ڇو تہ هو قدرت وارو آهي ۽ آءٌ سندس جتيءَ جون ڪهيون ڇوڙڻ جي لائق بہ نہ آهيان. اهو اوهان کي پاڪ روح ۽ باهہ سان بپتسما ڏيندو.
17
هن کي پنهنجو ڇڄ هٿن ۾ آهي، جنهن سان هو پنهنجي ڳاهيل فصل کي چڱيءَ طرح صاف ڪندو. پوءِ هو ڪڻڪ کي ميڙي پنهنجي ڀانڊي ۾ رکندو ۽ بُهہ کي اهڙيءَ باهہ ۾ ساڙي ڇڏيندو جيڪا ڪڏهن بہ نہ ٿي وسامي.“
18
يحيٰ ٻيون بہ ڪيتريون ئي نصيحتون ڪندي ماڻهن کي مسيح بابت خوشخبري ٻڌائيندو رهيو.
19
پوءِ يحيٰ هيروديس انتپاس کي ملامت ڪئي، ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجي ڀاءُ فلپس جي جيئري ئي سندس زال هيرودياس سان پرڻيو هو ۽ ٻيا بہ ڪيترائي برا ڪم ڪيا هئائين.
20
تڏهن هيروديس هڪ وڌيڪ خرابي ڪئي جو يحيٰ کي کڻي جيل ۾ وڌائين.
21
هڪڙي دفعي جڏهن سڀني ماڻهن اردن درياءَ ۾ يحيٰ کان بپتسما پئي ورتي تڏهن عيسيٰ بہ کانئس بپتسما ورتي. پوءِ اتي بيٺي جيئن ئي دعا ٿي گھريائين تہ آسمان کُلي پيو
22
۽ پاڪ روح ڪبوتر جي صورت ۾ مٿس اچي لٿو. تڏهن آسمان مان آواز آيو تہ ”تون منهنجو پيارو فرزند آهين. آءٌ تو مان گھڻو خوش آهيان.“
23
جڏهن عيسيٰ پاڻ تعليم ڏيڻ شروع ڪئي، تڏهن سندس عمر اٽڪل ٽيهہ سال هئي. عيسيٰ کي يوسف جو پٽ سمجھيو ويندو هو، يوسف پٽ عيليءَ جو هو
24
۽ عيلي پٽ متات جو، متات پٽ لاويءَ جو، لاوي پٽ ملڪيءَ جو، ملڪي پٽ ينا جو ۽ ينا پٽ يوسف جو،
25
يوسف پٽ متتياہ جو، متتياہ پٽ عاموس جو، عاموس پٽ ناحوم جو، ناحوم پٽ اسلياہ جو ۽ اسلياہ پٽ نوگہ جو،
26
نوگہ پٽ ماعت جو، ماعت پٽ متتياہ جو، متتياہ پٽ شمعيءَ جو، شمعي پٽ يوسيخ جو ۽ يوسيخ پٽ يوداہ جو،
27
يوداہ پٽ يوحناہ جو، يوحناہ پٽ رسيا جو، رسيا پٽ زربابل جو، زربابل پٽ سيالتيايل جو ۽ سيالتيايل پٽ نيريءَ جو،
28
نيري پٽ ملڪيءَ جو، ملڪي پٽ اديءَ جو، ادي پٽ قوسام جو، قوسام پٽ المودام جو ۽ المودام پٽ عير جو،
29
عير پٽ يشوع جو، يشوع پٽ اليعزر جو، اليعزر پٽ يوريم جو، يوريم پٽ متات جو ۽ متات پٽ لاويءَ جو،
30
لاوي پٽ شمعون جو، شمعون پٽ يهوداہ جو، يهوداہ پٽ يوسف جو، يوسف پٽ يونان جو ۽ يونان پٽ الياقيم جو،
31
الياقيم پٽ مليآہ جو، مليآہ پٽ مناہ جو، مناہ پٽ متتاہ جو، متتاہ پٽ ناتن جو ۽ ناتن پٽ دائود جو،
32
دائود پٽ يسيءَ جو، يسي پٽ عوبيد جو، عوبيد پٽ بوعز جو، بوعز پٽ سلمون جو ۽ سلمون پٽ نحسون جو،
33
نحسون پٽ عمينداب جو، عمينداب پٽ ارنيءَ جو، ارني پٽ حصرون جو، حصرون پٽ فارص جو ۽ فارص پٽ يهوداہ جو،
34
يهوداہ پٽ يعقوب جو، يعقوب پٽ اسحاق جو، اسحاق پٽ ابراهيم جو، ابراهيم پٽ تارح جو ۽ تارح پٽ نحور جو،
35
نحور پٽ سروج جو، سروج پٽ رعو جو، رعو پٽ فلج جو، فلج پٽ عبر جو ۽ عبر پٽ سِلح جو،
36
سِلح پٽ قينان جو، قينان پٽ ارفڪسد جو، ارفڪسد پٽ سِم جو، سِم پٽ نوح جو ۽ نوح پٽ لمڪ جو،
37
لمڪ پٽ متوسلح جو، متوسلح پٽ حنوڪ جو، حنوڪ پٽ يارد جو، يارد پٽ مهللايل جو ۽ مهللايل پٽ قينان جو،
38
قينان پٽ انوس جو، انوس پٽ سيت جو، سيت پٽ آدم جو ۽ آدم خدا جو فرزند هو.
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 4 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24