bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Luke 17
Luke 17
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 16
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 18 →
1
عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”گناهہ ڏانهن ڌتارجڻ جا سبب تہ اڻٽر آهن، پر مصيبت آهي انهيءَ لاءِ، جنهن جي هٿان اهڙا سبب پيدا ٿين ٿا.
2
منهنجي سادن سٻاجھن پوئلڳن مان ڪنهن هڪ کي بہ جيڪو گناهہ ڏانهن ڌُتاري ٿو، تنهن لاءِ وڌيڪ سٺو ائين ٿيندو جو سندس ڳچيءَ ۾ جنڊ جو ڳرو پُڙ وجھي کيس سمنڊ ۾ اڇلايو وڃي.
3
سو خبردار رهو. جيڪڏهن اوهان جي همايمان ڀاءُ ڀيڻ مان ڪو اوهان جو ڏوهہ ڪري تہ کيس هدايت ڪريو ۽ جيڪڏهن هو توبهہ ڪري تہ معاف ڪري ڇڏيوس.
4
جيڪڏهن هو ڏينهن ۾ ست دفعا بہ اوهان جو ڏوهہ ڪري ۽ اوهان وٽ اچي ست دفعا چوي تہ ’مون کي معاف ڪريو‘ تہ بہ اوهين کيس معاف ڪندا رهو.“
5
عيسيٰ کي رسولن چيو تہ ”اي خداوند! اسان جو ايمان وڌايو.“
6
خداوند چين تہ ”جيڪڏهن اوهين سرنهن جي داڻي جيترو بہ ايمان رکو ٿا تہ اوهين توت جي هن وڻ کي چئي سگھو ٿا تہ ’اتان پاڙؤن نڪري وڃي سمنڊ ۾ لڳ،‘ تہ اهو بہ اوهان جي مڃيندو.“
7
”فرض ڪريو تہ اوهان کي ڪو غلام آهي. هو جڏهن هر ڪاهي يا رڍن جو ڌڻ چاري ٻنيءَ تان اچي، تہ ڇا اوهين کيس هيئن چوندا تہ ’جلدي اچ ۽ ويهي ماني کاءُ‘؟
8
بلڪل نہ، اٽلندو اوهين کيس هيئن چوندا تہ ’منهنجي رات جي ماني تيار ڪر. جيستائين آءٌ اها کائي پي بس نہ ڪريان تيستائين خدمت ۾ کڙوتڙو بيٺو رهج ۽ پوءِ وڃي تون کائجانءِ ۽ پيئجانءِ.‘
9
ڇا اوهين غلام جو انهيءَ ڪري ٿورو مڃيندا جو هن حڪم موجب ڪم ڪيو؟
10
ساڳيءَ طرح اوهان کي بہ جن ڪمن لاءِ حڪم ڪيل آهي، جڏهن اهي پورا ڪريو تڏهن چئو تہ ’اسين تہ خسيس غلام آهيون، جيڪو اسان تي ڪرڻ فرض هو، سو ئي اسان ڪيو.‘“
11
يروشلم ڏانهن ويندي عيسيٰ گليل ۽ سامريہ جي سرحدي علائقن وچان لنگھيو پئي ويو.
12
جڏهن هو هڪڙي ڳوٺ ۾ داخل ٿيڻ تي هو تہ ڏهہ ڪوڙهہ جهڙي مرض وارا اچي گڏيس. انهن ڪجھہ پرڀرو بيهي
13
وڏي واڪي چيس تہ ”اي عيسيٰ! اي سائين! اسان تي رحم ڪريو.“
14
هنن کي ڏسي چيائين تہ ”وڃو ۽ ڪاهنن کي وڃي پاڻ ڏيکاريو.“ سو جيئن ئي هو وڃن پيا تہ رستي تي ويندي ويندي پاڪ صاف ٿي پيا.
15
جڏهن انهن مان هڪڙي ڏٺو تہ ”آءٌ چڱو ڀلو ٿي پيو آهيان،“ تڏهن وڏي آواز سان خدا جي واکاڻ ڪندي موٽيو.
16
هو عيسيٰ جي پيرن تي منهن ڀر ڪري سندس ٿورا مڃڻ لڳو. اهو موٽڻ وارو سامري ماڻهو هو.
17
تنهن تي عيسيٰ پڇيو تہ ”ڏهہ ئي ڇٽي پاڪ صاف نہ ٿيا آهن ڇا؟ تہ پوءِ باقي نوَ ڪٿي آهن؟
18
ڇا هن ڌارئي کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونہ موٽيو، جو اچي خدا جي واکاڻ ڪري؟“
19
پوءِ هن کي چيائين تہ ”اُٿ ۽ هليو وڃ، تنهنجي ايمان تو کي بچايو آهي.“
20
ڪن فريسين عيسيٰ کان پڇيو تہ ”خدا جي بادشاهي ڪڏهن ايندي؟“ هن ورنديءَ ۾ چين تہ ”خدا جي بادشاهيءَ جي اچڻ جي ڪا ظاهري نشاني نہ هوندي.
21
ڪوبہ ائين نہ چوندو تہ ’ڏسو، بادشاهي هيڏانهن آهي‘ يا وري ’هوڏانهن آهي.‘ حقيقت ۾ خدا جي بادشاهي اوهان جي وچ ۾ آهي.“
22
هن پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”ڪو وقت ايندو جڏهن اوهين ابنِ آدم جي موجودگيءَ وارو ڪو ڏينهن ڏسڻ لاءِ پيا سڪندا، پر اوهين اهڙو ڏينهن نہ ڏسندا.
23
ماڻهو اوهان کي چوندا تہ ’ڏسو، ابنِ آدم هيڏانهن آهي. ڏسو، هوڏانهن آهي.‘ پر متان انهن جي ڳالهين تي لڳي اوڏانهن ڊوڙي وڃو.
24
ڏسو، ابنِ آدم پنهنجي موٽي اچڻ وقت ائين ظاهر ٿيندو، جيئن کِنوڻ آسمان ۾ هڪڙي طرف چمڪندي آهي ۽ سندس چمڪاٽ هر طرف ڏسڻ ۾ ايندو آهي.
25
پر پهريائين ابنِ آدم کي ڪيتريون ئي سختيون سهڻيون پونديون ۽ هن زماني جي ماڻهن کان رد ڪيو ويندو.
26
ابنِ آدم جو اچڻ بہ ائين ئي ٿيندو، جيئن نوح جي ڏينهن ۾ ٻوڏ جو اچڻ ٿيو.
27
انهن ڏينهن ۾ ماڻهو کائيندا پيئندا رهيا ۽ شاديون ڪندا ۽ ڪرائيندا رهيا. پوءِ اهو ڏينهن ٿيو جو نوح ٻيڙي ۾ گھڙيو ۽ ٻوڏ آئي ۽ سڀني کي ناس ڪري ڇڏيائين.
28
ساڳيءَ طرح لوط جي ڏينهن ۾ بہ ٿيو، اهي کائيندا پيئندا، وڻج واپار ڪندا، پوکيندا ۽ اڏيندا رهيا.
29
پر جنهن ڏينهن لوط سدوم شهر کان نڪري ٻاهر ٿيو هو، تنهن ڏينهن آسمان مان باهہ ۽ گندرف جو مينهن اچي وٺو هو ۽ انهن سڀني کي ناس ڪري ڇڏيو هئائين.
30
سو بلڪل ائين ئي ٿيندو جنهن وقت ابنِ آدم ظاهر ٿيندو.
31
انهيءَ وقت جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪوٺي تي آهي تہ هن کي پاڻ سان ڪا شيءِ کڻي نڪرڻ لاءِ لهي گھر ۾ وڃڻ نہ کپي ۽ ساڳيءَ ريت جيڪڏهن ڪو ٻنيءَ ۾ آهي تہ گھر ڏانهن موٽڻ نہ گھرجيس.
32
لوط جي زال واري ڳالهہ ياد رکجو.
33
جيڪو بہ پنهنجي جان بچائڻ جي ڪوشش ڪندو سو اها وڃائيندو، پر جيڪو وڃائيندو سو ئي اها بچائيندو.
34
آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ انهيءَ رات جيڪڏهن ٻہ ماڻهو گڏ هڪ بستري تي ستل هوندا تہ هڪڙو کنيو ويندو ۽ ٻئي کي ڇڏيو ويندو.
35
جيڪڏهن ٻہ عورتون گڏ ويٺيون جنڊ پيهنديون هونديون، تہ هڪڙي کنئي ويندي ۽ ٻيءَ کي ڇڏيو ويندو.
36
ٻنيءَ ۾ جيڪڏهن ٻہ ماڻهو هوندا تہ هڪڙو کنيو ويندو ۽ ٻئي کي ڇڏيو ويندو.“
37
شاگردن پڇيس تہ ”اي خداوند! اهو ڪٿي ٿيندو؟“ عيسيٰ وراڻين تہ ”جيئن ڳجھن جي مڙڻ مان اهو ظاهر ٿيندو آهي تہ اتي ڍونڍ آهي، تيئن اهو ظاهر ٿيندو.“
← Chapter 16
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 18 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24