bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Luke 21
Luke 21
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 20
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 22 →
1
عيسيٰ جڏهن نهاريو، تڏهن ڏٺائين تہ شاهوڪار ماڻهو هيڪل جي چندي جي پيتيءَ ۾ پنهنجا پنهنجا چندا وجھي رهيا آهن.
2
هن هڪ غريب رنزال کي بہ ان پيتيءَ ۾ ٻہ ننڍڙا سڪا وجھندي ڏٺو.
3
تنهن تي هن چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هن غريب رنزال سڀني کان وڌيڪ چندو ڏنو آهي.
4
جڏهن تہ ٻين، جيڪي پنهنجي گھرج کان وڌيڪ هئن تنهن مان ڏنو آهي، پر هن رنزال پنهنجي غربت مان بہ جيڪو هڙ ۾ هئس سو سڀ ڏنائين ۽ هاڻي زندگي گذارڻ لاءِ وٽس ڪجھہ بہ نہ رهيو آهي.“
5
ڪي شاگرد هيڪل بابت چوڻ لڳا تہ ”هي ڪيڏن نہ سهڻن پٿرن ۽ نذرانن جي سوکڙين سان سينگاريل آهي.“ تنهن تي عيسيٰ چيو تہ
6
”ڪو وقت ايندو تہ جيڪي شيون اوهين ڏسو ٿا تن جو ڪو پٿر پٿر تي نہ رهندو جيڪو ڊاٺو نہ ويندو.“
7
پوءِ انهن پڇيس تہ ”اي استاد! اهي ڳالهيون ڪڏهن ٿينديون؟ اها ڪهڙي نشاني هوندي جنهن مان خبر پوي تہ انهن ڳالهين جي ٿيڻ جو وقت اچي پهتو آهي؟“
8
عيسيٰ چين تہ ”هوشيار رهو، متان گمراهہ ٿي وڃو، ڇاڪاڻ تہ ڪيترائي منهنجي نالي سان ايندا ۽ هر ڪو چوندو تہ ’آءٌ مسيح آهيان.‘ يا وري چوندو تہ ’اهو وقت اچي پهتو آهي.‘ پر متان انهن جي پيروي ڪئي اٿوَ.
9
بلڪ جڏهن اوهين جنگين ۽ فسادن بابت ٻڌو تڏهن گھٻرائجو نہ، ڇو تہ اهي ڳالهيون پهريائين ضرور ٿينديون، پر پڄاڻي هڪدم ڪين ايندي.“
10
عيسيٰ انهن کي وڌيڪ چيو تہ ”قوم، قوم سان وڙهندي، بادشاهت، بادشاهت تي چڙهائي ڪندي،
11
وڏا وڏا زلزلا ايندا، ڪيترن ئي هنڌن تي ڏڪار ۽ وبائون پونديون. ان کان علاوہ آسمان ۾ هيبتناڪ ڳالهيون ۽ وڏيون نشانيون ڏسڻ ۾ اينديون.
12
پر هنن ڳالهين ٿيڻ کان اڳي ئي منهنجي نالي جي ڪري اوهين سوگھا ڪيا ويندا، اوهان کي ستايو ويندو، عبادتخانن جي اڳواڻن جي حوالي ڪيو ويندو، جيلن ۾ وڌو ويندو ۽ بادشاهن ۽ حاڪمن اڳيان پيش ڪيو ويندو.
13
انهيءَ مان اوهان کي خدا جي بادشاهيءَ بابت خوشخبري ٻڌائڻ جو موقعو ملي ويندو.
14
تنهنڪري پنهنجين دلين ۾ پڪو ارادو ڪريو تہ اوهين پنهنجي بچاءَ ۾ جواب ڏيڻ لاءِ اڳ ۾ ڪابہ ڳڻتي نہ ڪندا،
15
ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي اهڙي زبان ۽ اهڙي ڏاهپ ڏيندس جو اوهان جو ڪوبہ دشمن اوهان سان مقابلو يا مخالفت ڪري نہ سگھندو.
16
اوهان جا ماءُ پيءُ، ڀائر ڀينر، مٽ مائٽ ۽ سنگتي ساٿي بہ اوهان کي پڪڙائيندا ۽ اوهان مان ڪن کي قتل ڪيو ويندو.
17
هائو، منهنجي نالي جي ڪري سڀ ماڻهو اوهان سان دشمني رکندا.
18
پر اوهين بلڪل محفوظ آهيو.
19
سو انهن ڳالهين تي ثابت قدم رهي پنهنجي جان بچايو.“
20
”جڏهن اوهين ڏسو تہ يروشلم کي لشڪرن گھيري ورتو آهي، تڏهن ڄاڻجو تہ سندس تباهيءَ جو وقت اچي ويجھو ٿيو آهي.
21
پوءِ جيڪي هن شهر ۾ هجن سي ٻاهر نڪري وڃن ۽ جيڪي ٻهراڙيءَ ۾ هجن سي اندر شهر ۾ نہ گھڙن، بلڪ يهوديہ جي پوري علائقي وارا جبلن ڏانهن ڀڄي وڃن.
22
اهي خدا جي غضب جا ڏينهن ٿيندا، تہ جيئن پاڪ ڪلام جون سڀيئي ڳالهيون پوريون ٿين.
23
افسوس آهي انهن عورتن تي جيڪي انهن ڏينهن ۾ پيٽ سان هونديون يا جن کي ٿڃ ڌائيندڙ ٻار هوندا، ڇاڪاڻ تہ هن ملڪ تي وڏي مصيبت ايندي ۽ هن قوم تي غضب نازل ٿيندو.
24
انهن مان ڪن کي تلوار سان قتل ڪيو ويندو ۽ ڪن کي قيد ڪري ٻين قومن ۾ وٺي ويندا. جيستائين غير قومن جو مدو پورو نہ ٿيندو، تيستائين اهي يروشلم کي لتاڙينديون رهنديون.“
25
”پوءِ ڪو وقت ايندو جو سج، چنڊ ۽ تارن ۾ نشان ظاهر ٿيندا ۽ ڌرتيءَ تي قومن ۾ سمنڊ جي ڇولين جي وڏي شور ڪري خوف ۽ هراس ڇانئجي ويندو.
26
جيئن تہ آسماني طاقتون لُڏي وينديون، سو جيڪي آفتون ڌرتيءَ تي نازل ٿيڻيون هونديون، تن جي اُلڪي ۽ ڊپ کان ماڻهن جون دليون دهلجي وينديون.
27
تڏهن هو ابنِ آدم کي وڏيءَ قدرت ۽ شان وَ شوڪت سان هڪڙي ڪڪر تي ايندي ڏسندا.
28
جڏهن اهي ڳالهيون ٿيڻ لڳن تہ اٿي کڙا ٿجو ۽ مٿي نهارجو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جو ڇڏائجڻ اوهان جي ويجھو هوندو.“
29
عيسيٰ شاگردن کي هڪڙو مثال ڏنو تہ ” انجير جي وڻ بلڪ سڀني وڻن تي غور ڪريو.
30
جيئن ئي انهن ۾ پن اچن ٿا تہ اوهين پاڻ ئي ڄاڻي ٿا وٺو تہ اونهارو آيو ڪي آيو.
31
ساڳيءَ طرح جڏهن اوهين تڪليفن ۽ تباهين واريون اِهي ڳالهيون ٿيندي ڏسو تہ سمجھي وٺجو تہ خدا جي بادشاهي اچڻ واري آهي.
32
آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هن پيڙهيءَ جي هلندي هلندي اِهي سڀ ڳالهيون پوريون ٿينديون.
33
زمين ۽ آسمان ٽري ويندا پر منهنجيون ڳالهيون هرگز نہ ٽرنديون.“
34
”تنهنڪري پاڻ کي سنڀاليو، متان اوهان جون دليون هٻڇ، نشي ۽ هن حياتيءَ جي فڪرن ۾ ڦاسي پون ۽ اوچتو ئي اوچتو ابنِ آدم جي اچڻ جو اهو ڏينهن اوهان جي مٿان اچي ڪڙڪي.
35
هائو، اهو ڦندي وانگر سڄي ڌرتيءَ جي رهاڪن تي اچي ڪڙڪندو.
36
انهيءَ ڪري هر وقت جاڳندا ۽ دعا گھرندا رهو تہ اهي ڳالهيون جيڪي ٿيڻيون آهن، تن کان بچڻ ۽ ابنِ آدم جي حضور ۾ بيهڻ جي توفيق مليوَ.“
37
عيسيٰ ڏينهن جو روزانو هيڪل ۾ تعليم ڏيندو هو ۽ رات جو شهر کان ٻاهر وڃي زيتون نالي ٽڪر تي گذاريندو هو.
38
صبح جو سوير هر ڪو ماڻهو سندس ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ وٽس هيڪل ۾ ايندو هو.
← Chapter 20
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 22 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24